بهتر هوندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي جي اندر ئي وڙهي وڃي: چيف جسٽس

0
747
بااختيار ماڻهن اي سي ايل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي سڄي قومي اسيمبلي جو اندروني معاملو آهي ان ڪري بهتر هوندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي جي اندر ئي وڙهي وڃي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ بي اعتمادي واري رٿ کان اڳ سياسي جلسا روڪڻ بابت سپريم ڪورٽ بار جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي جي سلسلي ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻيا سياسي اڳواڻ به عدالت پهتا، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل چيو ته اسپيڪر کي 25 مارچ تي اجلاس گهرائڻ جو چيو ويو آهي

آرٽيڪل 95 تحت اجلاس 14 ڏينهن اندر گهرائڻ ضروري آهي، اسپيڪر کي 14 ڏينهن کان وڌيڪ دير ڪرڻ جو حق ناهي، بي اعتمادي رٿ تي فيصلو اچڻ تائين اجلاس اڻڄاتل مدي ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي

چيف جسٽس چيو ته عدالت کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻي آهي ته ڪنهن به ايونٽ سبب ڪو به ماڻهو ووٽ ڏيڻ کان محروم نه رهي، ووٽ ڏيڻ ميمبرن جو آئيني حق آهي، عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت جي قائل ناهي، عدالت رڳو هي چاهي ٿي ته ڪنهن جنهن جو حق متاثر نه ٿئي

جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هي قومي اسيمبلي جو اندروني معاملو آهي، بهتر ٿيندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي اندر ئي وڙهجي

ھي به پڙھندا

حڪومت آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو