نواز شريف ٻاهر ويهي توهان جي گهر ۾ گهڙي توهان کي ماريو آهي: مريم نواز

0
780
پُراڻي نواز ليگ نه سمجهو،

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نيوٽرل لفظ هڪ شخص جي هوا ڪڍي ڇڏي، نيوٽرل رهڻ آئين جي پاسداري آهي، پر اوهان چئي رهيا آهيو ته نيوٽرل جانور هوندو آهي

اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ شخص چاهي ٿو ته ڪو ٻيو سندس ڳڻپ پوري ڪري، اوهان جي راند پڄاڻي تي پهتي، هاڻي اوهان کي بچائڻ لاءِ ڪير به نه ايندو

مريم نواز چيو ته اوهان نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي نيوٽرل نه رهڻ ڏنو، اوهان 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ کان اڳ 10 ماڻهو پورا ڪيو، بي اعتمادي رٿ نيوٽرلٽي سان ڪامياب ٿيندي

هن چيو آهي ته عمران خان راند هارائي چڪو آهي، سڄي پارٽي سندس هٿن مان واريءَ جيان نڪري وئي،  نوازشريف ٻاهر ويهي توهان جي گهر ۾ گهڙي ماريو آهي

هن چيو ته عمران خان جي ڳڻپ ڪڏهن به پوري نه هئي، ڪڏهن چوي ٿو ته جيڪي ڇڏي ويا اهي واپس اچن، مان ڪجهه نه چوندس، ڪڏهن انهن کي چئو ٿا ته اهي لوٽا آهن جيڪي توهان کي ڇڏي ويا آهن انهن کي خريد ڪرڻ جي اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي

ھي به پڙھندا

سياسي جلسا روڪڻ لاءِ ٻڌڻي:شهباز، بلاول ۽ فضل الرحمان سپريم ڪورٽ پهچي ويا