دادو : بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عصمت طور جي  ڀاء نادر علي طور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن دادو پوليس منهنجي ڀيڻ عصمت جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري ها ته شايد ڀيڻ خودڪشي نه ڪري ها، ان جو اعتراف خود ڊي آء جي حيدرآباد به ڪيو هو ته واقعي ۾ سيتا پوليس جي غفلت آهي ، نادر علي چيو ته منهنجي ڀيڻ خودڪشي ڪري ڇڏي خدا جي واسطي ٻين نياڻين جون زندگيون بچايو ، پروين زندھ مثال آهي ، ان کي انصاف نه ڏنو وڃي اها روڊن تي احتجاج پئي ڪري ، سنڌ حڪومت قدم کڻي ،، پروين رند چيو ته نوشين ڪاظمي ، نمرتا چنداڻي ، نائله رند جا واقعا خودڪشي ناهن ، ڊي اين اي رپورٽ سڀ ڪجھ پڌرو ڪيو آهي ، مان حراسمنٽ جو زندھ ثبوت آهيان پر منهنجي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بچائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ، اسان جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاء سنڌ هاء ڪورٽ ۾ جلد درخواست داخل ڪنداسين ، هن چيو ته سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته آخر سنڌ حڪومت اهڙن واقعن تي ڇو خاموش آهي.