دادو ( رپورٽر ) سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۽ تعليمي ادارن مان ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ، نمرتا چنداڻي ، نائله رند جا  هاسٽل لاش ملڻ ، بليڪ ميلنگ تنگ ٿي ڊاڪٽر عصمت طور پاران خودڪشي ڪرڻ ۽ نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروين رند کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن خلاف جرنلسٽ رائيٽر ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ذوالفقار خاصخيلي ، ولي چانڊيو ، راجا رفيق پنهور ، شهناز سومرو ، ڊاڪٽر عصمت جي ڀاء نادر طور ، مجيب پنهور ، فنڪار رشيد چارڻ ۽ محمد بخش ڪورائي جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، ڪارڪنن ، شهرين ، عورتن هٿن ۾ بينر ۽ لائوڊ اسپيڪر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ، ايس پي چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري بک هڙتال ڪئي ، مظاهرين تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي لاش ملڻ وارن واقعن خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ،  احتجاج دوران حراسمينٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻايل پروين رند سخت گرمي ۽ تپش جي باوجود پيرين اگهاڙين احتجاج ۾ شامل ٿي ، مٿين اڳواڻن مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ۽ نمرتا چنداڻي جي ڊي اين اي رپورٽ سي ايم سي لاڙڪاڻو انتظاميا کي وائکو ڪيو ته ڊاڪٽر نوشين ۽ نمرتا جا واقعا خودڪشي نه پر قتل آهن، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اسان جون نياڻيون غير محفوظ آهن پر خبر ناهي سنڌ سرڪار اهڙن المين تي ڇو خاموش آهي، هڪ به شاگردياڻي جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو ، شاگردياڻين جي والدين کي دٻاء ذريعي خاموش ڪرايو وڃي ٿو، حراسمينٽ جو زندھ ثبوت پروين رند آهي، جنهن کي حراسمينٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ساڻس پيش آيل واقعي ۾ عورت ملازم به ملوث آهن، پوليس پروين رند جي واقعي کي لئه مٽ ڪرڻ جي سازش پئي ڪري پر سنڌ جو شعور پروين رند کي انصاف ڏياريندو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نوشين ، نمرتا ، نائله ، ڊاڪٽر عصمت طور جي واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جئين ٻيهر اهڙو ڪو واقعو پيش نه اچي