ڦري ويل ميمبرن پارٽي نه پر ملڪ جِي پُٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، غدارن جيان سزا ملڻ گهرجي: فواد چوڌري

0
153
پاڪستان جو مستقبل عدليه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان بغاوت ڪندڙ ميمبرز کي ملڪ سان غداري ڪندڙن جِيان سزا ملڻ گهرجي

پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته آرٽيڪل 63 اَي تحت ريفرنس داخل ڪرڻ جو مقصد سپريم ڪورٽ کي موقعو ڏيڻ آهي ته جيئن هارس ٽريڊنگ ۽ ڪرپشن جا ڊرامه هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجن

هن چيو ته ڦري ويل ميمبرن رڳو پي ٽي آءِ نه پر ملڪ جِي پُٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي، هنن کي سزا ڏيڻ ائين آهي جيئين ملڪ جي غدارن کي ڏني ويندي آهي

ھي به پڙھندا

حڪومت آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو