اسلام آباد پوليس ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

0
200
اسلام آباد پوليس ايمان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسلام آباد پوليس انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف داخل ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهرمن الله ايمان مزاري طرفان داخل ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

عدالت گهرو وزارت، انساني حقن واري وزارت ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ بلوچ شاگردن جي لساني پروفائيلنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف داخل ايف آءِ آر رد ڪئي وئي آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل طرفان عدالت ۾ ڏنل بيان تي عمل ڪندي اسلام آباد پوليس ايمان مزاري ۽ بلوچ شاگردن خلاف داخل ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ سندس ڌيءَ سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون