مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) مدئجي پوليس ڳوٺ ٻانڌي جوڻيجو تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي، اهلڪارن اياز جوڻيجو کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، موبائل جو موٽرسائيڪل  کي ٽڪر لڳڻ سبب سندس هڪ سال جو معصوم پٽ فرحان عرف رياض هيٺ ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ ڀاڳل زخمي ٿي پئي.ڳوٺاڻن ٽشاخي بس اسٽاپ مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٻار جو لاش رکي ڌرڻو هنيو.مسمات ڀاڳل، اربيلو، رياض جوڻيجو جو چوڻ هو ته دوا وٺڻ وڃي رهيا هئاسين ته  موٽرسائيڪل سوار اياز جوڻيجو کي موبائل ٽڪر هنيو،هڪ سال جو فرحان عرف رياض فوت ٿي ويو.هنن وڌيڪ چيوته اهلڪارن پٽ اياز مٿان تشدد ڪيو، جيڪو پوليس کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي ويو، پوليس ٻار کي بيگناھ ماريو آهي، هوڏانهن ڊي ايس پي مدئجي ڳالهين لاءِ پهتو پر ڳوٺاڻن کتو جواب ڏنو، سوين گاڏيون بيهجي ويون.جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو ڪيو، جنهن کيس جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو يقين ڏياريو، جنهن بعد وارثن پاران روڊ کوليو ويو.ڊي ايس پي مدئجي چيو ته ايس ايس پي شڪارپور جاچ ٽيم جوڙي آهي، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.