ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارائون سونم ۽ ڪرينا فلم انڊسٽري ۾ ڪپور خاندان جو چوٿون نسل بڻجي ويون آهن. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ سونم ڪپور ويجهون رشتيدار آهن ڇاڪاڻ ته ڪرينا جو ڏاڏو ۽ سونم جو ڏاڏو پاڻ ۾ سئوٽ هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪپور خاندان جون بالي ووڊ ۾ 92 سالن کان خدمتون جاري آهن. ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ راج ڪپور خاندان جو پهريون اداڪار بڻيو جڏهن ته ان بعد سندس ڀائر ششي ۽ شمي ڪپور به وڏو نالو ڪمايو، ڪرشمه ڪپور پهرين عورت اداڪارا جو اعزاز حاصل ڪيو جڏهن ته ڪرينا ۽ سونم خاندان جي چوٿين نسل جون اداڪارائون بڻيون آهن.