اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ٿي ويو، سينيٽ سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، يوسف رضا گيلاني 30 سينيٽرز جي صحيح سان درخواست سينيٽ چيئرمين وٽ جمع ڪرائي هئي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري مامري تي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ اختلاف سامهون آيا هئا.