اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي،  يوسف رضا گيلاني 30 ميمبرز  جي حمايت جون صحيحون ٿيل  درخواست جمع ڪرائي، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني 30 ميمبرز جي حمايت جي صحيح سان گڏ درخواست جمع ڪرائي، ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي پيپلزپارٽي کي ٻن آزاد ميمبرز جي حمايت به ملي وئي آهي. ذريعن موجب 2 آزاد ميمبرز، سينيٽر هدايت الله ۽ سينيٽر هلال الرحمان يوسف رضا گيلاني جي حمايت ۾ صحيح ڪئي، جنهن بعد پيپلزپارٽي کي مجموعي طور 26  سينيٽ ميمبرز جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي جو سينيٽ ۾ فاروڊ بلاڪ ٺهي ويو آهي، جنهن ۾ سينيٽر دلاور خان، سينيٽر احمد، سينيٽر کهدا بابر ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز شامل آهن، ذريعن موجب فاروڊ بلاڪ اپوزيشن ليڊر جي لاءِ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪري سگهي ٿو.