ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) خوراڪ کاتي جي سخاوت، جنوري ۽ فيبروري مهينن ۾ فلور ملز ۽ چڪي مالڪن کي مقرر ڪوٽا کان هڪ لک 27 هزار ٽن ڪڻڪ سبسڊي ريٽ ( 36 رپيا في ڪلو واري سستي اگهه) تي ڏيڻ جو انڪشاف، فلور ملز ۽ چڪي مالڪن کي  هڪ ارب 90 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهتو !! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ مختلف وقتن تي ڪڻڪ گُم ٿيڻ، خراب ٿيڻ ۽ چوري ٿيڻ وارن معاملن بعد سخاوت جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيدبينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص ڊويزنن جي فلور ملن ۽ اٽي چڪي مالڪن کي رڳو  جنوري ۽ فيبروري وارن ٻن مهينن دوران هڪ ارب 90 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي هٿ آيل دستاويزن موجب خوراڪ کاتي جي اختيارين جنوري 2021ع ۾ ڪراچي جي ملز کي 4 هزار  ٽن، حيدرآباد جي ملز کي 6 ۽ چڪي مالڪن کي 4 هزار ٽن، سکر جي ملز کي 14 هزار ۽ ميرپورخاص جي ملز کي 4 هزار ۽ چڪي مالڪن کي 2 هزار ٽن، لاڙڪاڻي جي ملز  کي 5500 ۽ چڪي مالڪن کي 1500 ٽن، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ملز کي 2400 ۽ چڪي مالڪن کي  3600 ٽن ڪڻڪ مقرر ڪوٽا کان وڌيڪ جاري ڪئي، اهڙي طرح فيبروري مهيني ۾ پڻ سخاوت برقرار رکندي ڪراچي جي ملز کي 30 هزار ٽن، حيدرآباد جي ملن کي 5200 ٽن، سکر جي ملن کي 16 هزار ٽن، ميرپور خاص جي ملن کي 9 هزار ۽ چڪي مالڪن کي 500 ٽن، لاڙڪاڻي جي ملن کي 7 هزار ۽ چڪي مالڪن کي 200 ٽن ۽  شهيد بينظير آباد جي ملز کي 10300 ٽن ڪڻڪ مقرر ڪوٽا کان وڌيڪ سبسڊي اگهن تي جاري ڪئي وئي،  مجموعي طور تي هلندڙ سال جي شروعاتي ٻن مهينن جنوري ۽ فيبروري دوران ڪوٽا کان وڌيڪ  هڪ لک 27 هزار ٽن ڪڻڪ سسبڊي ريٽ تي ڏني وئي آهي جنهن جو سِڌي ريت فلور مل مالڪن ۽ اٽي چڪي مالڪن کي هڪ ارب 90 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو رسيو آهي.