سوشل ميڊيا تي شهيدن جي توهين آميز مهم جي پويان پي ٽي آءِ جي ٽيم آهي:عطا تارڙ

0
47
سوشل ميڊيا تي شهيدن جي توهين آميز مهم جي پويان پي ٽي آءِ جي ٽيم آهي:عطا تارڙ
سوشل ميڊيا تي شهيدن جي توهين آميز مهم جي پويان پي ٽي آءِ جي ٽيم آهي:عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي شهيدن جي توهين آميز  مهم جي پويان پي ٽي آءِ جي ٽيم آهي، گذريل ڏينهن هڪ سياسي جماعت شهيدن جي قربانين تي توهين آميز مهم هلائي، سياسي جماعت جي ان مهم جي مذمت ڪريون ٿا

لاهور م پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته اتر وزيرستان  جي علائقي مير علي ۾ گذريل ڏينهن 7 شهادتون ٿيون، سياسي جماعت جي سوشل ميڊيا ٽيم فوجي جوانن جي شهادتن تي توهين آميز مهم هلائي قوم جي دل آزاري ڪئي

هن چيو ته لسٻيلا هيليڪاپٽر واقعي تي به ان جماعت توهين آميز مهم هلائي هئي، توهين آميز مهم هلائيندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ مزاحيه اڪائونٽ ٺاهي آءِ ايس پي آر ۽ شهيدن جي  توهين  ڪئي پئي وڃي

هن چيو ته اهو عمل برداشت جوڳو ناهي، سرحد پار کان پاڪستان مخالف لابي به مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي، قومي يڪجهتي ۽ سلامتي لاءِ هاڻي اسان کي متحد ٿيڻو پوندو

هي به پڙهندا

دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، واعدو ڪريون ٿا ته شهيدن جو رت رائگان نه ويندو: آصف زرداري