دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، واعدو ڪريون ٿا ته شهيدن جو رت رائگان نه ويندو: آصف زرداري

0
68

صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، اسان جي بهادر سپوتن مادر وطن جي دفاع ۾ جان جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو، واعدو ڪريون ٿا ته شهيدن جو رت رائگان نه ويندو

اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد  ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جا بهادر ڀائر، پٽ ۽ دوست سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن

هن چيو ته دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف حب الوطني جو هڪ شاندار مثال آهي، جنهن تي قوم کي سدائين فخر رهندو، واعدو ڪريون ٿا ته اسان جي سپوتن جو خون رائگان نه ويندو

صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني عوام ۽ فوج هڪ آهن، گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي