لطيف آباد ۾ عمرڪوٽ واسي نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ، قتل جو الزام، گهر مالڪ گرفتار

0
62
لطيف آباد ۾ عمرڪوٽ واسي نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ، قتل جو الزام، گهر مالڪ گرفتار
لطيف آباد ۾ عمرڪوٽ واسي نوجوان جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ، قتل جو الزام، گهر مالڪ گرفتار

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ قائم بنگلي ۾ عمرڪوٽ واسي نوجوان پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر، بي سيڪشن پوليس ڪيس داخل ڪري گهر مالڪ ڊاڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ملازم گهر جي واش روم ۾ مبينا آپگهات ڪيو، گهر ڌڻين پاران پوليس کي شروعاتي بيان

رپورٽ موجب لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ قائم گهر نمبر 46 اي مان 20 سالن جي عبدالرحمان پٽ ملوڪ سميجو جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو. گهر ڌڻين واقعي جو اطلاع بي سيڪشن پوليس کي ڏيندي ڄاڻايو ته سندن گهر ۾ چور داخل ٿيا جنهن بعد ڄاڻايل نوجوان گم ٿي ويو. ڳولا بعد واش روم مان سندس لاش مليو. بي سيڪشن پوليس گهر مالڪ ڊاڪٽر نعيم چوهاڻ ۽ سندس زال ڊاڪٽر مهوش چوهاڻ کي ليٽر ڏئي ڀٽائي اسپتال مان سندس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سندن حوالي ڪيو جن وارثن جي انتظار ۾ نوجوان جو لاش امانت طور حلال احمر اسپتال ۾ قائم مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو

فوتي نوجوان جي چاچي حبيب الله سميجو جو چوڻ آهي ته جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات 3 وڳي موبائيل فون ذريعي اطلاع ڏنو ويو ته سندس ڀائٽي جو لاش حلال احمر اسپتال ۾ پيل آهي ان ڪري اتي پهچي لاش کڻائي وڃو. فوتي جي چاچي موجب ته فون ڪندڙ پنهنجو نالو ڊاڪٽر صدام ٻڌايو

فوتي جا وارث حلال احمر اسپتال وڃڻ بدران بي سيڪشن ٿاڻي پهتا جتي انهن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته نوجوان عبدالرحمان سميجو کي مبينا طور قتل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر ۽ سندس زال کي گرفتار ڪيو وڃي. ايس ايڇ او بي سيڪشن ساجد آرائين موجب ته وارثن جي اسرار کانپوءِ فوتي نوجوان جي چاچي جي فرياد تي واقعي جو ڪيس ليڊي ڊاڪٽر سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو. ايس ايڇ او موجب فريادي حبيب الله ڄاڻايو آهي ته سندن تعلق عمرڪوٽ تعلقي جي سهراڻي ڳوٺ سان آهي

سندس ڀائٽيو ڪافي سالن کان ڊاڪٽر مهوش چوهاڻ وٽ سندس اسپتال ۾ ملازم طور ڪم ڪندو هو جنهن کي هو پنهنجي گهر ۾ رهائيندا هئا ۽ گهر ۾ کانئس بورچي طور ڪم ڪرايو ويندو هو

فريادي موجب ته شروعاتي بيان ۾ ڊاڪٽر نعيم ۽ سندس زال ڊاڪٽر مهوش ڄاڻايو آهي ته عبدالرحمان واش روم ۾ لڳل هينگر ۾ شلوار وارو اڳٺ ٻڌي مبينا ڦاهو کاڌو آهي جيڪا ڳالهه ڪيترن ئي خدشن کي جنم پئي ڏي ڇاڪاڻ ته هينگر پلاسٽڪ جو آهي جيڪو واش روم ۾ 4 فٽ جي بلندي تي لڳل آهي

۽ نوجوان جي عمر 20 کان 22 سال ۽ قد 6 فٽ هئڻ سبب هو هينگر ۾ آپگهات ڪيئن ڪري ها ان ڪري کين شڪ آهي ته نامعلوم سبب جي ڪري سندس ڀائٽي کي زال مڙس قتل ڪيو آهي جنهن ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر نعيم چوهاڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر بي سيڪشن پوليس پاران واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو ويو

فوتي نوجوان جو ننڍو ڀاءُ به ڊاڪٽرياڻي جي ڀيڻ جو ملازم

حيدرآباد: عمرڪوٽ واسي نوجوان عبدالرحمان سميجو جي پراسرار موت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. نوجوان  جي وارثن موجب ته سندس ننڍو ڀاءُ عبدالجبار سميجو ليڊي ڊاڪٽرياڻي مهوش جي ٻي ڀيڻ وٽ ملازمت ڪري ٿو

شروعاتي طور ڊاڪٽر صدام نالي شخص پاران فوتي جي چاچي حبيب الله سميجو کي فون تي اطلاع ڏنو ويو ته عبدالرحمان مبينا آپگهات ڪيو آهي جنهن جو لاش حلال احمر اسپتال ۾ رکرايو ويو آهي ان ڪري پهچي اتان لاش کڻائي وڃو

بي سيڪشن ٿاڻي تي موجود فوتي جي ننڍي ڀاءُ عبدالجبار پوليس ۽ وارثن کي ٻڌايو ته کيس ڊاڪٽر مهوش ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر نعيم پاڻ وٽ گهرايو ۽ زبردستي اڇي پني تي آڱوٺا به هڻايا ته جيئن هو پوليس ڪارروائي کان پاڻ کي بچائي سگهن.