شهيدن جون عظيم قربانيون رائگان نه وينديون: محسن نقوي

0
50
شهيدن جون عظيم قربانيون رائگان نه وينديون: محسن نقوي
شهيدن جون عظيم قربانيون رائگان نه وينديون: محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته شهيدن جون عظيم قربانيون رائگان نه وينديون،  مير علي ۾ دهشتگردن سان دليراڻي ويڙهه دوران شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف علي ۽ ڪئپٽن محمد احمد سميت 7جوان قوم جا هيرو آهن

هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ  ارادن کي ناڪام بڻايو

محسن نقوي چيو ته  پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي  رت سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تاريخ رقم ڪئي، شهيد اسان جو فخر آهن ۽ شهيدن جون عظيم قربانيون ضايع نه ٿينديون