سوال/سروي … چونڊيل نمائندن بعد سنڌ جا ماڻهو ڪامورن مان به ناخوش، سڄي صوبي ۾ هڪ به آفيسر عوام کي ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو، سڀئي آفيسر ڪرپشن ايمانداري سان ڪري رهيا آهن: عوام جي راءِ

0
184

سنڌ جي عوام 2022ع ۾ چونڊيل نمائندن کانپوءِ آفيسرن جي ڪارڪردگي به انتهائي ناقص قرار ڏئي ڇڏي، سموري سروي ۾ عوام ڪنهن هڪ آفيسر جي به ساراهه نه ڪئي. اڪثريت جي راءِ هئي ته ڪارڪردگي زيرو رهي. ڪجه جو خيال هو ته سمورا آفيسر ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن پر اهي عوام جي خدمت نه ٿا ڪن. پنهنجي اخبار جي سوشل ميديا پيج جي سلسلي سوال سروي ۾ عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2022ع ۾ اوهان جي علائقي جي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ ڪهڙي آفيسر يا ملازم جي ڪارڪردگي سڀ کان وڌيڪ خراب يا سٺي رهي؟ ان جي جواب ۾ گل حسن شر لکيو ته سڀ کان خراب ۽ ڪرپٽ واپڊا وارا آھن پنھنجي نااھلي نالائقي لڪائڻ لاء ماڻھن ڏي بوگس بل موڪلين ٿا جيڪي صرف ھڪ سيور ٻارين ٿا جن وٽ نہ فرج آھي نہ اي سي جو ڪو تصور آ رشوت عيوض ڪنڊا سسٽم کي ھٿي وٺرائي ان جو سڄو ملبو غريب ماڻھن تي ڪيرائن ٿا ڪارڪردگي سڀني جي زيرو آ جنھن وٽ اختيار آ اھو فرعون بڻيو ويٺو آھي. شفقت علي جروار لکيو ته بدين ضلعي جي انتظاميا گذريل 30 سالن کان نه ته عوام لاء ڊگهڙي کان ٽنڊو باگو روڊ رپيئر ڪرايو نه ٻوڏ ۾ عوام کي راشن يا بنيادي شيون مهيا ڪيون ۽ ٻي طرف ڊي سي بدين آغا شاهنواز ته چيو بدين م ٻوڏ ئي ناهي ٿي بدين ضلعي جو عوام اڄ به دربدر آهي بلڪل مالڪي ناهي ٿي. شنڪر لعل لکيو ته اسان وٽ گورنمينٽ آفيسر يا ملازم جي ڪارڪردگي تمام تر خراب رھي آھي ڇو ته اج ڪل گورنمينٽ ادارن ۾ عام ڪرپشن آهي خاص ڪري اسان جي سنڌ جي ادارن ۾. باغي مختيار ميمڻ دڙو مان لکيو ته سجاول ۽ ٺٽو ضلعو ٻئي نندڻڪا ضلعا رهيا آهن منسٽر, صلاحڪار, ايم اين اي, ايم پي اي هوندي به مسئلن ۽ بدامني جو شڪار رهيو آهي. عبدالغفور لکيو ته گذريل ڪيترن سالن کان يونين ڪائونسل آفيس فريدآباد غير فعال آهي ڪو به ملازم ڊيوٽي تي موجود نه ٿو رهي. عام خلق کي پنهنجي ضروري ڪمن لاءِ سوين روپيا ڀري ميھڙ وڃڻو پوي ٿو. جتي به کين رلايو وڃي ٿو، ھي کاتو مڪمل طور ناڪام آهي. نارائڻ داس لاکاڻي لکيو ته ڪارڪردگي جي ڳالھ لکڻ لآ تمام بھترين ۽ سرزمين تي ڏسڻ لآ ھوش اڏآمي ويندا. عطاءُ الرحمان ڪلهوڙو لکيو ته محمد اڪرم شيخ سيڪريٽري سئي گئس سوسائٽي واڌو واھ حيدرآباد، برسات جو پاڻي اڃا تائين روڊن ۽ گھٽين ۾ بيٺل آهي. شهمير علي لکيو ته اسان جي سنڌ جي آفيسرن جو ڪارو منھن آھي بس رڳو سندو پيٽ ڀرڻ جي پويان آھن غريب عوام جي ڪير به سار نٿو لھي. علي اڪبر بڪيرو دعا ڪئي ته آفيسرن کي الله پاڪ ايمان ڏي. مراد علي لکيو ته اسانجي شھر سيري م ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي اسان کي ڪوبه آفيسر چڱو نظر نه آيو جنهن جي ڪاڪردگي نالو وٺي بيان ڪريون. محمد علي راڄپر لکيو ته اسان جي تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڪارڪردگي بلڪل زيرو رھي. جنيد لغاري لکيو ته ضلعو دادو تعلقا ڪي اين شاھ ۾ جيڏو وڏو سيلاب هو اوترا وري آفيسر ظالم ۽ غريب دشمن هئا، مان چوا ٿو جيسين پي پي سنڌ ۾ ھوندي ڪو به آفيسر سنڌ ۾ سچائي سان ڪم ڪونه ڪندو، ڀلي پوءِ ڇو نه 2027ع هجي. قادر بخش زئور لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪارگردگي زيرو زيرو رھي. عمران گل سومرو لکيو ته اهو حال نه پڇو سڀ کائو پٽ آهن ڪنهن جو نالو لکجي اسان جو شهر ڳڙهي خيرو سدائين سورن م آهي. ڪو والي وارث ناهي جيڪو اچي ٿو مال کائي نڪتو ٿو وڃي. نواب شيخ لکيو ته سڀ کان وڌيڪ بدترين ڪارڪردگي يو سي سيڪريٽري جي رهي جيڪو نه صرف سڄو سال آفيس نه آيو پر يو سي مان ملندڙ سرٽيفڪيٽن جا اگھ مقرر ڪري ماڻھن کي ڦريندو به رهيو۔ توفيق کهاوڙ پوري قمبر ضلعي ۾ ڪوئي ڪم ناھي ٿيو پوءِ ڀي ووٽ سردارن جو ڇا ڪيون؟ مگسي- چانڊيو قمبر کي تباه ڪري ويا ڳوٺن ۾ بجلي تعليم تباه لڳي پئي آهي. محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ نه صفائي ٿي نه پاڻي ٿو هلي نه روڊ رستا ٺهيا. 2022ع ڏاڍو خراب سال هو. 2023ع  نئين سال نيون خوشيون اسان جي شهر جا آفيسرن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سڀئي ويچارا آفيسر ڪرپشن ايمانداري سان پيا ڪن. قربان علي میراڻی لکيو ته لڏوئي راشي ۽ ڪرپٽ آ صرف اليڪشن ٿيڻ وقت ظاھر ٿيندا في الحال غائب آھن ڪو اتو پتو ڪونھي ڪنھن جو نالو لکجي. حافظ راڄپر لکيو ته سڀ آفيسر پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن سڄو ٽولو جو ٽولو ڪرپٽ آهي. لائق چانڊيو وارهه مان لکيو ته اسان جو ڱوٺ رئيس جھان خان يونين ڪائونسل ميرپرٻرڙو ديھ ڳاڙهي جاگير تعلقو وارھ پي پي پي وارن نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ڪجھ به نه ڏنو اٿن. نعمت الله راهمون لکيو ته ڪامرون جي ڪارڪردگي زیرو بہ ناھی. فرحان علي لکيو ته انهن جي ڪارڪردگي بلڪل خراب آهي. جمالي امتياز لکيو ته ڪا به ڪارڪدگي نه رهي. شجر عباس جمکرانی ۽ مطلب ڪي دنيا لکيو ته سڀني پي پي نوازيل آفيسرن جو دانگيءَ سان منھن ڪارو آھي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪنھن جي ڳالهه ڪجي سڀ سر جا سائين آھن بس سدائين خوش ھجن غريبن جي پارت ھجين سائينجن کي. امتياز علي لکيو ته سڀئي ويچارا آفيسر ڪرپشن ايمانداري سان پيا ڪن. محمد فياض وساڻ لکيو ته ضلعي سانگھڙ ۾ اسان جي علائقي ۾ ڪارگردگي زيرو زيرو رھي آھي. محمد اسماعيل لانگاھ ڊرگھ بالا ڪاڇو کان لکيو ته اسان جي علائقن کي سرڪاري آفيسرن تباهي ڪنڌي تي پهچايو. ڪارڪردگي زيرو زيرو زيرو رهي. ڪروڙين رپيا ترقياتي ڪمن جا کائي چٽ ڪيا ويا آهن. نقاش پيرزاده لکيو ته 2022ع ۾ هر کاتي جي ڪارڪردگي خراب رهي. مير نور علي لکيو ته سانگهڙ انتظامي طور تي نڌڻڪو ضلعو آهي سابقه ڊي سي عمران الحسن خواجه يا موجوده ڊي سي صديق ميمڻ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو. ڊي سيز سان گڏ ايس ايس پي سانگهڙ فرخ لنجار جي ڪارڪرگي زيرو رهي آهي. ضلعي ۾ ڪو به خاص ترقياتي ڪم ناهي ٿيو ان کان علاوه امن امان جي صورتحال به بهتر ناهي رهي 2022 ۾ انتظاميا مڪمل طور تي تماشائي بڻيل رهي آهي. جنيد زرين بلوچ لکيو ته سنڌ جي ھر اداري جي ڪارڪردگي ڏنو پٽ ڇٽي جو. مطلب رشوت جي بازار گرم ھئي. باقي 2022 سئي گئس وارن ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيا. محلي ڀريا، غريب آباد، ماڊل ٽائون ۾ سئي گئس جي ميٽرن وارن جا ڪنيڪشن بل ڪليئر ھئڻ باوجود ھن مھل تائين بحال نه ٿي سگھيا آهن. جن لاءِ سئي گئس آفيس انچارج ڄامشورو سٽي آفيس سنڌ يونيورسٽي ھائو سنگ سوسائٽي ۾ آفيسر انصاف دستي خلاف 20.10.2022 تي حيدرآباد ڄامشورو روڊ سم نالي وٽان بند ڪري احتجاج ڪيو ويو. ۽ آر.ايم.او.حيدرآباد، ڪوٽڙي زون جي انچارج کان سواءِ جي ايم ڪراچي، ۽ محتسب اعليٰ حيدرآباد تائين شڪايتون ڪيون پر ڪيترين ئي گھٽين جا ڪليئر بل پر ڪنيڪشن بحال نه ٿيا ان آفيسر کي سلام آ جن جا ايڏا وڏا ھٿ آهن. توفيق کهاوڙ لکيو ته جيڪو ڀي فنڊ جا پئسا اچن ته صرف احساس پروگرام يا بينظير ڪارڊ ۾ ڏيو – يو سي چيئرمين يا ناظم کي نا ڏِيو سِنڌ حڪومت ۽ نمائنده پاڻ کائي وڃن ٿا. مير شهداد لغاري لکيو ته دادو ۾ ميونسپل انتظاميه جي ايڏي ته لاپرواهي آھي جو ڳوٺاڻا علائقا ته سڀ جا سڀ گندگي جي ور چڙھيل آھن پر شھري علائقا به مڪمل تباه نظر اچي رهيا آھن. دادو شھر جا ڪيترا ائي اھڙا علائقا آھن جن ۾ ته ميونسپل جو عملو ئي نظر نه ايندو آھي پر ھاڻ ته شھر جا مک روڊ رستا مڪمل گندگي ۽ گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن. روز شھر جي مين روڊن تي گندو پاڻي تلاء جا منظر پيش ڪندو رھي ٿو پر انتظاميه نيڪال نه ٿي ڪرائي سگھي. آخر ھيڏي وڏي شھر سان ايڏو ظلم ڇو ۽ ڇا جي لاء؟ ايئن ٿو لڳي ته ميونسپل انتظاميه کي ٽڪي جي پرواه ناهي ان جي ڪري ايئن ٿي ڪري، پر ميونسپل انتظاميه کان پڇاڻو ڪرڻ وارو آخر ڪير ڪونهي ڇا جو صفا ايڏو ظلم آھي دادو سان، يا لڳي ٿو آفيسر طبقو ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھي دادو شھر کي تباه ڪرڻ ۾ آخر دانھن ڏجي ته ڏجي ڪنھن کي…؟ وشال ڪنگراڻي چيو ته آفيسرن جي ڪا به ڪارڪردگي نه رهي. فيصل خان لکيو ته ڪارڪردگي ٿرڊ ڪلاس رهي، عبدالغفار خان لکيو ته پٽيوالي کان وٺي چيف سيڪريٽري تائين سڀ هڪ جهڙا رشوت خور آھن، هڪ ڪم ڪندا آھن پادرن تي ٻيو وري پئسن تي. دلالي سسٽم آھي ماڻھو سئو چڪر رلي ڪري مجبور ٿي دلالن کان ڪم ڪرائيندا آھن. ڪنهن علائقي جي ڳالھ نه ڪريون سڄي سنڌ ۾ اهڙو حال آھي. شفيق احمد، عبدالغفار سروهي ۽ حق نواز پنهيار به آفيسرن جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏني.