ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ٽيسٽ ميچ دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنا نتيجي ختم ٿي وئي، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز 0-0 تان برابري ٿي وئي، سرفراز احمد پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار. ان سلسلي ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ چوٿين ڏينهن 5 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنز تي اننگز ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي 319 رنز جو هدف ڏنو. پاڪستان چوٿين ڏينهن 3 اوورن ۾ بنا ڪنهن رن جي 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن قومي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 319 رنز گهربل هيون جڏهن ته نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 8 وڪيٽن جي ضرورت هئي. امام الحق 12، شان مسعود 35 ۽ ڪپتان بابراعظم 27 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پاڪستان جي اڌ ٽيم 80 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سرفراز احمد سندرو ٻڌي ورتو. سرفراز احمد ۽ سعود شڪيل ڇهين وڪيٽ تي 123 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي. سعود شڪيل 146 بالن تي 32 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، آغا سلمان 30 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو. حسن علي 5 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. سرفراز احمد اڪيلي سر مزاحمت ڪندي 118 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيندڙ نائون رانديگر بڻيو. پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 287 رنز ٺاهي ورتيون هيون ته سرفراز احمد آئوٽ ٿي ويو. نسيم شاهه ۽ ابرار احمد آخري وڪيٽ تي ساڍا 3 اوور کيڏي ميچ ڊرا ڪرائي.