ڇوڏاھو روڊ تان لوڊيڊ ٽريڪٽر ٽرالن جو آزار ڪڏھن ختم ٿيندو؟

 

ڪنب شھر جي اتر ۾ باب فاروق اعظم گيٽ واقع آھي، جتان ڇوڏاھو روڊ جي شروعات ٿئي ٿي ۽ خيرپورميرس جي چانڊيا موڙ وٽ ھي روڊ وڃي اختتام تي پھچي ٿو، ھن روڊ کي جيڪڏھن ڪنب جي مکيه روڊن مان چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ھن روڊ جا لنگھه. خيرپور ضلعي جي مختلف شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين کي ھڪ ٻئي سان ڳنڍين ٿا، جھڙوڪ اولهه ۾ گمبٽ، ڇوڏاھو، ٽنڊومستي، اوڀر ۾ نارو ڍورو شگر مل، ڪوٽ بنگلو، اتر ۾ خيرپور ۽ ڏکڻ ۾ ڪنب شھر واقع آھن. ھن روڊ جي آسپاس ۾ مٺي پاڻيءَ جي جر سبب آبادي پڻ تمام گھڻي ڳتيل آھي، روڊ جي آسپاس ڪيترائي سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارا، ديني مدرسا، مسجدن کان سواءِ مختلف شين جا دڪان، اسپتالون، ميڊيڪل اسٽور ۽ برف جا ڪارخانا واقع آھن، جنھن ڪري ھي روڊ ھر وقت عام ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ سبب ئي جام رھي ٿو پر خاص طور ڪمند جي پيڙائيءَ جي موسم ۾ ھن روڊ تي ڪمنڊ جي ٽرالين، ٽرڪن جي رش ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. ھن روڊ تي نارو ڍورو شگر مل، راڻي پور شگر مل ڏانھن ڀرجي ويندڙ ٽريڪٽر ٽراليون، ٽرڪون ۽ اٺ گاڏن کان سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين شگر ملز ڏانھن ڀرجي ويندڙ ٽرڪن، ٽرالن جي اچ وڃ سبب ھن روڊ تي ٽريفڪ تمام جام ٿيو وڃي. خاص طور خميس جي ڏينھن مال جي پڙي لڳڻ سبب ھن روڊ کان چوپايو مال مختلف ڳوٺن کان وڪري لاءِ اچي ٿو جنھن سبب رش وڌيو وڃي ۽ عام ڏينھن ۾ پڻ اسڪول ۽  ڪاليجز جي وقت ته تمام گھڻي رش ٿئي ٿي، جنھن سبب ھن علائقي جا رھواسي، خاص طور تي وڏي ڄمار جي ماڻھن، مريضن، اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻين ۽ شھرين کي تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي مودبانه گذارش ٿي ڪجي ته ھن روڊ تان ڪمنڊ جي ٽرالين ۽ ٻين وڏين گاڏين جو آزار ختم ڪرايو وڃي ته جيئن ڇوڏاھو روڊ ۽ آسپاس جي آبادي سک جو ساهه کڻي سگھي.

 

ستار سنڌي/ ڪنب

سنڌ جي ٻھراڙين جي  تعليم ۾ SEF جو ڪردار!

 

دنيا جي هر تهذيب ۾ تعليم کي وڏي اهميت حاصل آھي، انسان ۽ حيوان ۾ فرق ظاهر ڪندڙ شيءِ به علم ئي آھي، ڇو ته انسان ۾ انسانيت به تعليم ذريعي اچي ٿي، تعليم کان سواءِ جاهل انسان حيوان مثل آھي. انسانذات جا سڀ کان وڏي ۾ وڏا معلم پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته “تعليم حاصل ڪريو، پوءِ ان لاءِ ڀلي اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي.” اڄ کان 14 سئو سال اڳ جنهن وقت سفر جون به ڪي سهولتون موجود نه هيون ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان زماني ۾ اهڙو تاڪيد فرمائي تعليم جي اهميت کي دنيا آڏو اجاگر ڪري ڇڏيو. اڄ پوري دنيا اندر تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، دنيا جا ملڪ تعليمي ميدان ۾ ترقي ڪري اڳتي وڌي رهيا آھن پر افسوس جو پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ جون ٻھراڙيون تعليمي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي پيل آھن. اسان وٽ ٻھراڙين ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آھن جيڪي تعليم ۽ ادارن کان محروم آھن، ڪجھه علائقن ۾ اسڪول بند پيل آھن، جيڪي کليل آھن ته اتي به ڪي سهولتون ناھن، پرائمري اسڪول ته هڪ يا ٻن ٽيچرن وارا آھن پر ڪجھه علائقن ۾ مڊل اسڪول پڻ هڪ يا ٻن استادن وارا آھن. سوچڻ جي ڳالهه آھي ته هڪ يا ٻه استاد مختلف ڪلاسن ۾ 7، 7 سبجيڪٽ ڪيئن پڙهائي سگهندا؟ بس نالي ماتر تعليم پيا ڏيندا، باقي سنڌ حڪومت جي اداري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تي اسان کي ناز آھي، جو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تعليمي لحاظ کان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انقلابي قدم کنيا آھن، هن اداري سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اعليٰ قسم جا ادارا قائم ڪري مفت ڪتاب، مفت معياري تعليم سان گڏ ئي سهولتون ميسر ڪيون آھن جيڪي شهرن جي خانگي ادارن ۾ آهن. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ادارن ۾ هر سبجيڪٽ جا اسپيشلسٽ استاد مقرر آهن، جن کي لاڳاپيل سبجيڪٽن جي سکيا ڏياري ٿي وڃي، ان کان سواءِ شاگردن جي هر سال IBA جهڙي نالي واري اداري کان اسيسمنٽ پڻ ڪرائي وڃي ٿي، جنهن ڪري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لاڳاپيل ادارن مان بهتر نتيجا ملي رهيا آھن، اسان سنڌ حڪومت کي اها اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا وڌ کان وڌ ادارا قائم ڪيا وڃن جيئن سنڌ حڪومت جو جيڪو مفت معياري تعليم سڀني لاءِ وارو واعدو آهي اهو پورو ٿي سگهي.

 

محمد اسلم سومرو/ کرڙاهه ٺري، ميرواهه

گئس جو بحران آخر ڪيستائين؟

 

ڏٺو وڃي ته سنڌ جا ڪجهه بنيادي مسئلا اھڙا آهن جيڪي اڄ تائين حل نه ٿي سگهيا آهن، جهڙوڪ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، بجلي ۽ گئس جو بحران وغيره گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جا حڪمران ڪنهن به بنيادي مسئلي تي ضابطو نه آڻي سگهيا آهن، ھاڻي اچون پيا اصل مسئلي تي ته سيارو ايندي ئي سنڌ ۾ گئس جو بحران پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو ھر ڀيري ڪيو ويندو آھي، ايئڻ کڻي چئجي ته ھٿ سان ڪيو ويندو آھي، ھن ڀيري به جيئن ئي سيارو آيو آھي ته پوري سنڌ ۾ گئس اڻلڀ ٿي وئي آھي، جنھن جي ڪري عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻارڙا صبح جو بنا ناشتي جي اسڪول وڃي رهيا آهن، ھتان جا ماڻھو ھن جديد دور ۾ به ڪاٺين تي گذارو ڪري رھيا آھن، آخر ھي گئس جو بحران ڪيستائين رهندو ۽ عوام اهو ڀوڳيندو رهندو؟ سنڌ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن غريبن جون پريشانيون دور ٿين.

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

اٽي جي قيمت گهٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت بيوس ڇو آهي؟‎‎

 

اڳي چوندا ھئا ته غريب غربت سبب بک ۾ مرچن جي چٽڻي ۽ ڪڻڪ جي مانيءَ تي يا ڪڻڪ جي ماني ۽ بصر سان کائي به گذر سفر ڪندا هئا پر هينئر جيڪو وقت هلي پيو ان ۾ غريب کان ڪڻڪ جي ماني، مرچن جي چٽڻي ۽ بصر به کسيو ويو آهي، جيڪو سراسر ظلم جي انتها آهي. هاڻ ٿورو غور سان سوچيون ته جنهن مزدور جي مزدوري 4 يا 5 سئو رپيا آهي ۽ ننڍي ۾ ننڍي خاندان کي روزاني گهٽ ۾ گھٽ ٻه کان 3 ڪلو اٽو کپي ۽ 150 رپين جي حساب سان ٻه ڪلو اٽي جي قيمت 300 رپيا ٿيندي، باقي بچا سئو يا ٻه سئو رپيا جنهن مان غريب بصر وٺندو، مرچ وٺندو، گيهه وٺندو، لوڻ وٺندو يا دال وٺندو؟ سمجھه ۾ نٿو اچي ته غريب ڪڻڪ جي ماني پاڻيءَ سان ٻوڙي کائڻ کان به رهجي ويو آهي، آخرڪار غريب عوام جو ڇا ٿيندو؟ ڪڻڪ سنڌ جي سرڪاري گدامن ۾ سرو لڳڻ سبب خراب ٿي رهي آهي پر غريب تائين نٿي پهچي، جڏھن چڪي مالڪن کان پڇا ڪجي ٿي ته هو ٻڌائين ٿا ته اسان کي چار ٻوريون ڪڻڪ جون ملن ٿيون ۽ کپت 20 ٻورين جي آھي، باقي ڪڻڪ اسان کي بليڪ تي ملي ٿي، ان ڪري اسان اٽي جي قيمتن ۾  اضافو ڪندا ٿا وڃو، جيڪڏهن حڪومت بليڪ تي ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري ته اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي سگھي ٿي. ھاڻ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن چڪي مالڪن کي جيڪا ڪڻڪ بليڪ تي ملي ٿي ان جي پٺيان جيڪي هٿ آهن انهن خلاف سنڌ حڪومت آخر ايڪشن کڻڻ لاءِ ايتري بيوس ڇو آهي؟ سنڌ جي هر ضلعي جي ڊي سي ۽ اي سي وٽ اختيار هوندي به بليڪ ميل ڪندڙن کي جيل ڀيڙو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت اٽي جون قيمتون به گهٽائي نه ٿي سگهي ته پوءِ اسان اهو ئي سمجهون ته سنڌ حڪومت پاڻ مافيا راج سان مليل آهي ۽ غريب جي دشمن آهي. اسان ھاڻي سنڌ حڪومت کان مايوس ٿي چڪا آهيون پوءِ به اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي عرض ڪنداسين ته غريب جي زندگي ڪڻڪ سان آهي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي وڃي.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

جوھيءَ جي آبادگارن سان انصاف ڪيو!‎‎

 

ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، جوهي تعلقي ۾ 5 مهينا اڳ ٻوڏ وڏي تباھي مچائي ڇڏي هئي، آبادگارن جا پوکيل لکين رپين جو فصل لڙھي ويا، جنهن جو اڃا تائين اضالو نه ٿي سگهيو آھي، مقامي آبادگارن، هارين پنهنجي مدد پاڻ تحت زرعي زمينن تان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري قرض کڻي وياج تي ٻج ڀاڻ وٺي چيٽ جو فصل ڪڻڪ جي پوکائي شروع ڪئي ته ڪاري موري وٽ پل ڪرڻ سبب جوهي ڏانهن ايندڙ زرعي پاڻي بند ٿي ويو آھي، ڄڻ چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي جي ڪامورن لاءِ عيد ٿي وئي آهي، آبپاشي کاتي پاران جوهي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪجھه ٽريڪٽرن ذريعي لفٽ مشينون لڳائي آبپاشي ڪامورن حڪمران ڌرين جي ملي ڀڳت سان تيل جي مد ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي پر لفٽ مشينن وارو پاڻي جوهي جي آبادگارن کي لاڀ نه ڏئي سگهيو آهي. زرعي پاڻي جوهي جي شاخن ۾ نه پهچڻ تي آبادگارن جو پوکيل لکين رپين جو چيٽ جو  فصل سڪي رهيو آھي، آبادگارن موجب حڪمران ڌرين آبپاشي ڪامورن جي نااهلي جي ڪري زرعي پاڻي جوهي تائين نه پهچي سگهيو آھي، فصل نه ٿيڻ تي جوهي جا آبادگار هاري ناري بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويندا، آبادگارن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته جوهي جي آبادگارن جي معاشي قتلام ڪندڙ آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري جوهي واسين کي زرعي پاڻي پهچايو وڃي.

 

سمير بروهي/واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ڪجھه ڳالههيون ڳوارن جون!

 

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ۽ شبو نه آھي ته سنڌ جي ادارن جي تباھي ۽ سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪا ڪثر نه ڇڏي آھي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏھاڪن ته مشتمل آھي، پر پرفارمينس جي ڏسجي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن. بلاول ڀٽو زرداري جي تصوير ڪنهن عوامي اسڪول جي ٻارن سان ڏسي ڏاڍو رنجيده ٿي ويس. مسٽر زرداري کي چار لک کان وڌيڪ مهانگو بوٽ پاتل آھي، ٻئي پاسي سنڌ جا معصوم ٻارڙا پيري اگھاڙا ڏسي سگھجن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ شرم جي ڳالهه ٻي ڪھڙي ٿيندي؟!  سنڌ سرڪار صوبي جي عوام سان اھڙو حشر ڪيو آھي جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان؟ اڄ سنڌ جي اندر ھرطرف بدامني، بيواجبيون، ناانصافيون، ٺڳيون، رشوتون، ڀتا خوريون، مافيا جو سرگرميون، ميرٽ جي پائمالي، ڦرون ۽ ڌاڙا پنهنجي عروج تي آھن. حڪومتي ٽولو صرف پنهنجي عياشين ۾ مگن آھي. مون کي حيرت ٿئي ٿي بلاول ڀٽو جي قيادت تي جيڪو سنڌ جا لاهه ڪڍي ھاڻ ملڪ جا لاهه ڪڍڻ جي لاءِ نڪتو آھي. سنڌيءَ ۾ چوندا آھن ته “جنهن پنهنجن کي پڳون ڪونه ٻڌرايون سو ڌارين کي ڌوڙ ٻڌرائيندو.” ڏيکاريل تصوير ۾ معصوم بلڪل به بيخبر آھن ته سندن سان اھڙو حشر ڪندڙ سندن سامھون آھي، جيڪر خبر ھجين ھا ته زرداري کي ضرور چون ھا “ھيءَ سڀ توهان جون ڀلايون آھن.”

 

امتياز عيسيٰ ھاليپوٽو /سيوهڻ

 

پئسي جي پيار ۾ محبت وڃائجي وئي!‎‎

 

هونئن ته اڄ جي دور جا ماڻهو فلمي اداڪارن جيان ڊائلاگ هڻندا آهن ته پئسي کي ڪتو به نٿو پڇي، پئسو ڪتي اڳيان اڇلبو ته اهو به ڪون کڻندو پر اهي ڳالهيون صرف ٻڌڻ ۾ سٺيون لڳنديون آهن پر حقيقت ۾ انهن ڳالهين کي ڪنهن ردي جي ڍير برابر آهن، حقيقت ۾ اهي ڳالهيون ڪونه ٿيون هلن، پئسي جي ڪري انسان ڪريل کان ڪريل ڪم ڪري ڇڏي ٿو، جنهن وٽ پئسو آهي ان کي ڪير به ياد ناهي، مٽي مائٽي، دوستي ياري، ايساتئين جو هن وٽ ماءُ ۽پيءُ جو به قدر ناهي رهندو. هو پئسو ڪمائڻ ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو آهي جو کيس ماءُ پيءُ کان حال احوال وٺڻ جي واندڪائي ناهي، هو ايڏو امير ٿي ويو آهي جو پنهنجي غريب پيءُ کان اهو نٿو پچي ته بابا توهان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته ناهي؟ مون ماڻهن کي ٻن قسمن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي، هڪ شادي کان پوءِ ٻيو پئسو ملڻ کان پوءِ. شادي کان پوءِ صرف نافرمان اولاد ماءُ ۽ پيءُ کان منهن موڙيندو آهي، باقي فرمانبردار اولاد پنهنجي جان به والدين تان گهور ڪري ڇڏيندا آهن. پئسو گهڻن کي پنهنجي ڦيري ۾آڻي ڇڏيندو آهي، ان کان اڳ جو پئسو ذهن تي سوار ٿئي، ان کان پهرين پئسو خرچ ڪري ڇڏجي، ان کان اسان کي اهو فائدو ٿيندو ته اسان جو معيار ڪرندو نه، اسان جي عزت اسان جو ڪردار ماڻهن جي نظرن ۾ اها ئي هوندي جيڪا اڳ هئي، ان کان اسان کي نقصان ٿيندو ته اسان جو پئسو اسان وٽ نه رهندو، پر اسان جي ڪردار اسان جي مقام تي داغ نه لڳندو. چوڻيءَ جيان لک وڃائجي پر لڇڻ نه وڃائجي، هر شيءِ پئسي سان ناهي ملندي! ڪنهن جي دل ۾ توهان جاءِ پئسن کان ڪونج ٺاهي سگهندا، پوءِ ڀلي توهان شهر جو مهانگي کان مهانگو گهر وٺڻ جيتري ملڪيت رکندا هجو، پئسي وارا ناتا عارضي هوندا آهن، سڄي زندگي تائين نه اهي عرضي هوندا آهن، پئسي کي دنيا کان مٿي نه سمجهو ڇو ته انهي دنيا ۾ توهان جو خاندان ۽ توهان جو ڪٽنب به شامل آهي.

 

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور

 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قومي ليڊر!

 

05 جنوري جنهن ڏينهن تي پاڪستان جي عظيم ۽ قومي ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي ويندي آهي، پ پ پ جي اهتمام هيٺ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيڪ ڪٽيا ويندا آهن، ڪارڪن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندا آهن، ڀٽو هڪ شخص نه بلڪ هڪ سوچ جو نالو آهي، پاڪستان جي سياسي تاريخ جا پنا اٿلائڻ سان معلوم ٿيندو ته ذوالفقار علي ڀٽو بذات خود پاڪستان لاءِ گهڻي کان گهڻو ڪجهه ڪري ويو، خاص ڪري غريب عوام کي شعور ۽ طاقت ڏيڻ تائين ڀٽو صاحب جو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام جي پهچ تائين ڪردار ۽ خدمتون هميشه ياد رهنديون. اهائي ڳالهه آهي ته ڀٽو کان پوءِ ان جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جنهن لاءِ ملڪ جي عوام خاص ڪري اهو چوندو هو ته “ڀٽو ڪي تصوير، بينظير” جنهن به ملڪ ۽ عوام لاءِ پنهنجي والد جي مشن کي هٿي ڏيڻ تائين آخرڪار جان جي قرباني ڏئي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هميشه امر بڻجي وئي. ڀٽو صاحب 05 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد سر شاهنواز ڀٽو سنڌ جو بااثر زميدار ۽ سياستدان هو، ڀٽو ابتدائي تعليم بمبئي ۾ ۽ اعليٰ تعليم برگلي يونيورسٽي ڪيلوفورنيا ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، ڀٽو صاحب 1962ع ۾ پرڏيهي وزير بڻيو، جتان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. 1966ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اعلان تاشقند تي صحيحون ڪيون، جتان ايوب خان سان ڀٽو صاحب جا اختلاف ٿيا ۽ بعد ۾ ڀٽو پرڏيهي وزارت تان استعيفيٰ ڏني، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽو هڪ وڏو ليڊر هو، جنهن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ لاءِ سڀ صلاحيتون قطب آنديون. اڄ پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، جيڪو ڀٽو جو خواب هو. 43 سال اڳ ڀٽو کي هڪ قتل ڪيس ۾ ڦاسائي سندس عدالتي قتل ڪيو ويو، ڀٽو شهيد آهي، شهيد زنده رهندا آهن.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

آخر ڪڏھن؟!

 

2022ع جو سج پنھجا پساهه پورا ڪري لھي ويو پر 2022ع جو سج پنھنجا ڪارا نشان ۽ پاڇا ھن سنڌو ماٿريءَ جي ماروئڙن جي تاريخ ۾ ڇڏي ويو. اھو ساڳيو ئي سج ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ نوان خواب، اميدون ۽ مقصدن جو پورائو پڻ کڻي آيو. ساڳئي وقت سنڌ واسين جي لاءِ ڏکوئيندڙ حادثا، ٻوڏون، برساتون، بک ۽ افلاس جي صورت ۾ کڻي آيو، ساڳئي وقت 2022ع جو سال قطر، دبئي، يورپ ۽ آمريڪا سميت سمورن ملڪن لاءِ نئين حاصلات جو سال ليکجي ٿو، ساڳئي وقت چين ۽ روس جي لاءِ طاقتور ٿيڻ جي نئين باب جي شروعات جو سال پڻ رھيو پر اسان وٽ سياسي حوالي سان سواءِ ٻن ٽن چور ۽ لٽيرا خاندانن جي نالن ٻڌڻ سوا ڪجھه نه مليو. سنڌي ماڻھو ھيڏي وڏي دردناڪ عذاب مان گذرڻ کان پوءِ بجاءِ جو نئين سال ۾ ڪي اپاءَ وٺن پر فقط سموري نقصان جو ذميوار قدرت کي قرار ڏئي حقيقي قاتلن، سفاڪن کي ان ڏوهه مان آزاد ڪري ساڳيان لاٽون ساڳيان چڳھه واري ريت اپنائڻ نه ڇڏي، ڪو به ماڻھو پنھنجي گذريل سموري سال جو احتساب ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي جڏھن به ھر سال جو گذريل آخري مھينو ڊسمبر ايندو آ ته سڀني کي فقط پنھجا محبوب ياد ايندا آھن پر ڪو به ماڻھو پنھجي وڃايل قومي حيثيت اعتبار ۽ وقار بابت سوچڻ لاءِ تيار ڪونھي، ھر ماڻھو پنھجي خصيص پڻي ۾ ڦاٿل آھي، آخر ڪير اسان جي حالت تبديل ڪندو؟ آخر ڪڏھن نئون سال اسان جي لاءِ به نئون سال ثابت ٿيندو؟

 

احسان سھتو/گمبٽ

سنڌ جي تعليم ۽ تدريس بابت تجويزون!

 

جيئن ته سنڌ حڪومت طرفان JEST ۽ PST اميدوارن کي 40 مارڪن تي پاس ڪرڻ وارو فيصلو تمام بھترين ثابت ٿيو آھي، ان سان گڏ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه طرفان 40 پلس مارڪن تي اميدوارن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکڻ جي پڻ آجيان ڪجي ٿي، سنڌ ۾ 60000 JEST ۽ PST ڀرتين وارو ٽارگيٽ پڻ آخري مرحلي ۾آھي ۽ 40 پلس مارڪون کڻندڙ اميدوار بھتر مستقبل جي اميد رکي ويٺا آھن، ھڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز 90 سيڪڙو ۽ باقي سڀ اسڪولز 10 سيڪڙو آھن، اھڙيءَ طرح سان سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز 35883 مڊل اسڪولز 1660 ايليمينٽري اسڪولز 712 سيڪنڊري اسڪولز 1571 ۽ انٽر تائين تعليم ڏيندڙ ھائير سيڪنڊري اسڪولز صرف 407 آھن، يعني سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز جو تعداد ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ آھي، جيئن ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 پلس مارڪن تي JEST ۽ PST اميدوارن جو پاسنگ ريشو تقريبن برابر آھي ۽ سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ۾ PST  اميدوار 40 پلس مارڪن تي سولائيءَ سان ڀرتي ٿي وڃن ٿا ته ٻئي طرف JEST اميدوار 40 پلس کان 50 مارڪن تي به ويٽنگ لسٽ ۾ اچن ٿا، ان جو سبب صرف اھو آھي ته مڊل، ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري اسڪولز جو تعداد تمام محدود آھي ۽ جيڪي اميدوار PST ۽ JEST يعني ٻنھي ۾ پاس ٿيا آھن اھي به PST کي ڇڏي JEST کي اوليت ڏين ٿا ۽ ٻيو سبب اھو به آھي ته سنڌ ۾ 3442 اسڪولز کي غير فعال ڄاڻائي نظام مان ئي ختم ڪيو ويو آھي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري جناب اڪبر لغاري کي گذارش آھي ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز کي اپگريڊ ڪري سيڪنڊري اسڪولز تائين ڪيو وڃي ته جيئن استادن جي پروموشن ۽ گريڊ پروموٽ ڪرڻ ۾ بھتري ۽ سولائيءَ ٿئي ۽ اھي اميدوار جيڪي JEST ۾ 40 پلس مارڪن تي ويٽنگ لسٽ ۾ آھن ، بروقت ڀرتي ٿي سگھن. اھڙي ريت JEST  ۽ PST جو تناسب پڻ بھتر ۽ برقرار رھندو.

 

نويد خان سومرو/راڌڻ