سوال/سروي سنڌ سرڪار افغاني پناهگيرن کي اچڻ ڇو ڏنو؟ ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي: عوام

0
162

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ افغاني پناهگيرن جي آمد جو اعتراف ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار چيو آهي ته وفاق قدم کڻي، سنڌ وڌيڪ بار برداشت نٿي ڪري سگهي، سنڌ سرڪار جي ان اعتراف ۽ مطالبي کي اوهان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جو عوام شروع کان ئي دانهون ڪري رهيو هو ان وقت سنڌ سرڪار هڪ به نه ٻڌي، سنڌ سرڪار پهريان پاڻ افغانين کي پناهه ڏني هاڻ وري واويلا ڪري رهي آهي، سنڌ سرڪار جو بيان هاڻ به سياسي لڳي رهيو آهي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته عملي قدم کڻي، سنڌ مان افغاني پناهگيرن کي نيڪالي ڏني وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪاشف ڪنڀر لکيو ته سنڌ سرڪار بهترين فيصلو ڪيو آهي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، لياقت علي نهڙي لکيو ته سنڌ کي يتيم خانو ٺاهيو پيو وڃي ڌارين کي سنڌ دربدر ڪيو وڃي، نديم مهر لکيو ته سنڌ سرڪار کي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي سنڌ اندر ماضي ۾ آيل افغاني به ھن وقت جھجھي تعداد ۾ آھن انهن خلاف به ڪاروائي ڪرڻ گھرجي، شفقت ابڙو لکيو ته يعني ته سنڌ حڪومت اھڙو غلط فيصلو ڪيو جنهن تي افسوس آھي سنڌ حڪومت وفاق سان ايڏا اختلاف ھوندي به اھو فيصلو ڇو ڪيو سنڌ حڪومت سنڌين کي پنھنجا حق ته نه ٿي وٺي ڏئي پر مٿان وري ڌارين کي به اچڻ ڏئي ٿي. الطاف کوڙ لکيو ته سنڌ سرڪار ڌارين کي آڻڻ ۽ رھائش ڏيڻ ۾ پاڻ ملوث آهي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار عملي طور قدم کڻي، جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ جي عوام شروع کان ئي دانهون پئي ڪيون پر سنڌ حڪومت ٻوڙي ٿي ويٺي هئي هاڻي وفاق کي ڇا لاءِ ٿا چون، جيڪڏهن سنڌ سان سچا آھن ته سنڌ مان ڪڍن ڌارين کي نيڪالي ڏين، بجار خان جعفري لکيو ته سنڌ ڌارين جو ٺيڪو ناهي کنيو، نياز سومرو لکيو ته اعتراف سون ماڻهن جو ٿيو آهي پر ھزارين افغاني پھچي چڪا آهن،سنڌ سرڪار جو بيان سياسي آهي عملي طور افغانين جي آمد روڪڻي پوندي،۽ وفاق کي جواب ڏيڻو پوندو، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ سرڪار سجاڳ ٿي آهي، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته سنڌ ٺيڪو ناهي کنيو جو هر ڪنهن جو بار برداشت ڪري، اگر وفاق کي ائين ڪرڻو آھي ته سنڌ کي ڇڏي باقي صوبن ۾ افغانين کي پناهه ڏين، شنڪر باغي لکيو ته سنڌي ماڻهو پهرين کان ئي رڙيون ڪري رهيا آھن ۽ ڪورٽ به اڳي موجود غير قانوني ويٺل پرڏيهين کي ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏيئي چڪي آھي پر سنڌ سرڪار ڪن لاٽار ڪندي رهي آھي، اظهر علي لکيو ته سنڌ سرڪار جو فيصلو صحيح سمجھون ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڳئي تمام گھڻا ٻاھريان آھن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته افغانين کي واپس موڪلي، محمد پريل عباسي لکيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، سنڌ آخر ڪيستائين ٻين کي پاليندي سنڌ ٺيڪو ناهي کنيو جو هر ڪنهن جو بار برداشت ڪري، وفاق کي به سوچي سمجھي قدم کڻڻان پوندا، افغانين سان گڏ جيڪي ڌاريا رھن ٿا انھن سڀني کي واپس موڪلجي ته بھتر وفاق کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ موجود افغانين کي ملڪ بدر ڪري سنڌ مٿان بار لاٿو وڃي، شاهد ڏاهري لکيو ته سنڌ سرڪار پهريان افغانين کي گهرائي هاڻ وري واويلا ڪري رهي آهي ته افغانين کي روڪيو وڃي، هادي بخش کوسو لکيو ته سنڌ سرڪار سچي آهي ته وفاق ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ قدم کڻي، قادر بخش زئور لکيو ته سنڌ سرڪار ڌارين جي مامعلي ۾ سنجيدا ناھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته سنڌ حڪومت رڳو ڊرامي بازي ڪري ٿي، عبدالرحمان چانڊيو لکيو ته افغانين جي لوڌ کي سنڌ ۾ پناهه ته سنڌ حڪومت ڏني جڏھن مقصد پورا نه ٿين ته وفاق تي پيا الزام هڻن، موهن لال لکيو ته سنڌ حڪومت جو اعتراف ۽ وفاق کي التجا پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ حڪومت اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرائي ته جيئن ڌارين لوڌ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري. مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌ ۾ افغانين لاءِ وڌيڪ ڪا جاءِ ناهي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار خود ملوث آهي، پورو انتظام ڪيو ويو افغاني پناھگيرن کي سنڌ ۾ رهائڻ جو، هاڻي صرف واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن. نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت پاڻ ۾ مليل آهن، مظهر سولنگي لکيو ته سنڌ سرڪار پاڻ سهولتڪار بڻيل آهي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ سرڪار پاڻ افغاني پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسايو، پرتاب راءِ سيبرا لکيو ته هر ڀيري سنڌ ۾ ڇو ٻين صوبن ۾ ڌارين کي ڇو نٿو رکيو وڃي، شوڪت بلوچ ۽ حبيب الله عمراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار جو هاڻو قدم سٺو آهي، وسيم چنو، غفار جمالي، نسير هادي نهڙيو، عامر حسين، سليم اختر، فياض احمد باجڪاڻي، ايم عيسيٰ لنڊ، شاهد شر، نورمحمد ڪنڀر، امتياز جمالي، واحد بخش، مسرور شر، انعام الله ٻرڙو، حفيظ الله ٻرڙو، خاموش خليل شر، عمر پنهور ۽ ٻين به افغاني پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.