سنڌ جو تباھه ٿيل تعليمي نظام ۽ آءِ بي اي پاران ٽيسٽ!

                 هڪ ته اسان جي تعليمي نظام اڳم ئي خراب آهي، اتي ڀرتي ٿيل استاد پاڻ ريگيولر ناهن، جي استاد ڪٿي ريگيولر اچن ٿا ته اتي شاگرد نٿا اچن. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن وقت تعليم مڪمل تباھ ٿي چڪي آهي پر هن سال تعليم ۾ ڀرتين جو ٻڌي سنڌ جي هر فرد کي اها اميد جاڳي آهي ته ھاڻي شايد پڙهيل لکيل نوجوان اڳتي ايندا، سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم کي ڪجهه ساهي ملندي پر آءِ بي اي جيڪا ٽيسٽ ورتي آهي ان ۾ اميدوار جو وڏو انگ فيل ٿيو آهي، ان جو اهم سبب اهو آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ جو معيار انتهائي ڏکيو ۽ منجهائيندڙ رکيو ويو هو، ان ڪري ڪافي هوشيار ڇوڪرا به پاسنگ مارڪون کڻي سگهيا آهن، هن وقت سنڌ جي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڙهيل لکيل نوجوانن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي اسڪولن ۾ جديد دور جي تعليمي نظام کي ڪتب آڻي پراڻي نظام ۾ نواڻ آڻين پر آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ ۾ ايئن پيو لڳي ته شايد نوان استاد ڀرتي ئي ناھن ڪرڻا، ان طريقي سان سنڌ حڪومت کي هڪ سبب به ملي ويو آهي ته سنڌ جا نوجوان اهل ناھن يا انهن ۾ ايتري صلاحيت ناهي پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي، سنڌ جا نوجوان ڪافي ٽلينٽيد آهن، اهڙيون ٽيسٽون وٺي مٿن ذهني دٻاءُ وڌو پيو وڃي جيئن اهي اڳتي ٽيسٽ نه ڏين. سنڌ حڪومت کي پهريان پنهنجو نظام ۽ ڪورس پڻ ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي معيار جي تعليم ڏيون پيا ۽ ٽيسٽ ڪهڙي ريت وٺون پيا، باقي آءِ بي اي هڪ پرائيويٽ ادارو آهي، اهو پنهنجي ساک بچائڻ خاطر اهڙيون ڏکيون ٽيسٽون وٺي سنڌ حڪومت کي خوش ڪري رهيو آهي.

شفقت علي چارو/هيلاريو پير، مٺي

اسان جي معاشري ۾ شاگردن جو ڪردار!

  صتحمند سماج جوڙڻ ۾ معاشري ۾ رھندڙ ھر فرد جو اھم ڪردار گھربل هوندو آھي، نوجوان ئي بھتر ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ نوجوان کي پوئتي ڌڪيو ويو آھن، نوجوان پريشان حال ۽ ھن جوڙيل سماج مان تنگ آھن، سماج ۾ هاڪاري تبديلي نه اچي سگھي آھي پر دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديليون آيون آھن، نوجوانن کي سياسي فڪري ۽ نظرياتي لحاظ کان تيار ڪيو ويندو آھي، ان جو سبب ته اھي نوجوان ملڪ جون واڳون سنڀاليندا. اسان جي معاشري ۾ اڄ ڪلھ نوجوان سياست کان پري آھن ۽ ان کي بنيادي حقن جي ڄاڻ به ناھي، جي ڄاڻ آھي به ته انھن نوجوانن کي پوئتي رکيو ويو آھي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ماحول ئي نه ڏنو ويو آھي ته بنيادي حق ڪيئن وٺجن؟ شاگرد پنھنجي تعليمي حقن، سھولتن سان گڏ بنيادي حقن بابت جدوجھد ڪن، کين ڪلاس جي ماحول کان ويندي ھاسٽل جي ماحول ۽ سھولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو. اھي نوجوان نه ته بھتر تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا نه وري سماج ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. يا ته شاگردن تي دھشتگردي ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا پر اڄ جر نوجوانن کي ڇڙوچڙ ڪيو ۽ مسئلن ۾ منجھايو ويو آھي. حڪومت سان گڏ تعليمي ادارن ۾ به نوجوانن تي تعميراتي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، نوجوانن کي به پنھنجو هاڪاري ڪردار سماج لاءِ ادا ڪرڻو پوندو، جيئن صحتمند سماج ٺھي سگھي، نوجوانن کي نشو، شراب، ڀنگ ۽ ٻين سماجي براين کان پرهيز ڪرڻ گھرجي. نوجوان ئي اثاثو ۽ سماج کي ٺاھڻ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. نوجوانن کي بنيادي حقن بابت مڪمل آئيني ڄاڻ ھجڻ گھرجي، ڪرئير ڪائونسلنگ جي سخت ضرورت آھي. ان لاءِ تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي بنيادي حقن سان گڏ ڪريئير ڪائونسلنگ ڪرڻ گھرجي. شاگرد کي خبر ئي ناھي ته ڇو پڙھان؟ ڪرڻو ڇا آھي؟ داخلا ڇا ۾ وٺان؟ فرسٽ ايئر جا شاگرد D ۽ C گريڊ جو شاگرد به ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ داخلا ٿا، جنھن کي خبر ئي ناھي نه ئي کين لکڻ ٿو اچي. داخلا ٿيو وڃي ان ڪري شاگرد نوجوانن کي ڪرئير ڪائونسلنگ جي ضرورت آھي.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

ھڪ بھترين استاد!

  سر راجا محمد حنيف سولنگي صاحب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف ۾ انگريزي سبجيڪٽ جو پروفيسر آهي، سر ھڪ شريف ۽ نيڪ دل انسان آهن. استادي پيشو پيغمبري پيشو آهي، سر راجا محمد حنيف سولنگي صاحب جھڙا استاد ان مقدس پيشي سان نينهن نڀائيندا پيا اچن، ان پيشي کي مقدس نموني انجام ڏئي رهيا آھن. انسان کي والدين صرف جنم ڏيندا آھن، استاد ئي اھا شخصيت هوندي آھي جيڪا ان ٻار کي فرش کان عرش تائين پهچائيندي آھي. ساڳي نموني سر محمد حنيف به غريب شاگردن کي اتساهي کين سي ايس ايس جو آفيسر بڻايو آھي. سر جي غريب CSS پاس ڪيل شاگردن مان ASP شريف ڪلھوڙو به ھڪ آھي. ان سميت سر پنھنجي ڪيترن ئي شاگردن کي اعليٰ مقام تائين پھچايو آھي. سر پنھنجي شاگردن سان تمام گھڻي محبت ڪندو آھي، خاص ڪري غريب شاگردن سان، سر جي گھڻي ڪوشش ھوندي آھي ته غريب شاگرد اڳتي وڌن ۽ ترقي ڪن. سر ھميشه مون ناچيز جي ھر ڏکئي موڙ تي مدد ڪئي آهي. سر مون کي انگريزي سا گڏوگڏ دين اسلام جي به تعليم ڏني آهي، اسان جو پرھيزگار ۽ متقي ھجڻ جو سسب صرف سر راجا محمد حنيف سولنگي صاحب ئي آهي.

غلام علي ڪٽوهر/اميد علي ڪٽوهر، سيوهڻ

نيوڇور مان ڪنڍا ڪنيڪشن نظام جو خاتمو آڻيو!

  ڪنڍا ڪنيڪشن جو آزار هر هنڌ تي آهي پر نيوڇور انهن سڀني کان ٽاپ تي آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ڏاڍي جي لٺ کي سڀ مٿا آهن، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به بااثر ماڻهو آهي ان جي ڪنڍي سرعام لڳل آهي، نيوڇور شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 کان وڌيڪ ڪنڍا ڪنيڪشن آهن پر ان جو ڪير ذميوار آهي؟ آخر هي ڪنهن جي زور تي ڪنڍا ڪنيڪشن هلڻ ٿا؟ هنن جي چوري جي سزا هميشه ميٽرن وارن کي ملي ٿي، ميٽرن وارن جا لکين رپيا بل ٿا اچن پر ڪنڍا ڪنيڪشن لڳائڻ وارن کي ڪجھ به نٿو ٿئي، هنن جي ڪري لوڊشٽينگ به نيوڇور ۾ گهڻي ٿئي ٿي پر افسوس ان جي خلاف واپڊا عملي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي. هلندڙ ڪنڍيون ڪنهن بااثر جي آشيرواڌ تي هلن ٿيون يا منٿلي تي هلن ٿيون پر سائين لائين ۾ ايترو دم ناهي هوندو جو هو اهو ڪنڍا ڪنيڪشن ڪٽي پر بل هڪ ڏينهن ليٽ پيارڻ تي لائيٽ ڪٽڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون يا لائيٽ ڪٽي وڃي ٿي پر افسوس ان ڪنڍا ڪنيڪشن جي خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهن. نيوڇور جي مارڪيٽن ۾ ميٽر گهٽ ۽ باقي ڪنڍين تي ڪافي دڪان آهن ۽ مارڪيٽ ۾ ميٽر ڏھ ڏکيائيءَ سان ملندا. آخر نيوڇور مان ڪنڍا ڪنيڪشن ڪڏهن ختم ٿيندا يا اڳين جيان هيل به ڪنڍا ڪنيڪشن هلندا رهندا ۽ ميٽرن وارا ڏکيائين ۾ هوندا؟ آخر هن شهر جي عوام کي ڪنڍا ڪنيڪشن مان ڪڏهن جان آجي ڪرائيندي ويندي يا لائين مين بدلي ڪري نيوڇور ۾ ڪو ايماندار لائين مين ڏنو ويندو يا اهو سسئي ۽ سور پيا پٽيندا رهندا، آزارن ۾ پيل نيوڇور جو عوام ڪڏهن آزاد ٿيندو يا گذريل ڏينهن جيان هيل به نيوڇور ان حال ۾ هوندو؟ ان جو وقت فيصلو ڪندو ۽ واپڊا عملي تي ڇا ڇڏيون يا ڪارروائي ٿيندي يا ڪنڍين ۾ اضافو  ٿيندو؟

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

ڍورونارو ۾ مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو!‎‎

  وفاقي حڪومت تيل جو اگهه وڌائي ويتر عوام مٿان مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، تيل مهانگو ٿيڻ شرط ئي منافعي خور واپارين واهپي جي شين جا اگھ پڻ وڌائي ڇڏيا آهن، فروٽ کان وٺي ساين ڀاڄين تائين سڀني شين جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ان سان گڏ ٽرانسپورٽرن به گاڏين جا ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن، وفاق مهانگائي مٿان مهانگائي وڌائيندو ٿو رهي، موجوده حڪومت ۾ جتي امير به پنهنجو گذر سفر نٿا ڪري سگهن اتي غريب طبقو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي. مٿان وري دڪاندارن به عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگھه وڌائي عوام کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي شهر ڍوري ناري ۾ سڀني دڪانن تان ريٽ لسٽون پڻ غائب لڳيون پيون آهن. پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر صرف آفيسن تائين ئي محدود آهن ۽ هتي غريب عوام مهانگائي جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي، مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته مهانگائي خلاف نوٽيس وٺن ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول پڻ ڪرايو وڃي.

ساحل عالياني/ڍورونارو

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مُورک اڄ مرن!

  شاھ صاحب جي فلسفي ۽ فڪر کان سواءِ اسان اھي جھوپڙا آھيون جيڪي محروم آھيون، ان پاڪ پَلَرُ پاڻي کان، پَلَرُ پاڻي برسات جي ان پاڻيءَ کي چيو ٿو وڃي جيڪو خاص ڪري ٿر جا ماڻھو محفوظ ڪري رکندا آھن، پنهنجي ھٿرادو ٺاھيل زير زمين زخيرن ۾ جيڪو انھن جو رواج به آھي ۽ مجبوري به آھي، اسان اڄ ڇو اُن زرخيري کان محروم آھيون؟ جڏھن اسان وٽ اھڙي پَلَرُ ۽ پاڪ صاف پاڻي جي اڻاٺ ۽ کوٽ آھي، جڏھن ته ناقص زھريلي پاڻي کي به فلٽر ڪري منرل بوتلن ۾ بند ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي، مطلب ته جڏھن پاڪ صاف جي جڳهه نقل پئي والاري ته اتي لازم آھي ته ان زرخيري کي ٻاھر ڪڍيو وڃي، ان پياسي قوم کي ڍئو ڪري سيراب ڪري پيارجي، جيئن انھن جي صدين واري اڃ لھي سگھي، وري نواڻ ۽ تازگي محسوس ڪن. اسان جي خوشحال ماحول ۾ اچي ايڏي تنگ نظري ڪاھي پئي آھي جتي اسان وٽ نه ڪي فرقا ھئا ۽ نه ڪا ڇڪتاڻ مذهبي ۽ سياسي ھئي، ايڏو ته وڏو وسيع ڀائيچارو ۽ رواداري وارو سماءُ ھو، ھر طرف اوطارا مھمان نوازيون هيون، ڪٿي ته اسان کي اهي مهمان نوازيون ڳچي ۾ به پيون آھن پر انھن ۾ اسان جون ڪاھليون ۽ ڪم ظرفيون اچي وڃن ٿيون نه ته اسان سڀ ٻاھران آيل آھيون، خود لطيف سرڪار جو خاندان به سنڌ ۾ لڏ پلاڻ يعني سيد سادات اصل رهواسي ڪو نه ھئا پر ھتان جي ماڻھن جون محبتون ۽ پنهنجي اصلي وطن جون سختيون ۽ تڪليفن ھيڏانھن جو رخ ڪرايو، جيئن مختلف علائقن مان ٿيندي ٿيندي اچي اتي سڪونت اختيار ڪيائون. 3 سؤ سال اڳ فارسيءَ جو وڏو عروج ھو، پاڻ شاھ صاحب به مولانا روميءَ جو مثنوي کي گڏ رکندو ھو پر پنهنجي شاعريءَ ۾ 30 سرن ۾ شعر لکيائين، اتي انھن ۾ لفظن جي ڪماليت ۽ سڀني اُچارن جيڪي اتي ان وقت ٻوليا پئي ويا، اھا لاڙ پٽي ڇو نه ھجي يا ٿر ۽ وچولي پٽي، جيتوڻيڪ بلوچي جيڪي آسپاس آباد ھئا انھن جي لھجن ۽ لفظن کي به شامل ڪيو اٿس، ان سان گڏ قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديث مبارڪن جون تشريحون ۽ اُتي مقامي مشھور ڪھاڻيون جنهن کي جيڪڏهن شاھ سائين نه ڳائي ھا ته ھن 21هين صدي جي نوجوانن کي خبر ئي نه پوي ھا عمر ۽ ماروي، سسئي ۽ پنهون وغيرہ جي، وري انھن جي ڏکن ۽ محبتن کي سلامت رکڻ خاطر اھڙيون تشبيهون ڏنيون اٿس جيئن سسئي پنهون کي پهاڙن ۽ جبلن جا نالا، اُٺن جا قسم انھن جا رنگ ۽ نمونا، تڪليفون، پنڌ پيچرا، لاڳيتو هلڻ پڻ ڏسيو اٿس.

سيد غلام حيدر شاھ قلندري/ خانقاھ آشيانه قلندري، ٻسٽان ڪنري

الھيار جو ٽنڊو تاريخ جي آئيني ۾‎‎!

  ٽنڊو الھيار ضلعو صوبي سنڌ جو ھڪ ذرخيز ضلعو آهي، جيڪو آبپاشي جي لحاظ سان ھڪ شاھوڪار علائقو آهي، صوبي جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، ھي شھر پنهنجي نالي ۾ ٻڌائي ٿو ته مير الھيار خان ٽالپر سنه 1709ع ٻڌارايو ھو پر ان بابت ڪا مستند تصديق دستاويز يا تاريخ نٿي ملي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته مير الھيار خان ٽالپر جي آخري آرامگاهه بابت جيڪا ڄاڻ ملي آهي ان تي به محقق ۽ تاريخدان متفق نه آهن، وڪي پيڊيا موجب ميرالھيار خان ٽالپر جو مقبرو ڊرگھ بالا جوھي تعلقي ۾ واقع آهي پر مقامي محقق سائين خليل احمد کوسي جي تحقيق موجب باني ٽنڊوالھيار ميرالھيار خان ٽالپر ولد مير فتح خان ٽالپرجي آخري آرامگاهه تعلقي سنڌڙي لڳ چٽوڙي جي تاريخي قبرستان ۾ ٽالپر خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ واقع آهي. خليل کوسي صاحب اتي قبر تي قطبو پڻ  ٺھرايو آهي، جيڪو مڪمل طور تي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳرايو اٿس، ان تي مير جي تاريخ وفات 1816 عيسوي لکي اٿس، جڏهن ته تاريخ جي حوالن ۾ الھيار جي ٽنڊي جو اڏجڻ جو سال 1709 عيسوي اچي ٿو، جتي پڻ اسان کي ھڪ وڏو فرق ٿو نظر اچي. ان بابت تاريخدانن خاص طور تي ٽنڊي الھيار جي دانشورن جي ڪا وڏي سنجيده يا اعتبار جوڳي ڪاوش نظر نٿي اچي، ان حوالي سان ھتي ھڪ وڏي ۽ جامع تحقيق جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسان ٽنڊي الھيار جي تاريخ کان واقف ٿي سگھون، جتي شھر جي باني جي آخري آرامگاھ بابت به ماڻهن کي خبر نه ھئي ته باقي شھر جي تاريخ جو ڇا حال ھوندو؟ بهرحال ھن قلم ذريعي سانڃاھ وندن کي ڪوٺ ڏجي ٿي ته ھو اڳيان اچن، ان بابت انهن وٽ جي ڪا ڄاڻ يا تحقيق آهي ته اھا عوام اڳيان رکن جيئن عام ماڻهو به شھر جي تاريخ کان واقف ٿي سگهي. باقي ھن وقت صرف خليل کوسي صاحب ئي قدم وڌايو آهي، جنهن پنهنجي تحقيق ۽ شاعري وسيلي ٽنڊي الھيار جي تاريخ جو ھڪ پنو عوام اڳيان رکيو آهي، ان بابت به تحقيق گھربل آهي ته جيڪا ڄاڻ کوسي صاحب آندي اھا به ڪيتري حد تائين مستند آهي.

سليم اختر لغاري/ ڌڱاڻو بوزدار

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي بهترين ڪارڪردگي جو اعلى مثال!

ملڪ ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي هڪ قابل فخر ۽ اعتماد جوڳو ادارو آهي، هونئن ته ملڪ ۾ ٻيا به حساس ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن پر ايف آءِ اي جو ڪم ڪنهن کان گهٽ ڪونهي. ايف آءِ اي جو ڪم ساراهه جوڳو آهي، اهو ادارو ملڪي حفاظت سان گڏ هر قسم جي حساس رپورٽ رکڻ تائين ۽ ملڪي بقا ۽ سلامتي لاءِ وڏي همت، جرئت ۽ بهادري سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري حڪومت به انهن ادارن جي ڪم تي اعتماد سان گڏ هميشه ساراهه به ڪندي رهندي آهي. ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته ايف آءِ اي اعلى عملدارن ۽ اهلڪارن طرفان ملڪ ۾ شرپسند ۽ تخريبڪار عنصرن، دهشتگردي، ملڪي کاتن ۾ رشوت ۽ ڪرپشن، منشيات جي اسمگلنگ ۽ روڪٿام، ناجائز رشوت جي ڪمائي، ڪرپٽ ڪامورن ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي رپورت رکڻ تائين ۽ ٻين قسمن جي ڏوهن تي به بروقت ۽ جوڳا قدم کڻي اهڙن ڪڌن ڪرتوتن ۾ ملوث ماڻهن کي اهي ادارا تحرڪ ۾ اچي کين گرفتا ڪري سزائون پڻ ڏيندا رهيا آهن ۽ ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا رهيا آهن. هن خط وسيلي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ثناءُالله عباسي صاحب کي گذارش آهي ته هو ان اسمگلنگ ڪندڙن خاص ڪري انساني اسمگلنگ، هٿيارن جي اسمگلنگ، ملڪ دشمن عنصرن، ايجنسي را جي ايجنٽن، منشيات جي اسمگلنگ، جعلي ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ ان جي روڪٿام، سائيبر ڪرائيم خلاف قدم کڻن، ڇاڪاڻ ته ايف آءِ اي ۾ سائبر ونگ اڳ ئي موجود آهي، جنهن ڪري انهن خلاف سخت ايڪشن کڻي ڪارروايون ڪندا رهندا. وفاقي کاتن ۾ رشوتخوري جي خاتمي لاءِ اپائن جو وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي اعلى لياقت ۽ صلاحيت کي اپنائي بهتر کان بهتر اپاءُ وٺي ايف آءِ اي جهڙي حساس اداري ۾ اڃا بهتري آڻيندا ۽ اتي ڪرپٽ اهلڪارن جي اصلاح پڻ ڪندا. ڇاڪاڻ ته اوهان جو نالو ملڪ ۾ انهن آفيسرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جيڪي آفيسر پنهنجي سروس دوران ڪنهن تعارف جا محتاج نه رهيا آهن، جنهن ڳالهه جو مثال هر هنڌ جا پڙهيل لکيل ۽ باشعور شهري اوهان جي باري ۾ ڏيندا رهن ٿا. هن وقت اوهان جي اداري ۾ ڪم جي ساراهه ڪجي ٿي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

راڻيپور ريلوي اسٽيشن روڊ جي مرمت ڪرايو!

                 راڻيپور ريلوي اسٽيشن روڊ کنڊر بڻجي ويو آهي، ان جي خراب حالت ھجڻ سبب راڻيپور طرف ايندڙ ويندڙ ماڻھو تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھي روڊ راڻيپور شھر کي ننگريجا، ٽالپر وڏا، سوئي گئس ۽ ٺھري ميرواھ سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شھرن سان ملائيندو آھي، ھي روڊ شھر جو مين روڊ آھي، جيڪو ڪافي سالن کان کنڊر بڻيل آھي، ھي روڊ ڳوٺ گل محمد ڄامڙو، ڳوٺ يار محمد بروھي، ڳوٺ گٺ راڄپر ۽ ڳوٺ جادل جوڻو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي سفري سھولتون ڏيندڙ آھي، جيڪو ڪافي سالن کان کنڊر بڻجي ويو آھي، روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آھن، روڊ سان سواري ته ڇا پر پنڌ ھلڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، روڊ خراب ھجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، روڊ خراب ھجڻ سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙا به وقت تي اسڪول نٿا پھچي سگھن ۽ هو وڏين تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. وري جڏھن مينھن پوندو آهي ته هتان جا رهواسي ٻٽي عذاب ۾ اچي ويندا آهن، روڊ ڪيترن ئي ورھين کان خراب حالت ۾ آھي، حادثن ۾ ڪيترائي مرد توڙي عورتون معذور بڻجي ويا آھن، اسان اپيل ٿا ڪيون سي ايم سنڌ ۽ ڊي سي خيرپور کي ته هي اهم روڊ ٺھرائي هتان جي عوام جي جان آزار مان آجي ڪئي وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

هڪ چٺي ڊي سي سانگهڙ جي ناءُ!

  شھدادپور وايا نوابشاھه روڊ تي اوور لوڊ گاڏين جو آزار وڌي ويو آھي، شھدادپور کان گپچاڻي تائين سنگل روڊ ھجڻ ڪري سوين ٽن وزن کڻي گذرندڙ اوور لوڊ ٽرڪن ۽ ٽرالرن سبب روڊ ھنڌان هنڌان اکڙي ويو آھي ۽ روڊ کي کڏا پئجي ويا آھن، ٽئڪس بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي ضلعن کان ايندڙ گاڏيون نيشنل هاءِ وي کي ڇڏي هتان گذرن ٿيون، اوورلوڊ گاڏين جي هتان گذرڻ ڪري اڪثر روڊ تي گاڏين رش رهي ٿي، جنهن سبب حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آھن، ڪيترائي ماڻھو سنگل روڊ تي رش وڌڻ سبب پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويٺا ته ڪي معذور ٿي ويا آھن، ڪراچي سميت مختلف ضلعن کان ٻين صوبن ڏي ويندڙ اوور لوڊ ٽرڪون ۽ ٽريلر ٽئڪس بچائڻ لاءِ ھن سنگل روڊ تان گذرن ٿا، جنهن سبب سنگل روڊ تي ٺھيل پلون به ٽٽي پيون آھن. اسان ڊي سي سانگهڙ کي اپيل ٿا ڪيون ته اوور لوڊ گاڏين جي گذر تي پابندي لڳائي وڃي جيئن وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کا بچي سگهن ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگهن.

ظھورحسين رند/ مقصودو رند، سانگهڙ.

هڪ چٽي ضلعي سجاول جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڏانهن!

  آئون ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جو رهواسي آهيان، سائين جن کي عرض ٿو ڪريان ته اسان جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه، ديهه ۽ يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ واقع آهي، هي ڳوٺ انگريزن جي دور جو قديم ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو. هتي 1964ع ۾ حڪومت بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي نالي سان هڪ اسڪول ڏنو هو جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان 2010ع واري مھا ٻوڏ ۾ ان جي عمارت ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن ڳوٺ کان اڃا تائين به اسڪول جي عمارت ناهي ملي. هتي معصوم گل جهڙا ٻارڙا کلئي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن، اسان ٽي اي او، ڊي اي او، ڊي سي سجاول ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي بار بار چيو ۽ لکت ۾ به ڏنو آهي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. ان کان سواءِ ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺ پڪي رستي ۽ بجليءَ جهڙي سهولتون کان به محروم آهن. اسان هتان جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي هٿ ٻڌي اها گذارش ڪنداسين ته سائين خدارا يوسي مرادپور جي ڳوٺن، ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه، ڳوٺ محمد صديق اوٺار، ڳوٺ محمد اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ محمد ملاح کي بجلي ۽ پڪا رستا ڏيو. هتي ڪيترن ئي سالن کان اسان جا ڳوٺ آباد آهن، هتي ٻاهر کان آيل پٺاڻن، پنجابين ۽ مهاجرن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ کين زندگيءَ جون سموريون سهولتون پڻ ڏنيون پيون وڃن پر صدين کان آباد اسان ڳوٺاڻن کي تعليم، صحت، بجلي ۽ پڪن رستن جي سهولتن کان به محروم رکيو ويو آهي. هتان جي ماڻهن کي ننڍين ننڍين سم نالين جي به سهولت نه هجڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ غريب ماڻهن جا ڪچا گهر برسات وقت برساتي پاڻي ۾ ٻڏي تباهه ٿي وڃن ٿا. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر هتان جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن جا درپيش سڀئي مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول