ڪنهن به گروپ چيٽ دوران ايونٽ آرگنائز ڪرڻ ۾ مدد ملندي.واهپيدارن لاءِ ڪنهن به ڪم يا تقريب جي منصوبا بندي ڪرڻ آسان ٿي ويندو ۽ ٻين ايپس جي ضرورت نه رهندي.هر ماڻهو ڪنهن به گروپ چيٽ ۾ ايونٽ فيچر کي استعمال ڪري سگهندو ۽ گروپ ۾ شامل هر ماڻهو کي ڏسي سگهندو.

ايونٽ کي هر گروپ جي انفارميشن پيج تي رکيو ويندو جڏهن ته ايونٽ جي تاريخ ويجهو اچڻ تي گروپ واهيپيدارن کي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهي ڏني ويندي.

ڪمپني موجب اهو فيچر پهريان ڪميونٽيز سان لاڳاپيل واٽس ايپ گروپن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ فيچر واٽس ايپ جي سمورن گروپن لاءِ دستياب هوندو.