جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

اڄ پنهنجو سرٽيفڪيٽ ويريفڪيشن ڪرائڻ جي لاءِ ماسٽر دانش صاحب کي ڏيان ٿو، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عارف صاحب ڪورنگ ليٽر ٺهرائي ماسٽر صاحب کي ڏئي ٿو، هُن لاءِ هاڻ آئون تمام محترم راءِ دل ۾ رکان ٿو، ايوب بروهي ۽ شبير ٻرڙي سان لائبريري ۾ سُٺو ڏينهن گذري ٿو، شهزاد سميجي سان به رهاڻ ٿئي ٿي، شام جو ٽوٽل سيل ٿيڻ کان پهرين ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ صاحب کي خط لکي ڏيان ٿو جنهن ۾ هن لاءِ دعا به لکان ٿو: “محترم ڊپٽي صاحب!، توهان منهنجي آزاديءَ لاءِ ڪورنگ ليٽر ٺهرائي ڏنو، تنهن لاءِ مان ٿورائتو آهيان، مولا توهان کي جيلن جو آءِ جي بڻائي، (آصف علي حيدر).” خط کڻي ويندڙ سپاهي چاچي امجد اچي ٻڌايو ته ڊپٽي صاحب پاڻ پيو توسان ملڻ اچي. 5 منٽن کان پوءِ ڊپٽي عارف صاحب ماما منير سان گڏ اچي اسان واري کولي تي ڪڙڪيو. جنهن جي خدمت منهنجي دوست ڪئي، هن چيو ته وڏي ڏکيائيءَ سان اڄ تو وارو ڪم پاڻ ڪرائي مون دانش کي ڏنو آهي. آئون پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري رهيو آهيان. انشاءُ الله تمام جلد تون پنهنجي گھر هوندي! مُرڪي چوانس ٿو ته هاڻ آزادي ليٽ به ٿئي ٿي ته مون کي ڪا پرواهه ناهي، مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو توهان مون کي عزت ڏني، مون لاءِ اندر يا ٻاهر ڪو ڪم هجي ته حڪم ڪجو، مُرڪي چيائين ته ڪوئي ڪم ناهي، بس تون آزاد ٿي پنهنجي گھر هليو وڃ. هُن چيو ته ويريفڪيشن کان پوءِ آءِ جي آفيس ۾ آئون ئي فون ڪري تنهنجو ڪم هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪرائي ڇڏيندس. بلڪه پنهنجو ماڻهو موڪلي هٿوهٿ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀ اوڪي ڪرائي ڏيندس. يعني هُن تمام گھڻي دلجاءِ ڏني، هُن جي وڃڻ کان پوءِ تمام گھڻو سُٺو ماحول ٿي ٿو وڃي. هينئر علي غلام ۽ وسيم باهو بلي فلم ڏسي رهيا آهن ۽ آئون ايس ايم ظفر جا مشهور مقدمان پڙهڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. مون کي آزاديءَ جي خوشبو محسوس ٿي رهي آهي، پنهنجي ڪتابن مان. (07 فيبروري 2024)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد

 

هارين سان ظُلم بند ڪريو !

 

مون کي زمينداري جي ته خبر نه آھي پر مون کي ڪجھ ڳالھين جي ضرور خبر آھي، مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته منھنجو لکڻ بغير مفاد جو هجي، ڪنھن مسڪين لاءِ ھجي، رب سائين جا احسان آھن، مون هڪ مسڪين مٿان جيڪو غريبن لاءِ لکڻ جي توفيق ڏئي ٿو. هاڻي هڪڙو ھاري پنج جريب فصل پوکي ٿو ان ۾ سڀ کان مهانگي شيءِ آھي ٻج جيڪو سڀ جو سڀ ھاري جي مٿان آھي، ٽريڪٽر پڻ هاري تي آهي ۽ بعد ۾ ڏنل سڀ شيون زميندار ۽ هاري جو اڌو اڌ ھوندا آھن، هاڻي ان 4 مهينن جي اندر هاري قهر جي گرميءَ ۾ پنھنجي ٻچن سميت جون، جولاءَ جي مهينن ۾ رومبو ڪرڻ ڪو ڀوڳ جي ڳالھ ناھي، اسان کي ان گرمي ۾ ڪير پنج منٽ به ٻاھر بيهاري ته اسان ان سان وڙھڻ ۾ دير نه ڪنداسين، هاري مسڪين جولاءِ جي مهيني ۾ رومبي ڪندو آھي، ان کان پوءِ 3 مهينا خطرناڪ گرمي ۾ ڀاڻ ڏيڻ کان پوءِ فصل تيار ٿيندو آھي، پوءِ سياري جي وقت سويري مسڪين اٿي لاباري تي ويندا آھن، لابارو وغيره ختم ڪري ٿريشر جو انتظار ڪندا آھن، جنھن ڏيھن ٿريشر جو وقت ايندو آھي وڏيرا ان جا چمچا اڳ پهچي ويندا آھن، مٿان هاري اڌ ڪلو ان کڻي ته جيڪو قهر جي گرميءَ ۾ رومبا ڪري ان جي ايترو حق به ناھي، جڏھن ٿريشر وغيره ختم ٿيندا آھن ته پوءِ حساب ڪتاب شروع ٿي ويندو آھي، هڪ ڳالھ ياد رکو زميندارئو جنھن وقت اوهان جي هٿ ۾ قلم هوندو آھي ان وقت ملائڪن جي هٿ ۾ به قلم هوندو آھي، جيڪو توهان کي مرڻ بعد ٻڌايو ويندو، وڏيرا ڇا ڪندا ته ٿريشر سڄو هاري جي مٿان هوندو آهي. جمانداري جو خرچ سڄو هاري جي مٿان جماندار ته سڄو ڏيھن وڏيري جي اڳيان پويان هوندو آهي، هاري جي ڪم به نٿو اچي، وري سڀ خرچ وغيره ڪٽي ڪري ھاري جي هٿ ۾ 20 يا 30 ھزار ڏئي روانو ڪندا آھن، تنهنجي اها بچت ٿي آھي، جيڪو پورو 6 مهينا لوڙيا آھن انهن جا صف 30 هزار، ھاڻي هاري ڇا گذارو ڪري؟ ڪڻڪ وٺي گهر ھلائي يا قرض ڏئي؟ ان هاري کان ته فيڪٽري ۾ مزدور 30 هزار مهيني جي پگھار تي کڻندا آھن جيڪو هڪ فرد ڪم ڪندو آھي، هتي سڄو گهر ڪم ڪري ٿو، گذريل سال هڪ نوجوان منھنجي دڪان تان سودو وٺي ويو جڏھن مسڪين پئسا ڏيڻ آيو ته چيائين مون وياج تي ورتا آھن، اوهان جا پئسا منھنجي 7 جريب راهڪي آھي، وڏيرو مون کي 20 هزار قرضائي ڪيو آھي، ھاڻي ست جريب وارو هاري قرضائي ٿئي، پوءِ ماڻھو ڇا ڪري سگهندو؟ خدارا پنھنجي چمچن کان وڌيڪ عزت ھاري کي ڏيو جيڪو توهان جي ٻارن ۽ پنھنجي ٻارن کي ڀالڻ جي ڪوششن ۾رڌل رهي ٿو.

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

 

پهرين مئي، مزدورن جو عالمي ڏينهن!

 

پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، شگاگو شهر ۾ جڏهن سرمائيدارن واپارين مزدورن کان اجرت کان وڌيڪ ڪم وٺڻ لڳا هئا، مزدورن پنهنجي حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ته ان ۾ ڪيترائي مزدور شهيد ٿيا ۽ حڪومت 7 مزدورن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، انھي جدوجھد ۾ ڪيترائي مزدور شھيد ٿي ويا پر پوءِ به مزدورن پنھنجي جدوجھد جاري رکي، نيٺ حڪومت پنهنجا گوڏا کوڙي سندن مطالبا تسليم ڪيا، دنيا ۾ پھرين مئي مزدورن جو عالمي ڏھاڙو ملهايو ويو ڪن شھرن ۾ سيمينار ته ڪٿي ريليون ته وري ڪٿي پروگرام ڪري شڪاگو جي شھيدن کي پيٽا پيش ڪئي وئي پر ڏھاڙيدار مزدور طبقو عالمي ڏينھن تي به مزدور ڪري رھيا هئا، مزدور جي عالمي ڏينھن ته آفيسرن ملهايا، سندن آفيسن کي موڪلون هيون، ٿيڻ ته ايئن گھرجي ھا ته مزدور طبقي لاءِ حڪومت رليف جا اعلان ڪري ھا، ان تي ملز ۽ ڪارخانن سميت ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ سمورن مزدور کي موڪل ڏئي گھر ويٺي کين مهيني جي نه ته هڪ ڏينهن جي ئي ڏھاڙي ڏني وڃي ھا ته مزدورن کي خبر پوي ھا ته اڄ ليبر ڊي آھي پر مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي به مزدور مزدور ڪري رھيا هئا، مزدور پنهنجي عالمي ڏھاڙي کان بيخبر بڻيل مٿي تي تغاري کڻي پنھنجي ٻچن جي پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ مزدوري ڪندا رهيا، مزدور ويچارو ڏھاڙي ڪمائي آهي تڏهن ئي کائيندو آھي، جيڪڏهن ان کي ان ڏينهن تي به مزدوري ناھي ملندي ته ان ڏينھن سندس ٻچا بکئي پيٽ سمھڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن، اسان وقت جي حڪمرانن کان مزدورن جي عالمي ڏھاڙي جي لاءِ مطالبو ٿا ڪريون ته مزدور جي ڏھاڙي 100 کان 1200 رپيا ڪئي وڃي جيئن ھر ڏھاڙيدار طبقو پنھنجن ٻچن کي ٻن وقت جي ماني ڳڀو کارائي سگھي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

پاڪستان اسٽيل ملز جي نيلامي!

 

(حصو پهريون)

 

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته پاڪستان اسٽيل ملز سنڌ جي هئي ۽ آھي. وفاق کي اسٽيل ملز نه کپي ته سنڌ حڪومت اها خريد ڪندي، وفاقي حڪومت کي سنڌ جي مرضيءَ کان سواءِ اسٽيل ملز بابت فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، اسان سان ويهي ان بابت معاملا طئي ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظھار يوم مزدور جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪيو. پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري ڪرڻ بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايا وڃن، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت اسٽيل ملز کي بهتر هلائينداسين، پيپلز پارٽي قيادت مزدورن جي حقن خاطر قدم کنيا آھن، قيادت وٽ ڪنهن مسئلي جو حل نه هجي ته سمجهو ته اها ليڊرشپ ادارڪ کان اوجهل آھي. مسئلن جو اداراڪ رکندڙ قيادتون قومي مقصدن لاءِ جتي پاڻ قربان ڪرڻ جو احساس رکنديون آھن اتي قومي مسئلن جو حل به هنن جي شعوري سگھ جو پڻ حصو هوندو آھي. ان جي ڪري ان چوڻ ۾ اهو غلط ڪونه ٿيندو ته قومي قيادتون هونديون ئي قومي مسئلن جي حل خاطر. پاڪستان اسٽيل ملز جي زميني ملڪيت کي ڏٺو وڃي ته اها به ڪمرشل بنيادن تي کربين رپين جي ماليت جي حيثيت رکي ٿي. مثال طور هن وقت جي صورتحال اها آھي ته اسٽيل ملز جي ٽوٽل زمين 18,600 ايڪڙ آھي جيڪا پڻ 29 چورس ميل تي مشتمل آھي جنهن ۾ 10,39 ايڪڙ تي پاڻ اسٽيل ملز پلانٽ لڳل آھي، 8070 ايڪڙن تي ٽائون شپ آھي، جڏهن ته 200 ايڪڙ زمين تي پاڻي ذخيري جو بندوبست ٿيل آھي، هي پاڪستان جو هڪ وڏو صنعتي ڪامپليڪس پڻ آھي، جنهن جي اندر 20 کان وڌيڪ شعبا موجود آھن. پاڪستان اسٽيل ملز 7,550 هيڪٽرز يعني 18،600 ايڪڙ جيڪو اٽڪل 75 ڪلوميٽرز يا 29 چورس ڪلو ميٽرز تي پکڙيل آھي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان اسٽيل ملز جي تباھ حاليءَ جو سبب اتي ملازم يونين سياست، ڪرپشن، اضافي ڀرتيون ڪري پگهارن جو وزن مٿان پوڻ آھي، اتي ابتدائي هڪ معمولي اشو ايس ايس جي سي ايل جي بلنگ ٻڌايو وڃي پيو، جنهن جي ڪري هن وقت به پاڪستان اسٽيل ملز 40 ارب رپين جي پڻ مقروض آھي، جڏهن ته 2020ع جي رپورٽن موجب پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازم جو تعداد 9,350 پڻ آھي. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

بدين جي علائقي امن آباد مان منشيات ختم ڪرايو!

 

پوري سنڌ ۾ ھڪ ته بک بدحالي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ٻيو منشيات جھڙي موذي مرض نوجوانن جون زندگيون داءَ تي لڳائي ڇڏيون آهن جتي صحت لاءِ ھاڃيڪار مختلف قسم جي منشيات جھڙوڪ گٽڪو، سفينا، مائو، آئيس، چرس ۽ شراب بدين بدين ضلعي جي علائقي ٻڍو قمبراڻي امن آباد سورھڏي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ديھ 189 سميت وکر جيان وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جنهن جي ڪري ڪافي ننڍي عمر جا نوجوان انھيءَ منشيات جھڙي مرض ۾ وٺجي چڪا آهن، انهيءَ جو اصل ڪارڻ سماج جي وڏي بيحسي جو اسان جا سياسي سرگرم وڏيرا انهيءَ معاملي کان بلڪل لاتعلقي جو اظهار ڪري اسان جي معاشري کي تعليم جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ منشيات ۽ انهن جي ونگارو ڊيلرن جي حمايت ۾ مشغول آهن، جنھن جي ڪري پوليس به ڪارروائي کان قاصر بڻيل آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ منشيات خلاف بھترين قدم کنيا آهن، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پڻ سڀني ضلعي جي ايس ايس پيز کي الرٽ ڪيو آهي پر پوليس ۾ ويٺل ڪجهه ڪاريون رڍون منشيات جي اڏن تي ڇاپا ھڻي ثبوت سان انهن کي وائکو ڪري وري پئسن جي ڏيتي ليتي بعد انهن کي بنان ڪنهن ايف آءِ آر جي آزاد ڪري ٿيون ڇڏين. افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته جي پوليس ۽ سياسي سرگرم ڌريون انهن کي ايتري حمايت ڪن ٿا ته پوءِ ايندڙ نسلن جو آخر ڇا ٿيندو؟ آئون آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي گذارش ڪندس ته پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات ۾ ملوث پوليس اھلڪارن، صحافين، سياسي ڀوتارن جو گھرو تنگ ڪيو وڃي ته جيئن بدين ضلعي سان گڏ پوري سنڌ منشيات کان پاڪ صاف ٿي سگهي.

 

شفقت جروار/ امن آباد

 

سنڌ جي سياستدانن ۽ آفيسرن کي مليل پروٽوڪول!

 

اسان جي سنڌ پوليس پاران سنڌ جي سياستدانن ۽ اعليٰ آفيسرن کي غير معمولي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٿي جنهن جو چونڊيل نمائندا غلط استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان اها پڻ خبر هلي هئي ته سنڌ حڪومت ۾ ئي موجود سياستدان پنهنجي سڪيورٽي تي موجود اهلڪارن کان غيرقانوني ڪم ڪرائي رهيا آهن، هوڏنهن ڪراچي جي صورتحال بابت پڻ تازي آيل رپورٽ موجب ڪراچي جي ٽوٽل 3 ڪروڙ آبادي لاءِ صرف 45 هزار پوليس جا اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 20 هزار ٽريفڪ ۽ 15 هزار وي آءِ پيز ۽ ٻين ڊيوٽين تي مقرر آهن، باقي صرف 10 يا 12 هزار پوليس اهلڪارن تي پوري ڪراچي جو وزن وڌو ويو آهي جن کان حالتون ڪيئن ڪنٽرول ٿين؟ جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت هاڻ نئين ڀرتي جي لاءِ اشتهار ڏنو آهي پر هنن کي گهرجي ته اڃا وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪن ۽ وي آءِ پيز جي غير ضروري سڪيورٽي پڻ واپس ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي پر ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي،  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اتر سنڌ سميت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪرائي شهرين کي بدامني مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

 

آصف علي/ سکر

 

پاسپورٽ فيون وڌائڻ عوام سان ظلم آهي!

 

تازو نئين وفاقي شريف برادران جي حڪومت اچڻ سان ئي 7 مارچ کان پاسپورٽن جون ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ جيڪي فيون وڌايون آهن ٻڌڻ شرط حيرت لڳي وڃي ٿي ته آخر هي ڪهڙو ملڪ آهي جو حڪمران ٻنهي هٿن سان عوام کي ته لٽن ڦرين ٿا ٽئڪس ۽ ٻين بهانن سان پر جيڪي خدا جا ٻانها الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ حج، عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ سان گڏ زيارتن لاءِ عراق ۽ ايران وڃن ٿا انهن ۽ ٻين کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ لازمي طور تي پاسپورٽ ٺهرائڻ شرط آهي. اڳوڻين حڪومتن ۾ ۽ موجوده نواز حڪومت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، جيئن اڳ نارمل پاسپورٽ في ٽي هزار هو ته هاڻي ساڍا چار هزار رپيا ڪيو ويو آهي، اڳ ارجنٽ في پنج هزار رپيا هئي ته هاڻي اها ساڍا ست هزار ڪئي وئي آهي، 10 سالا پاسپورٽن جي نارمل في ساڍا 4 مان وڌائي 6 هزار 700 رپيا ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح نارمل ۽ ارجنٽ کان پوءِ وري 5 سالن لاءِ اي پاسپورٽ نارمل فيس پنج هزار ۽ ارجنٽ اي پاسپورٽ في پندرهن هزار رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 10 سالن لاءِ اي پاسپورٽ نارمل في 13 هزار 500 رپيا ۽ ارجنٽ اي پاسپورٽ فيس 22 هزار 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پاسپورٽ ڊليوري پيرڊ نارمل 4 مهينا، ارجنٽ 25 ڏينهن ۽ اي پاسپورٽ 10 ڏينهن ۾ ملڻ جي تاريخ ڏيڻ جي تاريخ ڏني وڃي ٿي پر اڪثر ڪري انهن ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن ٻيا به وڌيڪ لڳايا وڃن ٿا. وفاقي حڪومت جي هن فيصلي تي وڏو ڏک ۽ حيرت آهي ته پهريان پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ عام نارمل پاسپورٽ چئن مهينن کان پوءِ ملي ويندو هو جيڪو هڪ وڏو پيرڊ آهي، وري انهيءَ کان به اچرج ڀري اھا ڳالھ آھي ته ايڪسائير مدو ختم ٿيڻ لاءِ به ايئن چيو وڃي ٿو ته  يعني پاسپورٽ 5 يا 10 سالا پيرڊ هجڻ دوران 6 مهينا اڳ ٻيو نئون پاسپورٽ ٺهرايو وڃي معنيٰ 4 مهينن کان وڌيڪ اڳ ٺهڻ وارو وقت ۽ 6 مهينا پويان اڳ ۾ مدي خارج ٿيڻ وارو وقت معنيٰ 10 کان 11 مهينا پاسپورٽ ٺهڻ واري عمل دوران اجايو ۽ فضول ڄڻ ته هڪ سال 12 مهينا هروڀرو مفت ۾ وڃي رهيا آهن، ٻي ڳالھ ته نواز حڪومت جي وفاقي حڪومت آخر ڪهڙي سبب ملڪ جي لکين عوام کي جيڪي عمري، حج، زيارتن لاءِ عراق ايران جي پانڌيئڙن زائرين لاءِ تڪليفون آڻي مظلومن سان ڀوڳ ڪري رهيا آهن. حڪومت وقت پاڻ ته اهي سعادتون نه ڪرائي رهي آهي، جيڪو روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار پنهنجي خرچ تي وڃي رهيو آهي انهن جي پاسپورٽ ۾ بي جا ۽ بي تحاشا پاسپورٽ فيس جي مد ۾ قيمتون وڌائي سراسر ملڪ جي عوام سان ظلم ۽ زيادتي آهي.

 

عبدالفتاح عباسي/لاڙڪاڻو

 

سنڌ حڪومت بيروزگاريءَ جو مسئلو حل ڪري!

 

صوبي ۾ بيروزگاري جو مسئلو وڏو مسئلو آهي پ پ حڪومت عوام کي روزگار فراهم ڪري رليف پهچائي مسئلو حل ڪري سگهي ٿيم ڳالهه اها آهي ته گذريل ٽن مڪمل حڪومتي دورن ۾ پ پ روزگار فراهمي حوالي سان گهڻي متحرڪ رهي ۽ بيروزگارن کي نوڪريون ڏئي بيروزگاري خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي ڏيکاريا 13-2012 کان بعد سنڌ ۾ پ پ حڪومت ته رهندي آئي پر ڪا نئين ڀرتي ڪري نه ڏيکاري آهي، خاص ڪري هيٺين گريڊن ۾ ڀرتي سنڌ حڪومت ڪرڻ لاءِ چوندي ته رهي پر ڪري نه سگهي ياد رهي ته هيٺين گريڊن جون اهي نوڪريون پ پ غريبن ووٽرن، ڪارڪنن، ورڪرن ۽ حقدار ماڻهن ۾ ورهائيندي آهي پر ان باوجود به اهي نوڪريون ميمبرن ۽ وزيرن جا ايجنٽ، واٺا، واسطيدار غريبن ۽ ورڪرن ۾ ڪونه ورهائيندا آهن بلڪه پئسن تي کپائيندا آهن، ماڻهن کي وٺرائي ڏيندا آهن، ووٽرن جو حق کائيندا آهن، مون جهڙا بيروزگار ۽ ووٽر ته ڊائريڪٽ پنهنجي حلقي جي چونڊيل نمائندن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ گذارش ڪندا ۽ گهرندا آهن ۽ ان اميد ۾ رهندا آهن ته جيئن نوڪري ملي پوي پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڀرپور نموني آءَ به ڪوششن باوجود ووٽر هوندي به انهن چونڊيل نمائندن کان ڪا خاص قسم جي نوڪري حاصل ڪري نه سگهيو آهيان نه وري انهن وٽان هيل تائين مون کي ڪو سڏي آرڊر وغيره مليو آهي، ها انهن وٽان صرف شهر جي چند پارٽي واسطيدار ماڻهن جي ٻيو ڪنهن کي نوڪري ناهي ملي سگهندي، ڪجهه ماڻهو ته انهن جي مخالفت ڪندي سڌو چوندا آهن ته اسلم ماڪو تون ته غريب آهين تون وٽ پئسه آهن جو تون کي انهن وٽان نوڪري ملندي پر جواب ڏيندو آهيان ته الله مالڪ آهي آءُ پ پ جو ووٽر آهيان ۽ ان اميد ۾ آهيان ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجا پاور هلائيندو بيروزگارن کي نوڪريون ڏيندو مون کي به ڪا نوڪري ملي پوندي، هن ڀيري ضرور منهنجي حصي ۾ هتان چونڊيل نمائندن وٽان ڪا نه ڪا نوڪري ايندي ۽ مون کي ملندي، هاڻي ته اها حالت آهي جو گريجوئيشن ڪرڻ بعد ۽ اوور ايج ٿيڻ بعد به حڪومت کان نوڪري جي اميد ۾ آهيان هن وقت پ پ سنڌ حڪومت ڇوٿون چڪر صوبي جو وهنوار سنڀاليو آهي ۽ اسين بيروزگار ان اميد ۾ آهيون ته الله ڪري جلد سنڌ جو وڏو وزير لوئر اسٽاف ڀرتي مختلف کاتن ۾ ڪري وٺي ۽ اسان جي بيروزگاري ختم ٿي پوي، تازو پ پ چيئرمين جو اهو بيان به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملازمن جو پگهارون وڌايون وينديون ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

جوھي جي آبادگارن جو مسئلو حل ڪيو!‎

 

سنڌ جي کيرٿر دادو ضلعي سان ڳنڍيل بلوچستان جي علائقن ۾ مينھن وسن ٿا ته  اهو پاڻي به لهي گاج نئين سميت ڪيترن وهڪرن ذريعي جوهي دادو منڇر ڪاڇو ۾ پهچي ٿو، پاڻي ڪيترن جاين تان اچي ٿو پر گهڻو پاڻي نئين گاج کان تير ڀت گاج ڊيوريشن بند ايف پي بند سان ٽڪرائي ٿو، جنهن جي ناقص غير معياري ڪمن سبب بندن کي روڻيون ۽ گهارا لڳن ٿا، جنهن سبب هر ٽئين سال آبپاشي کاتي وارن جي ٻيگهي متل رهي ٿي، هڪ طرف انهن بندن جي مرمت ۽ آبڪلاڻي موسم ۾ ڪچا ملازم ڀرٿي ڪرڻ پيٽرولنگ گهارن کي وقتي بند ڪرڻ، نالي لڪڙا ٽوا ٻين سامانن نالي الڳ هر سال ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري بوگس بل ووچرن سبب تير ڀت گاج ڊيوريشن بند ايف پي بند  جا ڪم مون سون جي برسات کير ٿر جو جابلو پاڻي  آبپاشي کاتي ۽ ان کي هلائيندڙ زرداري ٽولي لاءِ سونا بيضا ڏيندڙ ڪڪڙ  جيان بڻجي وئي آهي، هر ٽئين سال ايف پي بند ٻين ڪمن تعمير نالي اربين رپين جي ڪرپشن جو سلسلو جاري آهي جنهن جي اھڙي صورتحال ۾ 2022ع ۾ ڏٺو ويو ھو. ايف پي بند کي هٿرادو گهارا ڏئي وري بند نالي اربين ڪمايا ويا، هينئر به ناقص ڪم تي ڪاڇو جوهي واسي سراپا احتجاج آهن پر سنڌ حڪومت تحقيقاتي ادار نوٽس وٺڻ بجاءِ ايندڙ مون سون موسم بابت وري بندن کي گهارا لڳڻ هڻڻ جي ڪا پلاننگ ڪرڻ ۾ پورا آهن، جنهن سبب اربين رپين جي ڪمن کي ناقص غير معياري ڪري ايندڙ سالن ڪرپشن فراڊ جي راھ ھموار ڪئي پئي وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو