نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ فشريز کاتي جي صوبائي صلاحڪار سلمان مراد کليل ڪچھري ڪئي، جنهن ۾ عوام مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي علائقي واسين پوليس، بلديات، صحت، تعليم سميت مختلف کاتن خلاف شڪايتون ڪيون، جڏھن ته پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن، اين سي ايڇ ڊي جي استادن پڪو نه ڪرڻ ۽ ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي والدين پاران شاگرد شفيق سولنگي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف کليل ڪچھري ۾ احتجاج ڪيو، جن کي صوبائي وزير تدارڪ جي خاطري ڪرائي، کليل ڪچھري ۾ ڪامورن لاءِ ايئر ڪولر رکيا ويا جڏهن ته عام ماڻهو گرمي ۾ تڙپندا رھيا، سخت گرمي سبب کليل ڪچهري ۾ ماڻهن جو تمام گهٽ انگ موجود هو ۽ اڌ کان وڌيڪ پنڊال خالي پيل هو.