اشو آف دي ڊي “سنڌ مرڪي پئي” بحريا ٽائون واقعي ۾ 33 ايف آءِ آرز ختم، سوشل ميڊيا تي خوشي وارو ماحول

0
219

 سنڌ ھاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڪيس ۾  33 مان 27 ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي زين شاهه سوڌو ٻين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو، سي نو ٽو بحريا ٽائون ٽرينڊ به هلايو ويو، ان سلسلي ۾ سجاد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪاميابي جو تعلق انھن ماڻھن سان آھي جيڪي ان تي تمام گھڻو اعتماد ڪندا آھن ۽ ڊگھي عرصي تائين ڪندا آهن، هڪ ئي واقعي ۾ داخل ڪيل32 ايف ايف آءِ آرز مان سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 ايف آءِ آرز کي رد جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيون، باقي 5 ايف آءِ آرز جي قسمت جو فيصلو 28 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن تي امتياز چانڊيو لکيو ته رپورٽ اها ٿي آهي ته اهي ڪيس پوليس پاڻ سي ڪلاس ڪيا آهن، جمشيد هاليپوٽو لکيو ته سنڌ جي عوام جي لينڊ  مافيا خلاف فتح آهي، عبدالرحمان کوسو، ذوالفقار قادري، ذلفي ناٿن شاهي، مراد پندراڻي، ارسلان احمد عباسي، نور احمد ڪاتيار، راجڪمار وڻجارا، اياز کوسو ۽ ٻين مبارڪون ڏنيون. زيب سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ملڪ رياض اينڊ ڪمپني مهانگي ترين وڪيلن جي هوندي به ڌوڙ ٿي ويندي، 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وقار شر لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڀڃ ڊاھه واري معاملي جي 33 ڪيسن مان 27 ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مير خان چانڊيو وڪيلن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته اوهان جي محنتن سچائي جرتن  کي سرخ سلام، فتح جون مبارڪون، ملڪ رياض اينڊ ڪمپني مهانگي ترين وڪيلن حمايت هوندي به ڌوڙ ٿي وئي، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بحريا ٽائون ڪيس جون 27 ايف آءِ آر ختم باقي جو فيصلو بعد ۾ ٿيندو، جنهن تي عبدالقيوم جمالي لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي مبارڪون ۽ سلام هجي. سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي قومي شعور جي فتح ٿي آهي، سمورن سنڌ دوست ساٿين کي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي وڪيل برادري کي واڌيون اڄ بحريا ڪيس جون 27 ڪوڙيون ايف آءِ آر سنڌ ھاءِ ڪورٽ ختم ڪري ڇڏيون. جنهن تي سنڌو ڏاهري، حريف چانڊيو، سلمان سومرو، مير ڪنول، راحيل عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين پڻ اهڙي فيصلي جي آجيان ڪئي. الاهي بخش بڪڪ وڪيلن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڇا لکي ڇا لکان ھڪ قلم ھڪڙو مان ڪيئن پورو پوان، جنهن تي مجاهد حسين سيد لکيو ته سنڌ مرڪي پئي، رشيد سڌايو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي سنڌ کي واڌايون، بحريا واقعي جون 27 ڪوڙيون ايف آءِ آرز اڄ سنڌ ھاءِڪورٽ جي حڪم تحت ختم ٿي ويون، ظهير جوڻيجو، زوهيب حسن خاصخيلي، سرمد راڄپر ۽ ٻين پڻ مبارڪون ڏنيون.جويو سارنگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سمورن سنڌ دوست وڪيلن کي قومي سلام پيش ڪيون ٿا، جن بحريا ٽائون واري ڪيس ۾ پاڻ ملھايو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي بينچ ۾ سنڌ دوست وڪيلن جي آرگيومينٽس بدولت محترم جج صاحب اڄوڪي فيصلي ۾ 32 ايف آءِ آرز مان 27 ايف آءِ آرز ختم ڪري ڇڏيون، باقي 5 ايف آءِ آرز رھيون آھن، جيڪي به اڳئين ٻُڌڻي ۾ وڪيل دوستن جي جدوجھد سان ختم ٿينديون ۽ اسان جي مڪمل فتح ضرور ٿيندي.سيد خليل احمد لکيو ته فتح جون مبارڪون، 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي مهيسر ڪاظم حسين لکيو ته رڳو مسقل مزاجي سان بيھي پنهنجن  حقن لاءِ جدوجهد ڪيو پئسو ۽ طاقت به توھان جي آڏي شڪست کائيندا، بحريا ڪيسز ان جو مثال آھي ايڊووڪيٽ عبدالواجد کوکر لکيو ته ان جو ڪريڊٽ وڪيلن ڏانهن وڃي ٿو، ممتاز بروهي، مصطفيٰ نظاماڻي، ايڊووڪيٽ وقار هڪڙو، عبدالستار گبول ۽ ٻين به مبارڪون ڏنيون. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي هي دوکي جي ديوار او يار، هاءِ ڪورٽ 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جي فيس بوڪ پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ويو ته سنڌ جي وڪيلن کي سلام ٿا پيش ڪريون جيڪي قومي جذبي سان بحريا ٽائون ڌرڻي وارو ڪيس وڙهي رهيا آهن. اڄ 27 ڪيس ختم ڪرائڻ واري ڪاميابي حق جي فتح آهي. جنهن تي رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته هن معاملي ۾ سنڌ جي وڪيلن جو ڪردار شاندار ۽ قابل فخر رهيو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، صنم ناز خان، سالار جمن مگسي، ممتاز لاشاري، نويد چانڊيو ۽ ٻين پڻ خوشي جو اظهار ڪيو. منير مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته باقي بچيل 5 ايف آءِ آرز بابت 28 تاريخ تي 9:30 بجي ٻڌڻي ٿيندي. اصغر ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاءِ ڪورٽ پاران بحريا اسيرن جون 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ ۽ ڪيسن ۾ رھيل سمورن اسيرن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.