سوال/سروي رمضان مهيني ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي: عوام

0
574

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته رمضان مهيني ۾ سحري ۽ افطار وقت اوهان جي علائقي ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سحري ۽ افطار وقت بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ گيس جي سهولت ئي نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي ڪجهه علائقن ۾ وري ڪيتري ئي عرصي کان بجلي بند هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مرڪ منان چانڊيو لکيو ته وارھه ۾ بجلي سحري ٽائيم هلندي آھي باقي افطار جي وقت ڪڏھن هلندي آھي ڪڏھن نه، احسان ملاح لکيوته ته نندو شهر ۽ ڀرپاسي سحريءَ ۽ افطارءَ جي وقت تي اڪثر بجليءَ ۽ گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ سحري کان پوءِ بجلي وڃي افطار کان اڳ اچي ٿي، نورالدين سولنگي لکيو ته وارث ڏنو ماڇي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند آهي جنهن ڪري رهواسي پريشان آهن، رفيق بلوچ لکيو ته پکو ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي رمضان جي پھرئين روزي کان ڪاٽي وئي آهي، ان جو سبب رشوت نه ڏيڻ آهي. سينگار علي لکيو ته ٻيلو شهر ۾ بجلي 24 ڪلاڪن مان صرف 4 ڪلاڪ هلندي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ٺل ۾ بجلي هلي پر گيس جو حال ناهي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته ڳيريلو ۽ ڀرپاسي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، عمران ميراڻي لکيو ته صدرجي ڀٽيون ۾ بجلي ۽ گيس جو وڏو آزار آھي 24 ڪلاڪن مان صرف 6 ڪلاڪ بجلي ھلي ٿي ۽ گيس ڏينهن رات ۾ صرف ڪلاڪ پئي ھلي، شنڪر باغي لکيو ته چيلهار ۾ بجلي سحري ۽ افطار ٻنهي ٽائيمن تي موجود هوندي آھي، جي ايم مگسي لکيو ته ٽنڊوآدم جي علائقي مظفرآباد ۾ گيس جو سهولت ناهي ڪاٺين تي رڌپچاءُ ڪندا آهيون، عادل الاهي بخش لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ بجلي صرف 24 ڪلاڪن مان 6 ڪلاڪ هلي ٿي، بشير احمد لکيو ته نصيرآباد ۾ اڳ جيان ساڳيو ئي آزار برقرار آھي، ثناءُالله چنا لکيو ته پيروسڻ ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ ته رمضان شريف ۾ ساڳي ئي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي سحري ۽ افطار وقت بجلي نه هوندي آهي باقي هتي گئس ناهي. طارق باجڪاڻي لکيو ته سحري وقت بجلي بند ۽ افطار وقت هلندي آهي باقي هتي ٻهراڙي ۾ گيس ناهي، عمران مساڻ لکيو ته نصيرآباد جي ڳوٺ گولو ڳنواس ۾ بجلي خراب آهي، فرمان چانڊيو لکيو ته فريد آباد گرڊ اسٽيشن کان نڪرندڙ خان فيڊر تي سال کان بجلي بند آهي، امان الله لغاري لکيو ته ٽنڊوالھيار ۾ سحري ۽ افطار وقت بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ناهي ٿيندي، وشال رٻاڙي لکيو ته ملڪاڻي شريف ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، اعظم عالماڻي لکيو ته هتي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ناهي ٿيندي. عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج ۾ گيس جي سهولت ناهي باقي بجلي هٿرادو فالٽ هڻي بند ڪئي ويندي آهي، وقاص ياسين لکيو ته ڦلجي اسٽيشن ۾ سحري وقت بجلي ۽ گيس ناهي هوندي، راشد لطيف لکيو ته ٽنڊو مير علي ۾ سحري ۽ افطار وقت بجلي ناهي هوندي، ايم يونس لکيو ته ڪوٽڙي گيس جي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي آهي، سڪندر بلوچ لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ سحري ۽ افطار وقت لوڊشينگ ٿيندي آهي، عدنان علي واجد لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ 2 ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ 2 ڪلاڪ رات جو لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، منظور هاليپوٽو لکيو ته ٽلٽي جي ڪچي ۾ ٻن سالن کان بجلي ناهي، سولر تي ڪم هلي ٿو، سينگار علي لکيو ته سڪرنڊ ۾ لوڊشيڊنگ ڪجهه گهٽجي وئي آهي، محمود سومرو لکيو ته خانواهڻ فيڊر 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3ڪلاڪ هلندو آهي، سليم اختر لکيو ته ڌڱاڻو بوزدار ۾ لوڊشيڊنگ نٿي ٿئي، منان ميمڻ لکيو ته هنڱورجا لوڊشيڊنگ ناهي، سرفراز ساريو لکيو ته سجاول جوڻيجو بجلي صحيح هلي ٿي، اختر سنڌيار لکيو ته تنگواڻي ۾ سحري ۽ افطار وقت بجلي ناهي هوندي، طارق حسين راڄپر لکيو ته سوئي گيس ۾ سحري ۽ افطار وقت لوڊشيڊنگ معمول آهي، عاشق حسين لکيو ته شڪارپور ۾سحري ۽ افطار جي وقت بجلي سان گڏ گيس جو بحران وڌيڪ آھي، گيس پريشر گهٽ هوندو آهي، احمد رضا لکيو ته خيرپور ۾ اهو مسئلو عام آهي، الله رکيو سيال لکيو ته قاضي احمد ۾ افطار وقت گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايم صديق کوسو لکيو ته اسان وٽ نه افطار ۽ نه سحري ٽائم بجلي آھي، وقار خاصخيلي لکيو ته خانواهڻ ۾ رڳو لوڊشيڊنگ آهي، شهدادڪوٽ ۾ بجلي جي لوشيڊنگ ٿيندي آهي. رضا بجير، محب علي شاهه، وفا جان اوٺو، علي عباس شر، مختيار چاچڙ، عنايت الله برهماڻي، ذيشان علي، ثمينه پرهه، ايم يوسف لغاري، پريم ڀٽ شاهه، نجيب کوسو، واجد علي، ايم عشرت بروهي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.