هڪ چٺي تعليم جي وزير ڏانهن!
سنڌ ۾ بيروزگاريءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن حڪومت نوڪرين جو ڪو اشتهار جاري ڪندي آهي ته سنڌ جا لکين نوجوان ڪاليجن يا يونيورسٽين ڏانهن پنهنجون ڊگريون ڪڍرائڻ يا ڊگرين بابت مختلف مسئلا حل ڪرائڻ ۾ جنبي ويندا آهن، هنن مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جا لکين رپيا خرچ ٿيندا ۽ اهي مسئلا انهن شاگردن جي لاپرواهيءَ جي ڪري نه ٿيندا آهن پر يونيورسٽي انتظاميا جي لاپرواهيءَ جي ڪري ٿيندا آهن، مثالطور يونيورسٽي جي انتظاميه کي اها خبر ناهي ته چونڊ سبجيڪيٽن ۾ ڪو به هڪ سبجيڪيٽ کڻبو ته ٻيو پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندو آهي پر نااهل انتظاميا ان ڇڏيل سبجيڪيٽ کي غير حاضر قرار ڏئي سنڌ جي ڦريل نوجوانن کي ويتر ڦريندي آهي جنهن جو مثال آئون پاڻ آهيان ۽ ائين ئي سنڌ جو نوجوان هر لحاظ کان پيو ٿو ڦرجي، هاڻ تازو استادن جي ڀرتين لاءِ ڏنل اشتهار به سنڌ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ صرف اشتهار ئي رهجي ويو، جي ها، ڇو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور توڙي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ٻنهي يونيورسٽين رزلٽ ڏيڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪئي آهي جنهن جي ڪري هزارين شاگرد هن سونهري موقعي کان فائدو وٺڻ کان رهجي ويا آهن، تنهن ڪري اسين سنڌ جي تعليم واري وزير محترم سعيد غني کي درخواست ٿا ڪريون ته خدارا پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ آن لائن فارم ڀرڻ جي تاريخ  هڪ هفتو وڌائي وڃي ته جيئن سنڌ جا نوجوان هن بيروزگاري جي بحر مان نڪري سگهن .
غلام الله گاڏهي/نصير آباد
آخر تعليم کاتو ڪڏهن ننڍ مان جاڳندو؟
بجيٽ 2019-20 سنڌ جي مختلف کاتن ۾ 30 سيڪڙو به بجيٽ خرچ نه ڪري سگهڻ ۽ فنڊ ليپس ٿيڻ جو خدشو گذريل سال جيان هن سال به بجيٽ عوام کي ڪو لاڀ نه ڏئي سگهي، جيڪو هڪ حڪومت جي نااهلي جي واضح ثبوت آهي. تاريخ 2021-04-22 تي پنهنجي اخبار پڙهڻ دوران هڪ ليک نظرن مان گذريو، مون کي ته ڏندين آڳريون اچي ويون، تعليم کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي اهو اعتراف ڪيو ته فرنيچر ناهي، 16 لک کان وڌيڪ شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا، خبر پڙهڻ دوران سوچڻ لڳس ته تعليم کاتي وٽ اربين رپين جي بجيٽ هئڻ باوجود به خرچ ڇو نٿي ڪري ۽ پئسا ليپس ڇو ٿا ڪيا وڃن يا ايئن چئجي ته تعليم کاتو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، سنڌ کان سواءِ ٻئي صوبي خاص ڪري ٻين صوبن کان پٺتي پيل ۽ قبائلي علائقي بلوچستان تي نظر وجهنداسين ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي کان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اسڪولن جي حالت سڌريل ملندي ۽ استادن جي کوٽ نه هئڻ برابر آهي. هن جديد دور ۾ به اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي، آخر ڪڏهن تعليم کاتو اگهور ننڍ مان اٿندو ۽ تعليم جو ٻيڙو طاريندو؟ تعليم کاتي کي گذارش آهي ته خدارا سنڌ جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ٿي وينداسين ۽ جهالت جنم وٺندي.
نصير حيدر ڇٽو/ڳوٺ ايم اسمائيل ڇٽو، وارهه
سک دڪاندار نرنجن سنگهه کي سرخ سلام!
رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي آمد کان اڳ اسلامي ملڪ ۾ منافعي خور هٿرادو مهانگائي لاءِ پيا سٽون سٽيندا آهن، سندن ان ڪڌي عمل سبب هتان جو غريب ۽ وچولي طبقي جو ماڻهو تمام گهڻو ڀوڳيندو آهي. هٿرادو مهانگائيءَ جي ڪري اهي پنهنجن پيارن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پنهنجيون خوشيون به قربان ڪري ڇڏيندا آهن پر وري خيبر پختون خواه جي ضلعي خيبر سان تعلق رکندڙ هڪ سک دڪاندار نرنجن سنگهه جيڪو پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ ڪنهن مسيحا کان گهٽ ناهي. توڙي جو سندس اسلام سان پري پري تائين جو به تعلق ناهي پر ان باوجود به پاڻ هن فضليت ڀرئي مهيني جي احترام لاءِ پوري رمضان ۾ پنهنجي دڪان تي سودو منافعي وٺڻ کان سواءِ وڪڻي ٿو، پاڻ هر سال رمضان مهيني ۾ منافعو ڪمائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهن کي سستو سامان فراهم ڪندو آهي، سندس چوڻ آهي ته سال جا 11 مهينا منافعو ڪمايون ٿا پر رمضان رب جي رضا ڪمائڻ جو مهينو آهي. نرنجن سنگهه جي دڪان تي رمضان مهيني ۾ سودو سستو ملڻ سبب سندس دڪان تي ماڻهن جي تمام گهڻي رش نظر ايندي آهي. سندس دڪان تان سستو سودو ملڻ سبب خريدارن جي حيرانگي پڻ ڏسڻ وٽان هوندي آهي ۽ ٻئي طرف جمرود بازار جا سمورا دڪاندار پڻ پريشان نظر ايندا آهن. نرنجن سنگهه جو چوڻ آهي ته رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ منافعو نه ڪمائڻ سبب دڪان جو ڪرايو ۽ مزدورن جي مزدوري کيسي مان ڏيندو آهيان، نرنجن سنگهه جي انهن مسلمانن ڊيلرن، واپارين ۽ ننڍن دڪاندارن جي منهن تي چماٽ هئني آهي، جيڪي پاڻ کي مسلمان سڏرائين ٿا، حاجي، زنوار، آهن ۽ اهي هر سال عمرو، حج ۽ زواري تي وڃڻ لاءِ ته تيار هوندا آهن پر کين بابرڪت مهيني ۽ پنهنجن مسلمانن ڀائرن جي تڪليفن جو ڪو به خيال نه هوندو آهي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
ذوالفقار ڀٽو لائبريري پني عاقل ۾ سهولتون اڻلڀ!
پنوعاقل سکر وڏو تعلقو ۽ لکين ماڻهن جي آبادي تي ٻڌل شهر آهي، هتي قومي ۽ صوبائي سيٽ تي هزارين پر لکين جي تعداد ۾ ووٽ ڪاسٽ ٿيندو آهي، هتان جا ماڻهو باشعور ۽ پڙهيل لکيل هجڻ سان گڏ وڏين پوسٽن تي آهن، هتان صوبائي سيٽ تي چونڊيل ميمبر ڄام اڪرام خان ڌاريجو ۽ خورشيد شاهه به پڻ هتان چونڊجي اسيمبلي پهتل آهن، هن وقت ڳالهه اها آهي ته ذوالفقار ڀٽو لائبريري ۾ گذريل ڪجھ مهينن کان ايڊمنسٽريٽر جي چارج ايس ڊي ايم کي مليل آهي، تڏهن کان لائبريري ۾ هڪ به اخبار نٿي اچي، نه وري لائبريري ۾ ڪو انتظام آهي. جيئن بجلي جي بار بار بند ٿيڻ ڪري جنريٽر ڪنيڪشن لڳل هوندو هو، جيڪو به پڻ هن وقت بل نه ملڻ ڪري ڪنيڪشن ڪٽيل آهي نه ڪا اخبار ٿي اچي. اخباري هاڪر کان معلوم ٿيو ته ڪا به اخبار اسان روڪي نٿا سگهون اسان جو ڪم اخبارو پهچائڻ آهي سبب اهو آهي ته اسان کي ٽائون ڪاميٽي مان بل نٿو ملي، بل ملندو ته اسان اخبارون به وقت سر پهچائي ڇڏينداسين. مطلب ته هن وقت لائبريري ۾ هجڻ واريون سهولتون اڻلڀ آهن، هن وقت هن خط ذريعي وزير اعلى سنڌ، مڪاني کاتي جي وزير ۽ ڪمشنر سکر کان اميد ۽ گذارش ٿي ڪجي ته خدارا ذوالفقار علي ڀٽو لائبريري ۾ پڙهڻ لاءِ اخبارن جي سهولت ۽ ان سان گڏ بجلي نه هجڻ ڪري جنريٽر ڪنيڪشن جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن شهري ۽ شاگرد آرام سان اتي پڙهي سگهن. ٽي ايم اي سجاد سمائر جيڪو لوڪل آفيسر آهي ان سان گڏ ٽي او فنانس واجد شيخ جيڪو پنهنجي نالي ماتر ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل ۾ ڊيوٽي جي پروگريس ڏيکاري ايس ڊي ايم صاحب کي خوش ڪيون ويٺا آهن ته سڀ ڪجھ بهتر آهي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
سجاول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ بيحس انتظاميا
بدقسمتي سان سجاول ضلعي جي اڪثر علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي جنھن ڪري ڪن مخصوص جاين کي ڇڏي باقي ڪٿي به هينڊ پمپ جو پاڻي موجود ناهي، سخت گرمي ۾ سجاول جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهي، مجبورن پيئڻ لاءِ پاڻي به پئسن تي وٺڻو پوندو آهي، غريب ماڻهو جيڪي سير اٽي لاءِ به سورن ۾ ھوندا آھن، اھي پاڻي به پئسن تي وٺڻ تي مجبور آهن، ان کان سواءِ مالوند ماڻهو پنهنجي مال لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ ھوندا آھن، سچ پچ ته سجاول ۾ پاڻي جي کوٽ ٿر جو ڏيک ڏيندي آهي، اسان وٽ شاخن ۾ 6، 6 مھينا پاڻي ناهي ايندو، ھن وقت به ضلعي جي سمورين شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي پر سچ اهو آهي ته ادارن جي تباهي کان پوءِ گھڻين شاخن جو وجود ئي ختم ٿي ويو آهي، نه عملو آهي نه بيلدار نه مقدما نه داروغا، جيڪڏهن ھوندا ته به ڪاغذن ۾ ھوندا، باقي سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪک آهن، گذريل 10 کان 12 سالن ۾ اسان جي مٽلا شاخ تي اسان ڪنهن عملدار کي ناهي ڏٺو، شاخ جي ٻنهي پاسن کان پٽڙيون ئي ختم ٿي چڪيون آھن، ديوي جي وڻن ۾ نه شاخ ٿي نظر اچي نه ئي پٽڙي ته ڪٿي وري پٽڙي تي ماڻهن غيرقانوني قبضا ڪري پنھنجا وڻ لڳائي ڇڏيا آھن، ڪنهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. سچ اهو آهي ته عوام پاڻي لاءِ پريشان آهي ڀوتارن لاءِ ته منرل واٽر جي به کوٽ ناهي پر غريب ماڻهن کي اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي ته لک احسان ٿيندا، وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا ھن طرف ڌيان ڏيو، آئون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سجاول جي ماڻهن کي اڃارو مرڻ کان بچايو وڃي.
 عبدالڪريم هالو/ ٻيلو سجاول
واهي پانڌي جوهي روڊ جو مرمت ڪرايو!‎
جوھي واهي پانڌي روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، هاڻي وري سانوڻ جي سخت موسم اچڻ واري آهي، واهي، جوهي روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، ٻوڏ ۽ برساتن جي مند وري موٽي آئي آھي پر افسوس سنڌ حڪومت گاج ڊائيورشن، جوهي بچاءُ بند ۽ نئين نلي جي بندن کي ٻڌڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، تباهه ٿيل روڊ رستن جي بحالي ۽ زبون حال گهرن ۾ رهندڙ ھزارين ڪاڇي واسين لاءِ به ڪنهن کي ڪو فڪر ناهي، تنهن ڪري صورتحال انتهائي خطرناڪ نظر اچي رهي آھي، برسات سبب ڪاڇي جي مجموعي شھرن ۽ ڳوٺن جو زميني رابطو هميشه ڪٽجي وڃي ٿو، ايمرجنسي جي صورت ۾ انساني جانين جو پڻ نقصان ٿئي ٿو، جنهن جي اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ ضروري آھي، اسپتالن ۾ طبعي عملي، ليڊي ڊاڪٽر، کاڌي پيتي جي شين جي رسد جا انتظام ۽ غريب طبقي لاءِ ٽينٽ هينئر ئي فراهم ڪيا وڃن، ان کان اڳ جو ڪا انتظامي نااهلي وڏي سانحي جو سبب بڻجي، آئون وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندس واهي پانڌي روڊ جو مرمت ڪم ڪرايو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
احساس ڪفالت سينٽر ۽ آڳوٺو!
ھل پوڙھي تنھنجو آڱوٺو نٿو لڳي، پنھنجو ڪارڊ کڻ، ٻئي مائي کي جڳھ ڏي، وڏي قطار ۾ ڪافي وقت کان انتظار ۾ بيٺل 80 سالن جي ضعيف جڏھن رڙھي اچي پھتي ته ان جو آڱوٺو نه لڳڻ جو ٻڌي مايوس ٿي وئي، ابا غريب آھيون ڀاڙو به اڌارو وٺي پھتا آھيون، خدا جو واسطو اٿئي وري ڏس متان آڱوٺو لڳي پوي، پئسا ڏيڻ واري ڊوائيس مشين ھلائيندڙ نوجوان ڇوڪري کي ٻڍڙي آسي منٿون ڪرڻ لڳي. پوڙھي اڳتي ٿي ٽائيم کوٽي نه ڪر وڃي نادرا مان نئون ڪارڊ ٺھرائي اچ، مشين وارو ڇوڪرو پوڙھي تي جذباتي ٿيڻ لڳو، امدادي رقم ۾ وڏيون اميدون رکندڙ ٻڍڙي آسي ٿڪل قدمن سان مايوس ٿي ٻاھر واپس اچي رھي ھئي تيستائين سينٽر اندر موجود ھڪڙو ھمراھ پوڙھي کي ٻانھن مان جھليندي چوي ٿو ناني ڪم ٿيو يا نه؟ نه ابا، چون ٿا صحيح نٿي لڳي، ھمراھ کيس سمجھائڻ لڳو پوڙھي آڱوٺي تي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، دوا لڳائينداسين آڱوٺو لڳي ويندو، ھزار کن لڳندو چوين ته ڪارڊ ڪرائي ڏيانءِ پوڙھي جنھن ڪافي عرصي کان سينٽرن تي ان قسم جي دلالن جون ذلالتون برداشت ڪيون ھيون، سا ھن جو به سر سمجھي وئي، ابا دعائون ڪنديسانءِ، ھزار سر تان گھوريو، بس وارو ڪر، ٻڍڙي آسي جي چھري تي ڄڻ اميد وري آئي، پوءِ ھمراھ پوڙھي جي ھٿن کي سينيٽائيرز لڳائي ھٿن کي پاڻي سان ڌوئاري ٻيھر ٻڍڙي جو آڱوٺو لڳرائي ٿو جيڪو ميچ ٿي وڃي ٿو.
راجا رجب علي/نيوڇور
لائبريري جي اهميت‎، جھالت غلامي آ!
جنهن سماج ۾ ھوٽلون وک وک تي ھجن پر لائبرري سڄي شھر ۾ نه ھجي ته اتي ماڻھن جا پيٽ وڏا ۽ دماغ ننڍا ٿي ويندا آھن، لائبريري دماغ جي اسپتال ھوندي آھي، ڪتابن سان ڀريل لائبريري ئي هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي اسان  ماضي ۽ حال جي ديوتائن سان آزادي سان ڪچهري ڪري سگهون ٿا، ڪتابن جي باري ۾ جرمن قول آهي ته: “ڪتاب پيالي جيان آهن، جن مان پاڻي پيئڻ توکي پاڻ سکڻو پوندو.” اسان کي بهار لاڙڪ يوسي نورپور ۾ لائبريري جي ضرورت آهي، اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ وس وارا اسان جي هيءَ اپيل اگھائيندا.
حسن رضا مڱڻھار/فقير نور محمد لاڙڪ
هڪ چٺي وزير اعليٰ سنڌ ڏانهن!
محترم جناب، سيد مراد علي شاهه صاحب، آئون ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه ديهه ۽ يوسي مرادپور تعلقو ۽ ضلعو سجاول جا رهواسي آهيان، سائين جن کي عرض ٿو ڪريان ته اسان جو ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه بنيادي سڀني سهولتن کان محروم آهي. هتي هڪ اسڪول 1964-04-16 کان رجسٽرڊ ٿيل آهي جيڪو گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه  سيمز ڪوڊ نمبر 404080109 ٻيٽ ٻيلو جي نالي سان مشهور آهي، تنهن جي عمارت 2021ع واري مها ٻوڏ ۾ ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي هئي، ان کان پوءِ اسان هتان جي بالا آفيسرن ۽ سياسي نمائندن کي به چيو ۽ لکت ۾ به ڏنو پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو، ان کان سواءِ ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي لنڪ روڊ جي حالت به ڪافي زبون ٿي چڪي آهي. ٻيلو شهر کان 7 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هئڻ باوجود به اسان کي لنڪ روڊ نٿو ڏنو وڃي، 2 ڪلوميٽر جو ڪچو رستو هئڻ ڪري برسات وقت اسان جو شهرن سان مڪمل رابطو ڪٽجي ٿو وڃي، قادري فارم کان  بجلي اسان جي ڳوٺ کان صرف ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي پر بجلي جهڙي سهولت به هن ڳوٺ کي ميسر ناهي، هتان هڪ سم نالو آر-6 گذري ٿو جنهن جي هر سال کاٽي نه کڃڻ ڪري اسان جي ڳوٺن سميت ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺ برسات جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. غريب هاري ڳرا قرض کڻي پوکي ڪن ٿا پر سندس فصل برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي وڃن ٿا، جنهن سبب هو واپارين جا قرضي ٿي وڃن ٿا، ان کان سواءِ اسان جي ڳوٺ ۾ صحت جي ڪا به سهولت ناهي نه ئي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر آهي. اسان سائين جن کي عرض ٿا ڪريون ته ضلعي ۽ تعلقي سجاول جي يوسي مرادپور جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
راجا ڏاهر جي تاريخِ وفات!
هتي ٿورو ذڪر راجا ڏاهر جي شهادت واري تاريخ جو به ٿي وڃي، سنڌ جي تاريخ جا گھڻو ڪري سمورا ڪتاب ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها جنگ 10 رمضان سنه 93 هه تي لڳي هئي، جنهن ۾ راجا ڏاهر شهيد ٿي ويو هو پر اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل ناهي ٿي سگھيو ته ان ڏينهن عيسوي ڪئلنڊر جي ڪهڙي تاريخ ۽ ڪهڙو مهينو هو؟ سال ته 712ع لکن ٿا، فيس بوڪ تي ڪجهه دوستن اها تاريخ 2 جولاءِ لکي آهي، ڪافي ماڻهو 2 جولاءِ تي راجا ڏاهر جي ورسي به ملهائيندا آهن. جڏهن اردو انسائيڪلوپيڊيا ۽ سنڌ جا ڪافي ساڃاهه وند 20 جون واري تاريخ تي متفق آهن. محمد صالح کهڙو جي ڪتاب “سنڌ جي معلومات، سوالن جوابن ۾” 24 جون لکيل آهي. جڏهن ته جنت السنڌ ۾ اها تاريخ 16 جون لکيل آهي. لب تاريخ سنڌ ۾ اها تاريخ 30 جون لکيل آهي. هاڻي هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته هيتري عظيم سپهه سالار کي تاريخ ايترو ڇو منجهايو ويو آهي؟ آئون محترم اوڀايو خان خشڪ جو نهايت ٿورائتو آهيان جنهن فيس بوڪ تي منهنجي پڇيل سوال جو جواب لکيو ته 20 جون ئي درست تاريخ آهي. خشڪ صاحب پاران اهو به لکيل آهي ته جنتري جي حساب سان به 20 جون واري تاريخ اچي ٿي. جڏهن ته اردو انسائيڪلوپيڊيا 1962ع جو شايع ٿيل آهي ۽ ڪافي مستند ڪتاب آهي. ان ۾ به اها تاريخ 20 جون 712ع لکيل آهي ۽ اها ئي مستند تاريخ آهي. اهو ڪتاب لڳ ڀڳ 1700 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان وقت ان جي قيمت 30 رپيا هئي.
منون يادو/ميرپورخاص
رحمتن جو مھينو يا واپارين جي ڪمائي جو مھينو!‎
رمضان جو مھينو جتي مالڪ حقيقي طرفان رحمتن ۽ برڪتن سان ڀريل مھينو تحفي ۾ ڏنو ويو آھي اتي وري اھو مھينو جنھن جي اچڻ سان واپاري ۾ ڄڻ خوشي جي لھر ڇانئيل ھوندي آھي، اھا خوشي رحمتن برڪتن يا روزا رکڻ نه پر واپارين کي سندن ڪمائي جي اميد ھوندي آھي، ھر شھر جو گشت ڪندڙ مختيارڪار يا ٻيا آفيسر به رڳو جائزو وٺندي لسٽو جاري ڪندا آھن پر انھن لسٽن ۾ سرڪاري اگھ وري ڪھڙا سستا ھوندا آھن؟ جيڪڏھن سرڪاري اگھ ئي چوٽ چڙھيل ھوندا ته پوءِ واپاري ته اڳ غريبن کي ڦرڻ جا ماهر آھن، سوچڻ جھڙي ڳالھ آھي، جنھن ملڪ ڏتڙيل عوام روزي جي افطاري لاءِ ھڪ ڪلو سردو به نه وٺي سگھي ته پوءِ اھي غريب وڌيڪ ڪھڙي خوشحال زندگي گذاريندا ھوندا؟ ان ڪري سڀ ڪجھ ممڪن آھن، سستائي ٿي سگھي ٿي، خوشحال به اچي سگھي ٿي، واپارين جي مڳي به ختم ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن حڪومت چاھي ته سڀ ڪجھ بھتر ٿي سگھي ٿو.
رياض امر ٻجورو/سجاول
چيلهار تي به ڌيان ڏيو!
چيلهار ۾ چيئرميني دور ختم ٿيڻ کان پوءِ چيلهار ٽائون ۾ مقرر ٽائون آفيسر سعيد خان بروهي شهر جي مسئلن تي ڌيان ڏيندي ڪافي بهتري آندي هئي پر گذريل 3 مهينن کان ڄاڻايل ٽائون آفيسر جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ شھر وري ننڌڻڪو بڻيل آھي، ٻن ٽن مهينن دوران ٽائون آفيسرن جون بدليون روز جو معمول بڻيل آھن، ڪو به ٽائون آفيسر لاڳيتو هڪ مهينو به ڪرسي تي نه ويهي سگهيو آھي، ان ڪري چيلهار جا مسئلا پڻ وڌي ويا آھن. ٽائون عملي جون پگهارون به نه ٿي سگهيون آھن، شھر جو ڊرينيج نظام پڻ ناڪارا بڻجي چڪو آھي، ان ڪري شهر ۾ مڇرن جو آزار گھڻو وڌي ويو آھي ۽ ماڻھو راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آھن، ان کان سواءِ شھر جا سمورا سي سي روڊ پڻ ٽٽي چڪا آھن، شھر ۾ لڳل سولر سسٽم تي هلندڙ لائيٽون به خراب ٿي چڪيون آھن، ان کان سواءِ شھر ۾ سوين رولو گڏھن پڻ شھرين جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، رولو گڏھن جي شهر ۾ ڊوڙڻ سبب ٻار پڻ لتاڙجڻ لڳا آھن، گڏھن ۾ ايتري مستي آھي جو اهي ھڪلڻ تي ماڻھن کي لتون ۽ چڪ پائڻ لاءِ ڊوڙندا آھن، ماڻھو پنهنجي گهرن آڏو ٻڪرين وغيره کي چارو وغيره ڏيندا آھن ته اهو به رولو گڏھ کائي ويندا آھن. شھر واسين جيڪڏھن ٽائون جي ڪو انتظاميا آھي ته ان کان جيڪڏھن نه آھي ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سيشن جج مٺي کان مطالبو ڪيو آھي ته ڄاڻايل مسئلن جو نوٽيس وٺندي مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن شھري سک جو ساهه کڻي سگهن.
شنڪر باغي/ چيلهار
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ اسد هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي تاريخ جو انتظار ڪري ڪري موٽي آيو، هو اڄ منهنجي آزاديءَ جي آسري پنهنجي ڊيوٽيءَ تي به ڪو نه ويو، هُن چيو ادا آصف توهان جي ته اڄ تاريخ ئي ڪونه هئي. توهان خط ۾ لکيو هو ته 7 ۽ 8 اپريل توهان جون تاريخون آهن، ڪورٽ ۾ مون هن کي چيو ته وڪيل جي جونئير کان غلطي ٿي وئي هئي ته هُن منهنجي تاريخ لاءِ ارجنسي سنگل بئنج بدران ڊبل بئنچ ۾ هڻي ڇڏي هئي. اسد ٻڌايو ته ڪالهه ڳوٺ ۾ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ وارن جي گاڏي آئي هئي پر انهن منهنجو ڪارڊ نه ٺاهيو ڇو جو مون وٽ امان جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ڪونه هو. شام جو خبر پئي ته منهنجي هاءِ ڪورٽ جي اصل تاريخ 30 اپريل آهي، ڀائو بدر منير صاحب منهنجي وڪيل سان رابطو ڪيو، فرحان ابڙو صاحب چيو ته آئون تنهنجي مدعي سان به رابطي ۾ آهيان. تنهنجو راضي نامو جلد ٿي ويندو، مون پنهنجي وڪيل کي چيو ته توهان مدعي پارٽي سان رابطو نه ڪريو ڇو جو آئون بيڏوهي آهيان، ان لاءِ مون کي بس ڪورٽ سڳوريءَ کان ئي انصاف جي اميد آهي. منهنجي وڪيل هڪ ٽهڪ ڏيندي چيو ته پوءِ توکي اڃا به 12 سال جيل ۾ ڪاٽڻا پوندا. ڇو جو هي پاڪستان آهي هتي انصاف نه تاريخون ملنديون آهن، شام جو وڌيڪ ماکي کائڻ جي ڪري رشيد ڏيٿي جي طبيعت خراب ٿي پئي، اصل ۾ اسان قيدين جا معدا تمام ڪمزور ٿي ويا آهن. قيدي وڌيڪ طاقت ۽ پروٽين لواري خوراڪ برداشت نٿا ڪري سگھن. مزمل کي بس ان قيديءَ جو فڪر آهي جنهن جي گھر واريءَ تمام گڻي خوبصورت آهي. اهو قيدي اڄ مزمل سان گڏ ڪورٽ ويو هئو ۽ هن جي مائي هن کي مظلوم ۽ لاوارث قيدي سمجھي برياني جي هڪ پليٽ کان سواءِ چانهن جو ڪوپ به پياريو هو. اڄ مزمل کنگھه واري دوا به پيتي آهي، ان لاءِ هو وقت کان اڳ ننڍ پئجي ويو آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (08 اپريل 2021)