اشو آف دي ڊي ميچ ڪنهن سان به هجي، پاڪستان سولائي سان نه کٽندو

0
285

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ اربع ڏينهن هراري ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستان زمبابوي کي 11 رنز تان شڪست ڏني، پاڪستان پاران سڀ کان وڌيڪ 82 رنز محمد رضوان ٺاهيون، سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون عثمان قادر ورتيون. پاڪستاني ٽيم زمبابوي کي 150 رنز جو حدف ڏنو هو، جڏهن ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ميچ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تبصرا به ٿيندا رهيا، پاڪستان جڏهن زمبابوي کي هارايو ته سوشل ميڊيا تي جتي خوشي جو اظهار ڪيو ويو تي پاڪستاني ٽيم جي حوالي سان تنقيد ۽ طنز واريون پوسٽون به شيئر ڪيون ويون. محمد رضوان جو روزي جي حالت ۾ کيڏڻ، بابر اعظم جي پرفارمنس، سٺو نه کيڏڻ وارن رانديگرن تي تنقيد ڪئي وئي. پاڪستاني ڪپتان هن ميچ ۾ صرف 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن تي تهريم نالي آءِ ڊي تان لکيو ته بابر اعظم زمبابوي خلاف پنهنجي توانائي ضايع ڪرڻ نٿو چاهي، اڪثر صارفين لکيو ته پاڪستان کي صرف بابر اعظم تي ڀاڙڻ بدران ٻين بيٽسمينن کي به تيار ڪرڻ گهرجي، اهو هاڻ فارم ناهي، بلال رفيق چوڌري لکيو ته آخر اسان ڪيترا ڀيرا حيدر علي کي احساس ذميواري بنا آئوٽ ٿيندي ڏسنداسين؟ هن دانش عزيز ۽ آصف علي تي به تنقيد ڪئي. محمد رضوان سڀني جون دليون کٽي ورتيون، اوپنر 60 بالن تي 10 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 82 رنز ٺاهيون جنهن تي هڪ صارف نواز الدين صديق جي پوسٽ شيئر ڪئي ته چاند په هي اپن، آخري اوور ۾ کٽڻ تي بلاول اسلم لکيو ته چاهي پاڪستان جو مقابلو انگلينڊ سان هجي يا آسٽريليا سان، زمبابوي هجي يا اسڪاٽ لينڊ، کٽڻو ڪڏهن سولائي سان ناهي.