مون کي ايڊمن به سٺو نه مليو: بالي ووڊ فلم جي ڪلپ رکي ڊليٽ ڪرڻ تان وزيراعظم مٿان تنقيد

0
344

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ وزيراعظم عمران خان جو تعلق گهرو آهي پر دلچسپ آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستاني سياست ۾ سوشل ميڊيا کي پنهنجي سياسي بيانيو وڌائڻ ۽ مخالفن کي جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو، انهي پليٽ فارمز تي سندس پارٽي جي حامين جي ڀرپور نمائندي نظر اچي ٿي. جتي ٽوئيٽر، فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام جهڙا پليٽ فارمز پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ انتهائي موثر ثابت ٿيا آهن اتي مختلف وقتن تي عمران خان جي اڪائونٽس سان شيئر ٿيندڙ مواد جي ڪري پي ٽي آءِ ۽ عمران خان مٿان تنقيد به ٿيندي رهي آهي جنهن بعد اهو مواد ڊليٽ ڪيو ويندو آهي. گذيل ڏينهن به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو، جڏهن وزيراعظم عمران خان جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان بالي ووڊ جي اداڪار اميتاب بچن ۽ قادر خان جي سال 1984ع ۾ ٺاهيل فلم انقلاب جي هڪ ڪلپ شيئر ڪئي وئي جنهن کي 4-5 ڪلاڪن بعد ڊليٽ ڪيو ويو. ان کان اڳ فيوڪ نيوز، اڻ تصديق ٿيل وڊيوز، رابندرناٿ ٽيگور جو قوم خليل جبران سان جوڙڻ يا ڪنهن ٻئي جو شعر علامه اقبال سان جوڙڻ واريون پوسٽون وزيراعظم جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان شيئر ۽ ڊليٽ ٿينديون رهيون آهن.ڊجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان جو چوڻ آهي ته انقلاب فلم جي ڪلپ وزيراعظم جي انسٽاگرام هلائيندڙ ٽيم جي هڪ ميمبر شيئر ڪئي، ان ڪلپ جي منظر ۾ موجوده حالتن ۽ اپوزيشن جي بي چيني جي عڪاسي ٿيل آهي، بعد ۾ اها ڪلپ هٽائي وئي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم ٽوئيٽر تي پاڻ پوسٽ شيئر ڪندو آهي انسٽاگرام تي پاڻ به پوسٽون شيئر ڪندو آهي ۽ ٽيم به پوسٽون رکندي آهي. اهڙي وڊيو کي تقريبن 2 لک ماڻهو ڏسي چڪا هئا، وڊيو ڪلپ ڊليٽ ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وزيراعظم مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، سماجي ڪارڪن عمار علي جان ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان اسان کي بالي ووڊ بابت ليڪچر ڏئي رهيو هو ۽ اڄ پاڻ بالي ووڊ جي فلمن سان اسان کي سياسي شعور سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جنهن تي محمد ذيشان اعوان لکيو ته هو بري پهلو جي ڳالهه ڪري رهيو هو هاڻي ڪنهن شيءِ جي بري پهلو جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته ان جي مثبت پهلو تي به ڳالهائي نٿو سگهجي، ڪاش تعصب کان مٿانهون ٿي سوچيو ها ته شايد معاشري بابت ڪا بهتر ڳالهه سامهون اچي ها. وڪيل ۽ تجزئي نگار ريما عمر وزيراعظم جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته مون کي اهو تمام سٺو لڳو، بالي ووڊ ڪلپ کي استعمال ڪندي سياسي نقطه پيش ڪرڻ، آخرڪار وزيراعظم ۽ مون ۾ ڪا هڪجهڙا ملي وئي.