سن: سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي سن شھر کي ڪڙو چاڙهي پوليس/ڏسو صفحو 2 بقايا 41
۽ رينجرس زبردستي شھر کي بند ڪرائي ڇڏيو، انڊس هاءِ وي وي تي ايندڙ ڪارڪنن کي روڪي تلاشي ورتي وئي، سن واسي نوجوان صوفي عمران علي سومرو کي روزي ۾ سخت مارڪٽ ڪئي وئي، سيد جي مزار جي رستن کي سيل ڪيو ويو، ڪارڪنن ۽ انتظاميا ۾ منهن ماريون پڻ ٿينديون رهيون، ايس ايس پي ڄامشورو مزار سن ٿاڻي تي ويٺو رهيو، لاڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي سبزي ڪريانه مڇي مرغي مارڪيٽ سميت سڄو شھر بند ڪيو ويو.