چڪ (ن پ ا) پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل چڪ ۽ ڳوٺ فريدآباد واسي علي گل شيخ ۽ سونهارو پهوڙ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڏس ۾ مغوين جي وارثن ۽ سڄاڻ ڌرين احتجاجي ريلي ڪڍي پنج گهٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي جاويد شيخ، نجم الدين مهر، احسان الله ڀيو، ولي محمد ڀيو، امداد تبسم ۽ ٻين چيو ته پوليس ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ٻن مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.