مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس: ٻن جوابدارن جي ڊي اين اي ميچ

0
463

صدر جي ڀٽيون (ن پ ا) مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي، ٻن جوابدارن جي ڊي اين اي ميچ ٿي وئي آھي، ان سلسلي ۾ پي آر او جو چوڻ آھي تھ منصور شر ۽ سليم شر جي ڊي اين اي ميچ ٿي وئي آهي، ٻئي جوابدار مک جوابدار عبداﷲ عرف عبلي لاڙڪ جي نشاندهي تي گرفتار ٿيا هئا، ياد رھي تھ مونيڪا لاڙڪ کي 9 ڊسمبر تي هادل شاه ۾ اغوا ڪيو ويو جنهن کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش ڪيلن جي باغ ۾ اڇلايو ويو ھو، لاش وارثن جي ڳولا بعد 11 ڊسمبر تي هٿ آيو هو.