اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثرن کي صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ، اين ڊي ايم اي، پاڪستان نيوي، پاڪستان ايئرفورس ۽ ٻين ادارن پاران فراهم ڪيل امدادي سامان جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق 16 سيپٽمبر تائين سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي 2 لک 40 هزار 881  خيما ڏنا ويا آهن

جن ۾ 97 هزار 767 خيما صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ، اين ڊي ايم اي پاران پي ڊي ايم اي ذريعي ڏنل 10 هزار 553 خيما، پاڪ فوج ذريعي اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي امداد تحت مليل 23 هزار 845 خيما، پاڪستان نيوي پاران ڏنل 3 هزار 68 خيما، پاڪستان ايئرفورس پاران 3583 خيما ۽ ٻين ادارن پاران ڏنل 1765 خيما شامل آهن، 2 لک 31 هزار 367 پلاسٽڪ جون ترپالون جن ۾ پي ڊي ايم اي پاران هڪ لک 94 هزار 38، اين ڊي ايم اي پاران صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ذريعي ڏنل 8 هزار 497، پاڪ فوج ذريعي اين ڊي ايم اي پاران فراهم ڪيل 27 هزار 442، پاڪستان نيوي پاران 300، پاڪستان ايئرفورس پاران 90 ۽ ٻين ادارن پاران فراهم ڪيل 1200 ترپالون شامل آهن

Pakistan floods leave wrecked lives, half million in camps - ABC News

  19 لک 66 هزار 532 مڇردانيون ڏنيون ويون جن ۾ صوبائي ڊزاسٽر ميجمينٽ اٿارٽي پاران 12 لک 83 هزار 665، اين ڊي ايم اي پاران صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ذريعي 9 هزار 730، پاڪ فوج ذريعي اين ڊي ايم اي پاران فراهم ٿيل 6 لک 67 هزار 950، پاڪستان نيوي پاران 2700، پاڪستان ايئرفورس پاران 2487 مڇردانيون شامل آهن، 6 لک 8 هزار 608 راشن بيگ ڏنا ويا جن ۾ پي ڊي ايم اي پاران 4 لک 38 هزار 287، اين ڊي ايم اي پاران 7 هزار 500، پاڪ فوج ذريعي اين ڊي ايم اي پاران فراهم ڪيل 47 هزار 324، پاڪستان نيوي پاران 45 هزار 987، پاڪستان ايئرفورس پاران 52 هزار 997 ۽ ٻين ادارن پاران 16 هزار 913 راشن بيگ شامل آهن

هڪ لک 35 هزار 741 ليٽر منرل واٽر پي ڊي ايم اي، جڏهن ته 2 لک 79 هزار 50 ليٽر پاڪستان نيوي، هڪ لک 24 هزار 625 ليٽر منرل واٽر پاڪستان ايئرفورس پاران فراهم ڪيو ويو آهي،  10 آر او پلانٽ، 40 هزار 15 جيري ڪيم، 2 هزار 454 واٽر ڪولر، 792 لائيف جيڪٽس، 52 ٻيڙيون، 12 سئو هائيجن ڪٽس، 27 هزار 798 ڪچن سيٽ، 81 ننڍا ڊي واٽرنگ پمپ، 76 ڊي واٽرنگ پمپ، 14 ٽينٽ هاسپيٽل، 3 هزار 534 پلاسٽ ميٽ، 20 ڪيميڪل اسپري مشينون 4 هزار فرسٽ ايڊ ڪٽس، 33 واٽر ٽينڪون،11 هزار 3 پڪل کاڌي جون ديڳيون تقسيم ٿيون آهن، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن اندر ٻوڏ متاثرن ۾ 8 هزار 226 خيما، 20 هزار 879 ترپالون، 86 هار 530 مڇردانيون، 21 هزار 950 راشن بيگ، 30 هزار ليٽر پيئڻ جو پاڻي، 6660 جيري ڪيم، 5710 ڪچن سيٽ، 608 فولڊنگ بيڊ فراهم ڪيا ويا آهن

جڏهن ته يو اين ايڇ سي آر پاران هڪ هزار خيما، هڪ هزار ترپالون، 500 جيري ڪيم، 7280 سمهڻ وارا گدا، 900 صابڻ، آءِ اين جي اوز پاران هڪ هزار 58 کاڌي جون پڪل ديڳيون ڏنيون ويون آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪل 68 لک 84 هزار 457 ڄڻا بي گهر ٿيا آهن، جن ۾ خيرپور ضلعي ۾ 12 لک 18 هزار 177، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 10 لک 71 هزار 333، دادو ضلعي ۾ 8 لک 4 هزار 271، عمر ڪوٽ ضلعي ۾ 5 لک 57 هزار 280، ميرپور خاص ۾ 4 لک 72 هزار 168، قمر ضلعي ۾ 3 لک 90 هزار 245، شهيد بينظير آباد ۾ 3 لک 89 هزار 529، سانگهڙ ضلعي ۾ 3 لک 15 هزار 444، ڪشمور ضلعي ۾ 3 لک 11 هزار 262، جيڪب آباد ضلعي ۾ 2 لک 56 هزار 584، نوشهروفيروز ۾ 2 لک 21 هزار، ڄامشوري ۾ هڪ لک 76 هزار 900، ٺٽي ضلعي ۾ هڪ لک 37 هزار 236، شڪارپور ۾ هڪ لک 20 هزار، بدين ۾ 96 هزار 73، سجاول ۾ 95 هزار 715، گهوٽڪي ۾ 84 هزار 339، مٽياري 51 هزار، حيدرآباد 33 هزار 700، ٽنڊو الهيار 27 هزار 377، سکر 19 هزار 500، ٿرپارڪر 19 هزار 315، ٽنڊو محمد خان 15 هزار 500 ۽ ڪراچي ۾ 508 ڄڻا بي گهر ٿيلن ۾ شامل آهن، جڏهن ته 35 لک 57 هزار 711 ايڪڙن تي سنڌ صوبي اندر بيٺل فصل متاثر ٿيا آهن،

لک 17 هزار 778 گهر متاثر ٿيا، جن مان 10 لک هڪ هزار 959 گهر جزوي طور ۽ 6 لک 95 هزار 198 مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهر شامل آهن، جن ۾ سکر ضلعي ۾ 20 هزار 631 متاثر ٿيل گهر به شامل آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 678 ڄڻا فوت ٿيڻ ۽ 2 لک 16 هزار 683 جانورن جي مرڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي تحت241 ڊاڪٽرن کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو

سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ سبب ٻارڙن سميت وڌيڪ 10 ڄڻا فوت