مٽياري/نيو سعيدآباد/پليجاڻي (نمائندن وٽان) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ  مٽياري پهچي ڇنڊڻ موري جو معائنو ڪيو ۽ انتظاميه کي ويجهن ڳوٺن جو پاڻي ڇنڊڻ موري ذريعي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون، ان موقعي تي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان، وزير آبپاشي ڄام خان شورو، صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، معاون خاص سيد قاسم نويد، ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا، سيد مراد علي شاهه نيوسعيد آباد لڳ مهراڻ هاءِ  وي ۽ مارک واهه جي شروعاتي هنڌ جو جائزو پڻ ورتو، وڏي وزير انتظاميه کي جلد کان جلد پاڻي ڪڍڻ لاءِ هدايتون جاري ڪندي چيو ته پاڻي جي نيڪال سان ئي ماڻهن جون زندگيون معمول تي اينديون. دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ متاثرن جا مسئلا ٻڌا ۽ هڪ ٻوڏ متاثر کان موبائل نمبر پڻ ورتو ۽ کيس چيو ته شام جو مان توهان سان ڳالهائيندس ته راشن مليو آهي يا نه. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملوڪ خاصخيلي ڳوٺ جي برسات متاثرن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران متاثرن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڳوٺن مان پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪرڻ آيو آهيان. وڏو وزير ٽينٽ سٽي ۾ قائم ٽينٽ مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهندڙ ٻارن سان گڏ هيٺ ويهي رهيو، ٻارن سان ملاقات ڪئي،  ۽ دعا پڻ گهري.  بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت تائين 8 کان 10 ضلعن جو دورو ڪري چڪو آهيان ۽ اڄ به سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪندس، مٽياري مان ٿيندو شهيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ امدادي ڪم ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺندس، سعيدآباد تعلقي ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود آهي، پاڻي ڪڍڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. انتظاميه نيوسعيدآباد جي متاثر علائقن جو پاڻي مارک واهه ذريعي ڪڍڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي جيڪو پاڻي جو ڪافي پراڻو لنگهه آهي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جلد کان جلد مارک واهه جي کوٽائي ڪري مشينون لگائي پمپن ذريعي برساتي پاڻي ڪڍيو وڃي. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته اسان جي صوبي جا هاري ۽ زميندار ڪڻڪ ۽ ربيع جو فصل پوکين ته جيئن 8 مهينن دوران جيڪو انهن کي نقصان ٿيو آهي ان کان پوءِ ڪجهه فائدو ٿئي، ان سان گڏ زميني پاڻي ڪڍڻ ۽ آبپاشي نيٽ ورڪ کي فعال ڪرڻ به اسان جي پلاننگ جو حصو آهي، اسان آبادگارن کي مالي مدد پڻ فراهم ڪنداسين، مالي مدد ٻج جي فراهمي، ڀاڻ يا ٽريڪٽر جي ڊيزل جي فراهمي جي صورت ۾ ٿي سگھي ٿي، ساڳئي وقت اسان جي لاءِ وڏو مسئلو ماڻهن کي مناسب کاڌ خوراڪ پهچائڻ آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف ضلعن جو دورو ڪري رهيو آهيان ۽ اسان جي پارٽي جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻين تنظيمن جا ماڻهو هر هنڌ امدادي ڪمن جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن. اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت هئي، هن وقت اسان وٽ 4 کان ساڍا چار لک خيما آهن، جيڪي تمام گهٽ آهن، اسان سڄي دنيا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي ۽ اسان هن مدد کي احسان طور نه وٺي رهيا آهيون، اها موسمياتي تبديلي آهي جيڪا ترقي يافته ملڪن جي ڪري قدرتي آفت جي صورت ۾ آئي آهي، جنهن جي ڪري اهڙيون وڏيون برساتون پون ٿيون، يعني اسان ترقي يافته ملڪن جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. هن سال اسان وٽ سراسري برسات جي رڪارڊ کان يارهن ڀيرا وڌيڪ برسات پئي آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، جيڪو اسان جو حق آهي. عوامي شڪايتن بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته عوام کي شڪايتون آهن پر ايتري وڏي تباهي ماضي ۾ ڪڏهن به نه ٿي آهي، ان کان اڳ برساتن دوران 4 کان 5 ضلعا متاثر ٿيندا هئا، پر هن ڀيري 24 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، اسان ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيون ۽ انهن جي شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ بهترين ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مٽياري ضلعي جو هي منهنجو ٻيو دورو آهي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، ڊينگي کي روڪڻ لاءِ ضروري دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، ڊينگي جي مريضن لاءِ هتي الڳ وارڊ قائم ڪيو ويندو، نه رڳو ڊينگي پر ڊائريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي پيو، اسان کي ڪجهه وقت لڳندو پر عوام جا مسئلا ضرور حل ڪنداسين. هڪ سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته اٽي جو بحران جلد ختم ٿي ويندو، مونکي ٻڌايو ويو آهي ته اٽو 20 آڪٽوبر تائين ريليز ڪيو ويندو جنهن بعد اٽي جون قيمتون تمام جلد مستحڪم ٿي وينديون.