نيوسعيدآباد (ن پ ا) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي برسات متاثرين روڪي ورتو، ان ڏس ۾ مھراڻ هاءِ وي ي محمدي چوڪ وٽ ڪيمپ ۾ ويٺل برسات متاثرن وڏي وزير مراد شاهه جي رستا روڪ ڪري سندس اڳيان سهولتون نه ملڻ ۽ علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون، ان موقعي تي وزيراعليٰ ڊي سي مٽياري کي فوري پاڻي ڪڍڻ ۽ متاثرين کي سھولتون فراھم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هوڏانهن  وزيراعليٰ ٻوڏ متاثر ڪيمپ ۾ قائم خيمي اندر قائم مدرسي ۾ داخل ٿي قران شريف پڙھندڙ شاگردن سان گڏ ويھي رھيو ۽ ٻارن کان حوال احوال ورتا.