سنڌ ۾ پاڻي بحران ۽ پي ڊي ايم

0
432

سنڌ پاڻي بحران جو ٻٽو عذاب هر وقت ڀوڳيندي رهي آهي جيڪڏهن پاڻي کوٽ ٿي ته درياءَ جي پڇڙيءَ سبب سنڌ ان قلت جو عذاب ڀوڳيندي رهي آهي ۽ جي دريائن جا وهڪرا وڌي وڃن، فطرت ٻوڏ جو عذاب ڏئي ته اها ٻوڏ به سنڌ کي ئي لوڙهي، تڏهن هي چوڻي به چئي وئي ته “ پڇڙي بڇڙي ” ٻڏي به ۽ سڪي به. ليڪن جتي انصاف اصول ۽ ملڪ جو مفاد هڪ ڪري بنيادن تي هجي ٿو اتي اهو عذاب پڇڙيءَ وارن کي ڀوڳڻو نٿو پوي ۽ نه وري پاڻي ورهاست طاقت ۽ ڏاڍ جي بنيادن تي ٿيندي آهي تنهن ڪري پوري دنيا جي اندر ۽ عالمي قانون جي بنيادن تي هي طئي ٿيل آهي ته دريائن جي پڇڙيءَ تي آباد ملڪن جو ان درياءَ تي پهريون پهريون حق آهي بعد ۾ انهيءَ ترتيب سان مٿي تائين پاڻي جي حق کي تسليم ڪيو ويو آهي. اهوئي عالمي اصول ملڪن جي اندر به عمل ۾ آندو ويندو آهي پر جتي معاملو قانون جي ابتڙ هجي ڏاڍ ۽ طاقت جي بنيادن تي ورڇ جو عمل هجي ته اتي پڇڙيءَ وارن لاءِ عذاب دوزخ جي برابر رهي ٿو. پر هيءُ اسان کي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته ناانصافيون جڏهن مطالبن کي نظر انداز ڪنديون آهن حقن جي لتاڙ مغرور ۽ تڪبر وارن دماغن جو معمول بڻجي وينديون آهن تڏهن مطالبا ۽ قانوني طريقي سان حاصلات بيڪار ۽ بيوس بڻجي وڃي تڏهن تڪرار شديد تضادن ۾ تبديل ٿيندي مزاحمت جي صورت اختيار ڪندو آهي. گھڻي قومي رياستن جي اندر اهڙا اقتصادي ٽڪراءُ رياستن جي لاءِ تمام گھڻا نقصانڪار هوندا آهن. هڪ صوبي جو عوام جڏهن پاڻ کي مظلوم ۽ بيوس سمجھندو ۽ رياست کي طاقتور ڌر جو حمايتي تصور ڪندو تڏهن اها مزاحمت ان وڏي صوبي جي خلاف ناهي ٿيندي پر انهيءَ سان گڏوگڏ رياست جي خلاف به اها مزاحمت جڙندي ويندي آهي، جنهن جو انت انتهائي ڀيانڪ ۽ خوفناڪ هجي ٿو. پاڪستان جي اندر سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جو تضاد تڏهن کان وجود ۾ آيو جڏهن درياءَ تي بئراج ۽ ڊيم ٺهڻ شروع ٿيا. انهيءَ کان پهريان قدرتي وهڪرن جي دوران منڍ ۽ پڇڙي ۾ ڪو به سازشي ۽ استحصالي تضاد نه هوندو هو پر جڏهن پاڻيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ۽ بئراج ٺهيا ته ورڇ جا اصول ۽ قانون به ٺهڻ شروع ٿيا. پاڻ پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي اختلافن جي تاريخ ۾ گھڻو نٿا وڃون ڇو ته آئي ڏينهن پاڻيءَ جا ماهر اهو بحث ڪندا رهيا آهن تنهن ڪري پاڻ ان ورجاءَ کان هٽي ان نقطي تي بحث ڪنداسين ته ان پوري بحران ۾ سياسي جماعتن ۽ انهن جي ليڊرن جو ڪردار ڪهڙو ۽ ڪيئن رهيو آهي ۽ ڪهڙو هجڻ گھرجي. هن ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو ڪنٽرول ڪندڙ ۽ نگھبانيءَ ڪندڙ ادارو ارسا آهي، ارسا جي ميمبرن ۾ چئني صوبن جا نمائندا ۽ وفاق جو نمائندو شامل هوندو آهي. ارسا چيئرمين پاڻيءَ جي بريفنگ سڌي سنئين وزير اعظم کي ڏيندو آهي ۽ صوبن جا نمائندا صورتحال کان آگاهي وزير اعليٰ ۽ آبپاشي وزيرن کي ڏيندا آهن. حقيقت جي بنيادن تي جيڪڏهن ورڇ ٿئي ڏاڍ ۽ ڳاٽي مروڙ نه ٿئي ته ڪنهن کي به اختلاف نٿو ٿي سگھي. گھٽ وڌ پاڻيءَ جي صورت ۾ طئي ٿيل اصولن جي مطابق پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ ڪو ڏکيو ناهي پر هتي جيڪا صورتحال جوڙي وئي آهي اها عجيب ۽ غريب. ڪڏهن 91ع جو پاڻي ٺاهه، ڪڏهن تاريخي ورهاست ۽ ڪڏهن ٽي رخو فارمولو. اڪثر سنڌ جي نمائندن کي اها ئي شڪايت رهي آهي ته پنجاب ۽ وفاق اڪثر پاڻ ۾ جڙيل هجن ٿا ۽ اهو فارمولو پنجاب قبول ٿو ڪري جيڪو ان جي فائدي ۾ هجي ٿو. هن وقت سنڌ جي اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿيڻ جي ڪري لکين ايڪڙ زمين آباديءَ جي لاءِ سڪي رهي آهي هاڻي جيڪڏهن پاڻي وقت تي نه مليو فصل متاثر ٿيندو ته انهيءَ جا ٻه نقصان اڳيان ايندا. هڪ سنڌ جي وڏي آبادي معاشي نقصان کي منهن ڏيندي ڇو ته انهيءَ جو پورو دارومدار زراعت تي آهي ۽ ٻيو نقصان جيڪو اڳيان ايندو اهو پنجاب جي خلاف نفرت ۽ وفاقي سرڪار کي ان بربادي ۽ نقصان جو ذميوار سمجھيو ويندو، جنهن جو لازمي نتيجو اهو ئي نڪرندو ته اها سوچ هن رياست جي خلاف وڌڻ شروع ٿيندي. طاقت ۽ تڪبر ۾ سوچيندڙ دماغ ڪيترو به لاپرواھه رهن پر سياسي پارٽين کي پنهنجي قومي ذميواريءَ جو پورو پورو احساس هجڻ گھرجي. سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي 6 جولائي کان پ پ پ مختلف ضلعن ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پنجاب حڪومت پ پ پ جي ان عمل کي وفاقي حڪومت جي خلاف تصور ڪندي پنجاب جي لاءِ نفرتي الزام سمجهي پئي.
يقينن جيڪڏهن پاڻي بحران رهيو ته پوءِ اهو الزام حقيقت ۾ بدلجي ويندو پر جيڪڏهن پنجاب جون سياسي پارٽيون خاص ڪري ن ليگ پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته انهيءَ کان اڳتي وڌي خود پي ڊي ايم جيڪا جنهن به صورت ۾ بچي آهي انهيءَ تي اهو اخلاقي ۽ سياسي فرض ٿو بڻجي ته هو پاڻي بحران جو نوٽيس وٺندي پنهنجو رڳو ڪردار ادا نه ڪري پر انهيءَ جي لاءِ فورن ڪميٽي تشڪيل ڏئي جيڪا سڀنيءَ جي لاءِ قابلِ قبول هجي ۽ اها ڪميٽي پوري مانيٽرنگ ڪري. هي به ڏسي ته ارسا سچ ٿي ڳالهائي يا ڪوڙ ارسا چيئرمين ڌر بڻيل آهي يا پنهنجو قانوني ۽ اخلاقي ڪردار ادا پيو ڪري. شديد پاڻي تضادن کي آڏو رکندي پي ڊي ايم ۾ خاص ڪري هي نقطو به بحث هيٺ اچڻ گھرجي ته هڪ نئون پاڻي معاهدو تمام سياسي جماعتون اهڙي طرح سان ڪن جيئن سڀني لاءِ قابل قبول هجي. اهو ڪم ملڪ جون وڏيون جماعتون ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن پر خاص ڪري ن ليگ کي وڌيڪ سرگرميءَ سان اهو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. هي مسئلو رڳو سنڌ جي معاشي عذاب جو ناهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هن ملڪ جي سالميت جو به آهي هونئن به سياست جي اندر نظريا ڪهڙا ۽ ڪيترا به هجن پر عوامي مفاد انصاف ۽ قانون جي بنيادن تي ايتري اهميت ٿا رکن جن لاءِ پارٽين کي اصول پرستيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ايتري اصول پرستي جيڪڏهن نه اختيار ڪئي وئي ته پوءِ هن ملڪ جي عوام ۽ سياست جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي موجود آهي اها اڃان وڌندي. پي ڊي ايم جو مقصد جيڪڏهن بحاليءَ جھموريت آهي ته اها جمهوريت رڳو پرچي ۽ اقتدار جي تصور تي نه هجڻ گھرجي. جمهوريت جو بنيادي مقصد عوام جي حق حاڪميت ۽ انهن جا مڪمل حق ۽ انهن جو تحفظ سان ئي جڙي ٿو. سنڌ جو عوام پنهنجي داخلي بحران کي جنهن عذاب سان ڀوڳي پيو يعني هت جيڪا ڏاڍ مڙسي ۽ سنڌ حڪومت جي بري حڪمراني طاقتور ڀوتارن ۽ جاگيردارن جي پاڻيءَ تي داداگيري جو ٻنو ٻني سان هوندي ڀوتارن جون زمينون آباد ۽ غريبن جون برباد. آبڪلاڻيءَ جو سڄو نظام ڊانواڊول پوري ايريگيشن ڀوتارن جي مٺ ۾ ( ڀلي اهو اقتدار ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ هجي پر کائڻ ۾ هو ٻئي گڏ آهن ۽ ٻئي هڪٻئي جو پورو پورو خيال رکن ٿا ) پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻيءَ جو جيڪو بي رحماڻو ۽ بي دريغ استعمال ٿئي ٿو انهيءَ تي حڪومت ته ڪجھه نٿي ڪڇي پر سنڌ جو غريب هاري ٻاڏائي رهيو آهي. انهن هوندي پاڻي بحران جو جڏهن الزام پنجاب تي لڳندو ۽ پنجاب جي سياست پوري پي ڊي ايم خاموش هوندي ته داخلي تضاد ڪمزور ٿي ويندا. ڇا سنڌ جو عوام نواز شريف کان هيءُ سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب ناهي جو ٽي وي اينڪر حامد مير جي خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي آهي ۽ کيس پروگرام کان پاسيرو ڪيو ويو آهي انهيءَ تي نواز شريف مذمتي بيان ڏيندي چيو آهي ته هيءُ سڀ ڪجھه فسطائيت آهي. اسان به ان عمل کي ننديون ٿا ۽ فسطائيت ئي سمجهون ٿا پر اڃايل سنڌ به اهو ساڳيو ئي مطالبو نواز شريف کان ڪري ٿي ته پاڻي جي چوري، سنڌ جي ڀڙڀانگ ٿيڻ ۽ ابتو پوري عذاب کان پاڻ کي لاتعلق رکڻ يا خاموش رهڻ کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي يا ان پوري عمل کي ڇا چئجي ؟
ڇا اها سڄي ساري سنڌ سان ٻه اکيائي آهي يا سنڌي عوام لاءِ بي حسيءَ جو احساس. پاڻ هيءُ سوال ن ليگ کان ۽ پوري پي ڊي ايم کان ڪريون ٿا هي شڪايت يا تنقيد ناهي پر سنڌي عوام جو معاشي قانوني جمهوري حق آهي جيڪڏهن اهو نظر انداز ٿيندو ته پوءِ ن ليگ اها شڪايت به نه ڪري ته سنڌ جو ماڻهو هن لاءِ جذبو نٿو رکي. عوام جا سياسي بنياد معاشي بنيادن سان جڙيل هوندا آهن مان سمجھان ٿو ته سياسي جماعتون انهيءَ کي ٺيڪ طرح سان سمجھن ٿيون پر سنڌ ۽ پنجاب جي تارازيءَ ۾ پنجاب جو پڙ ڳرو آهي شايد اهو وزن اصولن ۽ انقلابي دعوائن کي دٻائي ٿو ڇڏي.