ميڊيا کي اٿارٽي ذريعي قابو ڪرڻ جي ڪوشش

0
336
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

تنقيد معاشرن ،ادارن يا فردن لاءِ تعمير جو ڪردار ادا ڪندي آهي ،جتي تنقيد تي پابندي هوندي آهي اتي بيٺل پاڻي جهڙو ماحول ٿي ويندو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ بدبوءِ يا ڌپ پيداڪندو آهي ۽ انسان جو ساهه منجهڻ لڳندو آهي.ان ڪري سڌريل معاشرا اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر قسم جا قدم کڻندا آهن ۽ انهي کي پنهنجي پاليسين جي اوليت بڻائيندا آهن پر ناڪاره ۽ پوئتي پيل معاشرا ۽ حڪومتون سدائين تنقيد کان ڊڄنديون آهن ۽ پنهنجي ڪردار کي عوام کان لڪائڻ لاءِ سدائين پابندين جو سهارو وٺنديون آهن. اهي معاشرتي حدبندين کان وٺي اظهار جي آزادي تائين اهڙيون پابنديون لڳائينديون آهن جيئن حڪمران يا طاقتور ڌريون تنقيد کان پاڻ کي بچائي سگهن.
پاڪستان ۾ گهڻي وقت کان وٺي اهي خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته اظهار جي آزادي يا ميڊيا کي سوڙهو ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، هونئن ته هر حڪومت ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن طرح ميڊيا پابندين يا سختين جو شڪار رهي آهي پر جنهن نموني موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ميڊيائي ادارا ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيا آهن اهڙيون حالتون شايد ئي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ٿيون هجن. ادارن جي معاشي حالتن کان وٺي ملازمن جي وڏي پئماني تي ڊائون سائزنگ به هن حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ٿي،جيڪڏهن ڪو صحافي يا ميڊيا پرسن حڪومت خلاف ڳالهائي ٿو ته سوشل ميڊيا تي تيار ٿيل جٿا انهن خلاف ميدان تي لهي ٿا اچن،جيڪا به اظهار جي آزادي يا ميڊيا جي آزادي کي گهٽڻ يا ڪمزور ڪرڻ جي ڪڙي جو ئي حصو آهي. هاڻي ته سوشل ميڊيا به اچي وئي آهي جنهن جي ڇڙواڳي يا بي لغام آزادي جو بهانو بڻائي روايتي ميڊيا کي به ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن . هي حڪومت هر معاملي کي آرڊيننس ذريعي هلائڻ جي عادي ٿي وئي آهي جڏهن به ڪو اهم معاملو اچي ٿو ته اهو پارليامينٽ ۾ آڻڻ بدران آرڊيننس جاري ڪري هڪ طرف پارليامينٽ جي اهميت کي بي وقعت بڻائي رهي آهي ته ٻئي طرف عوام جي ووٽ جي به توهين ڪري رهي آهي ۽ ايوان صدر کي عملي طور آرڊيننس فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي. آرڊيننس به اهڙا تڪراري جنهن جون حڪمران جماعت کانسواءِ باقي سڀئي سياسي سماجي ڌريون توڙي شهري مخالف هوندا آهن پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ آءِ لينڊ اٿارٽي جوڙڻ لاءِ آرڊيننس هجي يا وري هاڻي ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ اٿارٽي جوڙڻ لاءِ آرڊيننس جي تياري.انهي آرڊيننس جا جيڪي نقطا سامهون آيا آهن ان مان لڳي ٿو ته ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري کان وڌيڪ حڪومت کي ميڊيا کي قابو ڪرڻ جو فڪر آهي. جيڪو آرڊيننس تيار ڪيو ويو آهي ان مطابق ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي بابت پروپئگنڊه ڪندڙ کي ٽن سالن جي سزا ڏني ويندي، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اسلام آباد ۾ هيڊ آفيس ۽ صوبن ۾ ريجنل آفيسون هونديون. اٿارٽي جو ڪم اخبارن ،نيوز ايجنسين ميگزين، ٽي وي چئنل، ويب ٽي وي، آن لائين نيوز پليٽ فارم جي رجسٽريشن، ڊڪليئريشن، اين او سي ۽ مانيٽر ڪرڻ هوندو. اٿارٽي کي ميڊيا اداري جي رجسٽريشن، لائسنس معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو اختيار هوندو. اٿارٽي جو چيئرمين ۽ 11 ميمبر هوندا ۽ ميڊيا ٽربيونل قائم ڪيا ويندا.انهي آرڊيننس جي متن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي آڙ ۾حڪومت جو ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مقصد ناهي، جيڪا به حڪومت هوندي اها مٿس تنقيد ڪندڙ صحافين يا صحافتي ادارن کي انهي جي آڙ ۾ ڪنٽرول ڪري سگهندي. اسان وٽ نيب جهڙو ادارو جيڪو بظاهر ته آزاد ۽ خومختيار آهي پر سڄو ملڪ سمجهي ٿو ته ان کي ڪيئن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ٻيو ته جڏهن ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري بابت ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهن، پريس جون حدون مقرر ٿيل آهن تڏهن اهڙي اٿارٽي جوڙڻ جو مقصد سمجهه ۾ اچڻ کان مٿي آهي. اها به هڪڙي آرڊيننس ذريعي جڏهن ته ملڪ ۾ پارليامينٽ موجود آهي تڏهن آرڊيننس ذريعي اٿارٽي جوڙڻ حڪومت جي شڪي نيت کي وائکو ڪري ٿو.
اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ واري پنهنجي انهي ڪوشش تان هٿ کڻڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ ۾ بهتري بدران خرابي ئي جنم وٺي سگهي ٿي، رهي ڳالهه صحافتي اخلاقيات يا حدون طئي ڪرڻ جي ته ان لاءِ مناسب فورم موجود آهن پارليامينٽ کان وٺي صحافتي تنظيمن سان صلاح مصلحت ۽ مشوري سان اهڙو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جوڙي سگهجي ٿو جيڪو سڀني ڌرين کي قابل قبول هجي ۽ ميڊيا جي آزادي ۾ به رڪاوٽ نه بڻجي،جيڪڏهن حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هوڏ تان نه لٿي ته کيس سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو.