امپائر ڇا پيو سوچي؟

0
379

لاھور هاءِ ڪورٽ پاران ڪجھه ڏينهن اڳ شھباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ کيس علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري هڪ تاريخي ۽ منفرد فيصلي کان پوءِ اهو ته طئه ٿي چڪو آهي ته عدالتون هجن يا حڪومتي ادارن جون آفيسون يا کڻي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل ميمبرن جون قانون ساز اسيمبليون ئي ڇو نه هجن پر هن ملڪ ۾ ٿيندڙ سڀ فيصلا ڪرڻ واريون ڌريون اصل ۾ اهي ئي هجن ٿيون جيڪي ظاهري طرح نظر نٿيون اچن. بحرحال اهو ته ٿيو تصوير جو هڪڙو پاسو، تصوير جو ٻيو رخ اهو آهي ته هن فيصلي کان پوءِ سياست کي به راند سمجهي اقتدار جي ميدان تي بالنگ لاءِ لٿل کلاڙي اهڙي فيصلي تي سخت ڪاوڙجي پيو آھي ۽ امپائر جي ڪيل فيصلي کي غلط تصور ڪندي سخت احتجاج ڪري رھيو آھي. باوجود ان جي ته کلاڙيءَ کي اھا چڱي طرح خبر آھي ته ڪيترو به احتجاج ڪجي يا ڪيتري به ڪاوڙ ڪجي ۽ ڪيتري به افراتفري پکيڙجي پر حتمي فيصلي جو اختيار وري به امپائر وٽ ئي هوندو آهي. پر ظاهري نظر ايندڙ صورتحال اها آهي ته کلاڙي تيز رفتاري سان ڊوڙي بائونڊري طرف ويندڙ بال وانگر ايئرپورٽ تان شھباز شريف کي واپس ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. تماشائين کي شايد ايترو اندازو ڪونه هو ته رد عمل ايترو سخت ايندو. بال وانگر بائونڊري ٽپڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهباز شريف کي واپس ورائڻ ۾ کلاڙي جي ٽيم جي اهم رانديگر فواد چوڌري جي فيلڊنگ جي تعريف نه ڪرڻ به زيادتي ۾ شامل ٿي ويندي. هوڏانهن سعودي جي دوري تان زڪوات ۾ مليل چانورن جون ٻوريون کڻي ايندڙ وزيراعظم جو چوڻ آهي ته “جيسيتائين جيئرو آھيان شريف خاندان ۽ کنڊ مافيا کي ڪونه ڇڏيندس ڀلي اقتدار ھليو وڃي” وزيراعظم موجب نواز شريف ڪوڙ ھڻي ٻاھر ويو سندس پٽ به ٻاھر آھن جي ھن چوري نه ڪئي آھي ته اچي عدالتن کي منھن ڇو نه ٿو ڏيئي، عمران خان اهو به چوي ٿو ته شھباز شريف علاج لاءِ نه پر ملڪ مان فرار ٿيڻ ٿو چاھي. عمران خان جي بيانن بعد سندس ٽيم جي ٻين رانديگرن جو ردعمل به سخت سامهون آيو آهي.
فواد چوڌري عدالتن تي اڻ سڌي طرح تنقيدن جا تير وسايا آهن، فواد چوڌري چوي ٿو ته ڪيس ڪندڙ جج جا پرڏيھه ۾ اثاثا نڪتا آھن، ليڪن بدقسمتيءَ سان ان خلاف قدم نه کنيو ويو آھي. سندس واضح اشارا جسٽس فائز عيسيٰ قاضي ڏانھن آھن جنھن کي تازو سپريم ڪورٽ سڀني الزامن کان آجو ڪري ان خلاف ايف آءِ ۾ ھلندڙ سموريون ڪارروايون روڪيون آھن. فواد چوڌري موجب قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان سان گڏ بئنچ ۾ ويٺل ٻين ججن حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ شريف خاندان جي مدد ڪئي جڏھن ته اھو ڪيس پانامه ڪيس کان به وڏو اسڪينڊل ھو، ليڪن ججن غيرقانوني طور شريف خاندان کي فائدو ڏيئي ملڪ جي 1242 ملين جي فراڊ جي ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو.
هن وقت شھباز شريف جي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت واري فيصلي کانپوءِ فيصلي تي ناخوش نظر ايندڙ کلاڙين جي احتجاج تي امپائر حيرت منجهان ايڪشن کي ريپلي ڪري ڏسي رهيو آهي. نواز شريف کان پوءِ شهباز شريف پاران به ملڪ مان فرار ٿيڻ ۽ حديبيه پيپر ملز جي ڪيس کي وري کولڻ تي کلاڙي جو احتجاج ھڪ حد تائين جائز به آھي ڇو ته جڏهن 1999ع ۾ فوجي جنرل کي ھٽائڻ جي عيوض نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ کيس وزيراعظم ھائوس مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، غداري جي مقدمي ۾ کيس عمر قيد جي سزا ملي، هو سزا ڪاٽڻ لاءِ لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو ته اتي ھن کان اڳ ۾ آصف علي زرداري به ساڳئي جيل ۾قيد ھو، جتي ڪنھن طريقي سان سندن ملاقات به ٿي، چون ٿا ته نواز شريف جي ماني وغيره جو بندوبست به آصف بلاول ھائوس مان ڪرايو ۽ کيس سڀني ضروري سھوليتن ۽ هر قسم جي مدد جي آڇ به ڪئي وئي.
پر اھا به ڪمال جي ڳالھه آھي ته ملڪ ۾ غداري جي ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ نواز شريف جي آزادي لاءِ انٽرنيشنل طاقتون حرڪت ۾ آيون ۽ سعودي عرب جي بادشاھه ان جي آزادي جي لاءِ تحرڪ ورتو ۽ معاھدو اھو ٿيو ته نواز شريف 10 سالن لاءِ ملڪ ۾ نه ايندو ۽ سياست به نه ڪندو، سعودي عرب جي ضمانت تي پرويز مشرف کين اين آر او ڏنو ۽ هو پاڻ پنھنجي سموري خاندان سان گڏ سعودي عرب ھليو ويو جتي هو 7 سال جلاوطن رھيو ۽ سياست تي ھڪ لفظ به ڪونه ڪڇيو، پوءِ لنڊن ۾ ميثاق جھموريت جي معاھدي لاءِ ڪيل ڪانفرنس ۾ وڃي سامھون نظر آيو جتي محترمه بينظير ڀٽو کيس وطن واپس اچڻ لاءِ تيار ڪيو.
نواز شريف واپس ملڪ ۾ آيو ۽ وري جدوجھد ڪري 2013ع ۾ وزيراعظم منتخب ٿيو ان وقت نواز شريف اھو فيصلو ڪيو ته هو جنرل راحيل شريف جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع نه ڪندو ۽ پوءِ ھن ايئن ئي ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سگھاريون ڌريون ھن جي خلاف ٿي ويون.
2013ع جي اليڪشن ۾ نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي جنھن کي جولاءِ 2017ع ۾ وزيراعظم جي عھدي تان ھٽائي برطرف ڪري نااھل ڪيو ويو جنهن بعد هڪ ٻئي ڪيس ۾ کيس 10 سال قيد جي سزا ڏني ويئي.
2017ع ۾ 10 سالن جي سزا کان پوءِ 2018ع جي اليڪشن ۾ عمران کي آندو ويو. نواز شريف 2019ع ۾ وري علاج جي بھاني لنڊن ويو ھن ڀيري نواز شريف سان مريم نواز ۽ ڪلثوم نواز به گڏ ھيون، سندس 2 پٽ اڳ ۾ ئي اتي موجود ھئا، ملڪ ۾ عمران جي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ لاءِ سندس گھرواري شديد علالت جي باوجود مريم نواز سان گڏ ملڪ آئي. ھن پنھنجي جدوجھد جو آغاز اسٽيبلشمينٽ جي کلم کلا مخالفت سان ڪيو، نواز شريف ضمانت تي علاج لاءِ ٻاھر ويل ھو ۽ کيس ملڪ اچڻ تي ھڪ دفعو وري سندس ضمانت رد ڪري کيس جيل موڪليو ويو جتي ھو سخت بيمار ٿي پيو ۽ جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس ڊاڪٽرن کيس علاج لاءِ لنڊن جي لاءِ سفارش ڪئي ڇاڪاڻ ته سندس رت ۾ اڇا جزا انتھائي حد تائين گهٽ ٿي ويا هئا جنھن ڪري سندس حياتيءَ کي بظاھر شديد خطرو ھو ان ڪري ھن ملڪ جي عدالتن کيس علاج لاءِ شھباز شريف جي ضمانت ۽ ان جي خاطري تي اجازت ڏني ته ھو علاج کان پوءِ ھڪ مھيني جي اندر ملڪ واپس ايندو. ليڪن ھن وقت تائين نواز شريف واپس نه آيو آهي. ھاڻ ته سندس ضمانتي يعني شهباز شريف به ملڪ ڇڏڻ لاءِ ٿيلهو تيار ڪريو ويٺو آھي. ٿيندو ته ايئن آھي ته جي جوابدار مقرر وقت اندر واپس نٿو اچي ته ضمانتي کي گرفتار ڪري جوابدار تي دٻاءُ وڌو ويندو آھي ته جيئن جوابدار حاضر ٿئي ليڪن ھتي ته قصو ئي ابتو لڳو پيو آھي.
پاڻ ٿورو ماضي ۾ موٽون ۽ هڪ اڳوڻي وزيراعظم تي داخل ھڪ ڪيس تي نظر وجھون ته معلوم ٿيندو ته قصوري جي قتل ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو تي صرف اھو الزام ھو ته ھن قتل جي صلاح ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شامل ھو، اھڙي الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ هنن وري ان دور جي سرڪاري ڪامورن يا ذوالفقارعلي ڀٽي جي پنھنجي ٺاھيل فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي سربراھه کي وعده معاف گواھ ڪري ڀٽي صاحب کي تخت دار تي چاڙھي ڇڏيو.
جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا پئي آئي ته عالم اسلام خاص ڪري لبيا، شام سعودي عرب ۽ ڪيترن ئي مسلم ملڪن ڀٽي صاحب جي جان بخشڻ لاءِ اپيلون به ڪيون ليڪن کيس ڪابه رعايت نه ڏني وئي جنهن جو سبب آصف علي زرداري جي پي ڊي ايم جي معاملي تي ڏنل بيان مان هاڻ وڃي سمجھه ۾ آيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جو شايد ڊوميسائل ڪمزور هو.
ياد رهي ته نواز شريف کي 1999ع ۾ غداري جي مقدمي ۾ عمر قيد جي سزا ملي ليڪن سعودي عرب جي وچ ۾ اچڻ جي ڪري کيس پوري فيمليءَ سان ملڪ کان ٻاھر موڪلي سندس سزا معاف ڪئي وئي، سعودي عرب ۾ ايئرپورٽ تي سعودي شھزادي جو ذاتي جھاز ھنن جي لاءِ منتظر ھو. وري نواز شريف 2007ع ۾ واپس آيو ۽ 2009ع ۾ ڪورٽن ان جي غداري ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ھن کي وري نئين سر ملڪ جي سياست لاءِ اھل قرار ڏنو ويو. نواز شريف کي 2013ع جو اقتدار ملي ويو ۽ 2017ع ۾ ھن جي حڪومت کي ختم ڪري 10 سال سزا ملي ليڪن 2019ع ۾ وري ڪورٽن ھن کي علاج لاءِ لنڊن موڪلي اڻ سڌي طرح آزاد ڪري ڇڏيو، نوا شريف سڄو خاندان بحافظت لنڊن ۾ڇڏي مريم نواز سان واپس پھتو ته ھن کي جيل ته موڪليو ويو ليڪن هڪ دفعو ٻيهر کيس علاج لاءِ لنڊن روانو ٿيڻ جي اجازت ملي وئي جنهن کان پوءِ هو وري واپس ناهي وريو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايترين سارين سهولتن ۽ فراخدلين وارين رعايتن مان ڪا هڪ رعايت اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڇاجي ڪري نه ڏني وئي؟ شايد ان ڪري جو سندس ڊومائسائيل ڪمزور هو! ڀٽي جي ڦاسي کان پوءِ اھا ڳالھه ثابت ٿي ويئي آھي ته طاقتور صوبي جي قيدين لاءِ قانون ڪمزور ۽ ڪمزور صوبي جي قيدين لاءِ قانون وري طاقتور آهي.
ھن وقت جي صورتحال ۾ به عمران خان ۽ سندس ٽيم امپائر جي امڪاني فيصلي خلاف جيڪو احتجاج ڪيو آھي ان جي رزلٽ جي کين اڳواٽ ئي خبر آھي ۽ هو ڄاڻن ٿا ته تمام تر احتجاجن جي باوجود فيصلي جو اختيار وري به امپائر وٽ ئي آھي، امپائر جو ڏنل فيصلو ئي فائنل ھوندو جنهن جي خلاف ڪابه اپيل ڪري نٿي سگهجي. بحرحال امپائر هن وقت کلاڙين جي ٿيل سخت احتجاج کان پوءِ باريڪ بيني سان ايڪشن ريپلي ڏسي رهيو آهي جنهن کان پوءِ فيصلو اهو ئي ٿيندو جيڪو اڳواٽ ئي اسان سڀني کي معلوم آهي.