سنڌ ۾ سياست ۽ تبديلي جو خواب

0
527

ڪجھه ڏينھن پھريان شھيد بينظيرآباد ضلعي جي شھر دولتپور ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کان جڏھن  اتان جي ھڪ صحافي سندس دور حڪومت ۾ ڪراچي ۾ لساني تنظيم پاران ٿيل 12 مئي واري  واقعي تي سوال ڪيو ته جواب ۾ اڳوڻي وڏي وزير   پريشاني ۾ صحافي کان پڇندو رھيو ته اھو سوال پڇا ڪرڻ لاءِ ڪنھن ڏنو آھي؟ بھرحال بغير ڪنھن مطمئن ڪندڙ جواب جي پريس ڪانفرنس ختم ڪئي ويئي. ارباب غلام رحيم جي دولتپور ۾ انڙ ڀائرن سان ملاقات دراصل تازو جي ڊي اي کي الوداع ڪري پاڪستان جي حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪندڙ پراڻي سياستدان ارباب غلام رحيم جو وزيراعظم عمران خان طرفان سنڌ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي جي حوالي سان مختلف شخصيتن سان ملاقاتن واري سونپيل ٽاسڪ جي ڪڙي هئي. جنھن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ وڏا وڏا نالا پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندا.
چوڻي آھي ته محبت ۽ جنگ ۾ ھر شيءَ جائز آھي ايئن ئي سياست ۽ سياستدانن ۾ به ڪجھه حرف آخر ناھي. گھڻو پري ڪونه ٿا وڃون ارباب غلام رحيم پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ کان ٻه ھفتا کن پھريان ڪلوئي ڀرسان قائم فارم ھائوس تي پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان کي ھڪ دفعو ٻيھر شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ته عمران خان ۽ انجي پارٽي بھتر حڪمراني ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي آھي، پارٽي منشور مطابق ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ته ٺھيو پر پنھنجي حڪومت بچائڻ ۾ پوري آھي. ھن پنھنجي اتحاد جي ڊي اي کي به صلاح ڏني ته حڪومتي اتحاد مان ھٿ ڪڍجن. اھڙي ساڳي قسم جي ھڪ پريس ڪانفرنس اڳوڻي وڏي وزير جنوري 2021ع ۾ ٿر جي تڪ پي ايس 52 تي پيپلزپارٽيءَ جي وفات ڪري ويل ايم پي اي سيد مردان علي شاهه واري سيٽ تي سندس پٽ سيد امير علي شاهه ھٿان ويھه ھزارن کان مٿي ووٽن جي  شڪست بعد  ڪئي ھئي، ان ۾ عمران خان ۽ سندس پارٽي جي خلاف سخت لفظن جو استعمال ڪيو ھيائين ته عمران خان اسان کي اڳتي آڻي اسانجي سار نه لڌي، اڍائي سال گذرڻ باوجود ھن حڪومت ٻوٽو نه ٻاريو. جيڪڏھن عمران ۽ سندس حڪومت جو اھو رويو رھيو ته ھنن تي ڪير اعتبار ڪندو؟
ھاڻ سوال اھو آھي ته ارباب غلام رحيم جي آخري پريس ڪانفرنس ۽ شموليت جي وچ واري ٻن ھفتن ۾ اھڙو ڇا ٿيو جو جي ڊي اي جو اھم اڳواڻ پي ٽي آئي ۾ شموليت اختيار ڪري ٿو وٺي جڏھن ته جي ڊي اي اڳ ۾ ئي حڪومت جي اتحادي آھي.
ھڪ ڳالھه ته واضح آھي پاڪستان جي سنڌ کانسواءِ سڀني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آئي جي سڌي يا اڻ سڌي ريت حڪومت آھي، صرف سنڌ ئي واحد صوبو آھي جتي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان ڪنھن به ڳالھه تي متفق ناھي ۽ ھر مسئلي تي موثر انداز سان آواز اٿاري پئي، اھو اين ايف سي ايوارڊ ھجي، پاڻي جو مسئلو ھجي يا وسيلن جي ورڇ. ڪورونا فنڊز جا معاملا ھجن يا ويڪسين ورھاست جا! ھر فورم تي اٽڪيل آھن. سنڌ اسيمبلي ۾  پي ٽي آئي جي ايڪويھه ميمبرن سميت جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سميت مخالف ڌر به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگھي آھي.
انھي صورتحال ۾ عمران خان طرفان حاضر وقت ۾ ارباب رحيم کي اسلام آباد گھرائي ، پارٽي ۾ شامل ڪري سنڌ ۾ پارٽي تنظيم سازي جو ٽاسڪ ڏيڻ شايد ايترو فائديمند ثابت نه ٿئي پر ايترو ضرور آھي حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي سان ٽيون ماڻھو گڏائي ڪري پيپلزپارٽي خلاف گوڙ گهمسان وڌيڪ موثر نموني پيدا ڪري سگھجي ٿو، پر حقيقت ۾ اھو گوڙ گهمسان پارٽي کي سگھاري ڪرڻ بدران وڌيڪ اڪيلو ڪندو. ڇوته تحريڪ انصاف ڪڏھن به سنڌ جي حقيقي مسئلن تي سنڌ جي ماڻھن سان گڏجي ڪو آواز ڪونه اٿاريو آھي .گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جيڪو وفاق ۾ حڪومتي اتحاد جو حصو آھي اهو به سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ھميشه ماٺ رهيو آهي چپ جو علم بلند ڪري رکيو آھي حالانڪه سنڌ اسيمبلي ۾ نصرت سحر عباسي ، وفاق ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فھميدا مرزا سميت ٻيا اڳواڻ پيپلز پارٽيءَ جي خامين خلاف ته وڏيون وڏيون تقريرون ڪندا رھيا آھن پر بحريه ، پاڻي ، اين ايف سي ايوارڊ معاملن تي چپ کي بھتر سمجھيو آھي، راز ڇا آھي اھو راڻا ۽ راڻيون ئي سمجھي سگھن ٿا.ڪراچي جي سياست جا رنگ به ھن وقت نرالا آھن، مختلف سياسي نظريا رکندڙ پارٽيون متحدہ، جماعت اسلامي ۽ پاڪ سر زمين پارٽي ڪراچي تي حڪمراني لاءِ سرگرم آھن اوھان ڪراچي جا روڊ رستا گھمي ڏسو ٽنھي پارٽين جي ھڪ جھڙي حڪمت عملي ملندي چاھي اھي ڪراچي مسئلن تي بينر بازي ھجي، يا احتجاج ۽ ريليون ھجن. متحده پنھنجي حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنھنجي اصلي بيانيي کي جاري ۽ ساري رکيو اچي ته ڪراچي صوبو انھن جو حق آھي پر ھاڻ ڪراچي جي عوام وقت گذرڻ سان گڏ شايد سمجھڻ شروع ڪيو آھي ته انھي نعري ۾ کوکلوپڻ وڌيڪ آھي انھي جي لاءِ ايندڙ وقت اھو نعرو ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دوکو ڏيئي سگھي ٿو. ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي به اڳ کان اڳري نظر اچي پئي ڪجھه ڏينھن پھريان سنڌ جي وڏي وزير جي معاون خصوصي مرتضيٰ وھاب صديقي کي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ لاءِ بيازي بازي ھٿ سان شروع ڪرائي ويئي آھي، جيئن مخالفن جو پاڻي ڏسي سگھجي جنھن جي نتيجي ۾ ٻين پارٽين اڻ سڌي طرح ٿوري گھڻي مخالفت ڪئي آھي پر گورنر سنڌ سميت پي ٽي آئي اڳواڻ کليل نموني انھي مقرري جي سخت مخالفت ڪندي نظر آيا آھن. سنڌ ۾ اڪيلي پي پي جي حڪومت ھجڻ سبب قانون سازي آسان آھي انھي آساني جو فائدو وٺندي پيپلز پارٽيءَ ڪراچي ۾ پلاننگ سان انتظامي تبديليون ڪري رھي آھي جنھن جو مثال ڪياماڙي ضلعو آھي ۽ ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي پکيڙ جي حساب سان وڏي ضلعي ملير کي به ٽوڙي ٻن ضلعن ۾ ورھايو وڃي جھڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاھڻ تي ڪم ھلي رھيو آھي. نتيجي ۾ ايندڙ اليڪشن چاھي اھي بلدياتي ھجن يا عام پيپلزپارٽي فائدو کڻي سگھي ٿي.جئين ارباب غلام رحيم کي تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪري تنظيم سازي جون ذميواريون ڏنيون ويون آھن، جنھن سان سندس ئي پارٽي جا اڳواڻ خوش آھن يا ناخوش اھا ٻي ڳالھه آھي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کان پوءِ ڪجھه سياسي اڳواڻن ته پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ۾ ئي عافيت سمجھي، جڏھن ته ڪجھه اڳواڻ سٺي وقت جو انتظار ڪرڻ لاءِ گھرن ۾ ويھي رھيا . ٽن سالن کانپوءِ جيئن ئي ارباب کي ذميواري ملي آھي ۽ ڪجھه بلدياتي اليڪشن جي چرپر ٿي آھي انھن گھر ويٺي سٺي وقت جو انتظار ڪندڙ سياستدان عملي طور ٻاھر اچڻ جو عملي مظاھرو ڪيو آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ ھڪ سياسي جرڳي ۾ شرڪت ڪئي آھي. انھي شرڪت ڪندڙن جو انگ ميزبانن طرفان  ٻاونجاهه ٻڌايو ويو آھي انھن ٻاونجاھه ۾ ڪيترائي ماضي جا کلاڙي ۽ پارليامنٽرين آھن  جيڪي مختلف وقتن تي ۽ مختلف پارٽين سان لاڳاپيل رھي سياسي توڙي حڪومتي اقتدار ۾ رھيا آھن. پر حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته ڪجهه قومپرست اڳواڻ به انھي ڪٺ جو حصو رھيا. پي ٽي آئي جو محمد ميان سومرو ته موجود ھو پر ارباب محمد رحيم ڪونه ھو. ظاھري طور تي اھا مستقبل جي بلدياتي يا عام اليڪشن جي  حڪمت عملي ھئي پر شامل ليڊرن جي لسٽ ۽ ضلعا ڏيکاري وفاقي حڪومت کي پڻ اھو پيغام ڏنو ويو آھي ته پوري سنڌ ھڪ ويٺي آھي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف صف بندي مڪمل آھي صرف موقعو ڏيو. سڀني کان حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھه انھي سڄي سياسي ڪٺ ۾ قومپرست سياستدانن  جي شرڪت ھئي. اطلاع مطابق ڪنھن ھڪ به سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جھڙوڪ بحريه مسئلو تي چپ به نه چوريا، پوءِ اھي مليل ھدايت نامي جا اثر ھيا يا ھمراھن جي ھمت جواب ڏيئي ويئي اھو ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو.سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪافي وقت کان حڪومت آھي، گھڻي ڀاڱي سنڌ جا مسئلا اڃان حل طلب آھن جھڙوڪ خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال، بحريه، پاڻي ورڇ، پيئڻ جي صاف پاڻي ، سيوريج، تعليمي سھوليتون، رشوت وغيره. اھا ھڪ کليل حقيقت آھي ته سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ پنھنجا سڄڻ سڃاڻڻا پوندا جيڪي صرف سنڌ ۽سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم ڪن، روايتي سياست ۽ سياستدانن کي ذاتي مفادن واري دنگل مان ڌڪي ڪڍڻو پوندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ھر سنڌ جو رھواسي ھر انھي ماڻھو کي ووٽ ڏيئي جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ سرعام وچن ڪري. اھڙن ماڻھن کي اسيمبلين ۾ پھچائڻ گھرجي جيڪي سنڌ واسين ۽ سنڌ جي مفادن سان سلھاڙيل ھجن.