قوم پرست ۽ “سنڌ عوامي اتحاد”

0
430
بجيٽ ۽ مهانگائي

سنڌ حڪومت کان ٻاهر رهڻ وارن حڪومت خلاف هڪ اتحاد ڪيو آهي جنهن جو نالو رکيو ويو آهي، “سنڌ عوامي اتحاد”. اڄ ڪالهه هر شئي “عوامي” ٿي پئي آهي، جيئن استعمال جي هر شيءَ اشتهارن ۾ “خالص” هوندي آهي. ايئن ئي سياسي جدوجهد جو هر عمل اعلان ۾ “عوامي” هوندو آهي. پوءِ ڪير به ڪري. ڪنهن جي به خلاف ٿئي پر هوندو عوامي اهو طئه آهي. حقيقتون هر ڪو پاڻ ڄاڻي، باقي دعوائن ۾ گهٽ نه ٿيندي آهي. هي اتحاد به ان ڳالهه کان گهٽ ناهي. اهو “عوامي” آهي.
اتحاد ڇا ڪندو؟ پ پ حڪومت جو سياست ۽ اليڪشن ۾ مقابلو ڪندو، اهو مقابلو اهي سمورا گڏجي ڪندا جيڪي اڳي ڪنهن نه ڪنهن طور تي هڪٻئي جو مقابلو ڪندا رهيا آهن انهي پ پ ۾ شامل رهي ۽ ان جي حڪومت جو حصو رهي ڪري ڪندا رهيا آهن. اهو عوام کي ياد نه رهي ، ياد بس اهو رکڻو آهي ته اها پ پ ۽ سندس حڪومت اڳي نه پر هاڻي ٺيڪ نه پئي ڪري، ڇاڪاڻ جو هي صاحب ان ۾ شامل ڪونهن، جيڪي پارٽي ۽ ان جي حڪومت ۾ شامل آهن جيڪڏهن نه هجن ها ته اهي به هيڏي هنن سان ڏسو ها، ڇاڪاڻ جو ٻاهر رهڻ جي صورت ۾ ايئن ٿيندو آهي.
سياسي، سماجي ۽ اقتصادي قد ڪاٺ رکڻ وارا ڪي ماڻهو اهڙا آهن. جيڪي جتي به هجن ۽ جنهن پاسي به هجن اهو ئي ٺيڪ هوندو آهي ۽ ٻئي پاسي ناحق هوندو آهي ڪنهن به پوزيشن ۾ جيترا گڏ هجن، اوتري حد تائين حق هوندو آهي باقي سارو ناحق هوندو آهي. هي جيترا هڪٻئي جي مخالف پوزيشن ۾ هجن حق ۽ ناحق به اوتري پوزيشن ۾ ورهايل هوندو آهي. انهي حساب سان هنن جي پنهنجن قولن بيانن ۽ اعلانن مطابق هي خود به ڪڏهن ناحق ٿي رهيا آهن . اهو ناحق جيڪو هن وقت حڪومت جو ٿا سمجهن، حق به هنن جو پنهنجي قسم جو هوندو آهي.
ناحق جي هنن جي پنهنجي تشريح آهي ۽ عوامي به جنهن کي هي چون . دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو حق ۽ نا حق هنن جي موڊ سان مٽبو رهندو آهي. جاڏي پير تاڏي حق، جا ڏي پٺي، تيڏانهن ناحق ئي ناحق!! سياست کي پنهنجي اخلاقيات آهي، پنهنجي ڊڪشنري آهي.
هي اتحاد جيڪو اشتهاري يقين ڏيارڻ جهڙو عوامي آهي. باقي حد تائين “پرائيويٽ لميٽيڊ” آهي خاص شخصيتن جي ناراضگي ۽ مايوسي جي انتها آهي. انهن مان جن کي اقتدار ۽ اختيار جي ڏني مان ٿورو ڏنل هجي ها، اهي هتي نه ڏسو ها. انهن کي گڏجي ويٺل نه ڏسو ها جن ماضيءَ ۾ هڪٻئي خلاف انتهائي سخت راءِ به رکي آهي ۽ جدوجهد به ڪئي آهي جيئن حڪومت ۾ ڪن کي مطلب گڏ ڪندا آهن تيئن هنن کي مجبورين گڏ ڪيو آهي. لطيف چواڻي
اچو سورن واريون، ڪريون سُور پچار
ڪن ٿورا ڪن گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار
هنن مان هڪڙا ڪاوڙ سان ڀرجي شريڪ ٿيا آهن ته ٻيا مايوسيون پلئه ۾ ٻڌي پڳا آهن. هڪڙن کي ڪالهه جي ڪاوڙ چڙهيل آهي ته ٻيا جنم جنم جو رنج رکي شريڪ ٿيا آهن. هڪڙن کي ازالو گهربل آهي، ٻين کي مخالفت ڪرڻ جو موقعو کپندو آهي. ڪن جو وري تقريرن ڪرڻ جو شوق پورو ٿيندو آهي. ان کان وڌيڪ انهن جي ڪا ايجنڊا ئي شايد نه هجي. هنن جي مومل هڪڙي ناهي، راڻو به هر ڪنهن جو ٻيو ٻيو آهي.
هي سڀ هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو ناهي، ڪن پنهنجي اهميت ٺاهي، يا جتائي هوندي جيئن پ پ وٽ اگهامجي وڃون، ڇو ته هو ماضي ۾ پ پ جي مرڪزي پوزيشن تي رهيا آهن. وري ملي ۽ ٿوري ملي ته هو ڪيڏانهن ناهن وڃڻا. سنڌ جا حق، اهي ٻيٽ سڀ وسري ويندن، رڳو پ پ ۾ پهچن پوءِ جيڪو پارٽي ڪري اهو ٺيڪ لڳندن. ايئن ئي ٻوليندا جيئن اندر ويٺل ٻولين ٿا. جيستائين ٻاهر آهن ته ٻولي ٻي اٿن. سو اهڙن جي ڳالهه تي پت ڪرڻ اشتهارن تي يقين ڪرڻ جهڙو هوندو. هنن جو حقيقي اهو ڪونهي جيڪو رنج ڪاوڙ۾ اچي رکندا آهن. هنن جا ٻول ٻن طلاقن جهڙا هوندا آهن جيڪي رجوع ڪرڻ سان رو ٿي ويندا آهن. هنن جو حقيقي موقف اقتداري پوزيشن هوندو آهي. سرڪار ۾ هوندا ته سرڪاري موقف هنن جو موقف سمجهيو وڃي، ٻاهر هجن ته مخالف ڌر جي ڳالهه هنن جي من جي ڳالهه هوندي، حقيقتن کي سمهجي ڇڏجي.
قومپرستن سان موقعي پرستن جو گڏ ويهڻ انهي فلاسافي وارو آهي ليڪن هنن سان قومپرستن جو گڏ ويهڻ مايوسي سان گڏ بيوقوفي جي انتها آهي. ڇا هنن کي خبر ناهي ته هي ماضي جا وزير ۽ مشير هميشه هنن جي ڪاوڙ استعمال ڪري پنهنجو ڪم ڪڍي ويندا آهن ؟ جڏهن به جنهن کي وقت جي حڪومت تي پريشر وجهڻو هوندو آهي. اهو سنڌ جي ڳالهه ڪري قومپرستن جي غصي کي استعمال ڪندو آهي ۽ هن جو ڪم ٿي ويندو آهي. قومپرستن کي قوم جي مسئلن بيان ڪرڻ جون ڳالهيون وڻنديون آهي اهو ناهن ڏسندا ته ايئن ماڻهو هنن جو مٿو ڪوڙي ٿا وڃن. ڇا هن اتحاد ۾ اهي ماڻهو ڪونهن جيڪي ڪالهه پرويز مشرف سان هئا. هن جي ڪالا باغ ڊيم واري مهم سان هئا. ان ڳالهه تي هنن مشرف کي نه ڇڏيو هو، جيستائين اقتدار مان نه نڪتو هي هن جي ڪڇ مان نه نڪتا ها. ڇا هنن ۾ اهي ڪونهن جيڪي نواز شريف سان گڏ هئا. ٽوپي جي ڳالهه کي اشو بڻائي زرداري هنن مان ڪم ڪڍي ويو. قومپرستن کي ڇڏيو ڪنهن آهي؟
هاڻي نئين مان انهن جا ڀرجهلا ٿيندا ۽ پٽڪا ٻڌندا ته ڏيهه ڏسندو!!!
سنڌ عوامي اتحاد کي نه سنڌ جو ٿو چئي سگهجي نه عوامي آهي. اتحاد آهي سنڌ جي ڪن سياسي، شخصيتن جو جن جو هلڻ هڪلڻ هميشه اقتدار سان هوندو آهي، هي تلاءَ جون مڇيون آهن ، جنهن جو پاڻي پوي هي ترنديون، نه ته مرنديون، هي حڪومتن کان ٻاهر نه رهي سگهندا آهن. انهي ڪري ته پارٽيون مٽائيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن پارٽيون مٽائڻ به مشڪل ٿيو پوي، ڇو ته انهن ۾ ڪي هنن جهڙا ويٺا آهن . انهن سان هنن جي ڦٽايل ٿي هجي. دير مدار هي اڳي پوءِ حڪومتن جا وزير مشير ٿيڻا آهن. عوام سان هنن جو درد جو رشتو آهي ئي ڪونه، عوام هنن جي مٺ ۾ هوندو آهي. هي ننڍيون مٺيون آهن، وڏيون مٺيون ٻيون آهن اڳي پوءِ هي وڏين مٺين جون آڱريون آهن. انهي ڪري هن ڀت جي آسري درياءَ ۾ نه گهڙڻ گهرجي، قومپرستن کي ڪاوڙ پنهنجي جدوجهد لاءِ بچائڻ رکڻ گهرجي، هي سنڌين جي ڪنهن ڪم جا ناهن، هنن کي مٿي، چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ رکي نه ڏيو، پنهنجي سمجهه کان ڪم وٺو!!!!!