سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ وسڪارا وقفي وقفي سان جاري، مختلف واقعن ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار

0
384

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ وسڪارا وقفي وقفي سان جاري آھي، وِڄ ڪرڻ ۽ گهر ڊهڻ سوڌو مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

 ميرپور بٺورو ۽ جاتي ۾ وِڄ ڪرڻ سبب نينگر سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خيرپور ڀرسان نينگر گولو ڦلپوٽو ۽ هڪ نينگري برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي

 ٽنڊو ڄام جي ڳوٺ مولا بخش ماڇي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب نينگري حياتي وڃائي ويٺي، شهدادڪوٽ ۾ گهرن جون ڇِتيون ڊهڻ ڪري 2 ڄڻا دٻجي فوت، لاڙڪاڻو ۾ گهر جِي ڇِت ڪرڻ سبب عورت حياتي وڃائي ويٺيپيرونمل ڀرسان ڪار

لاڙڪاڻي جِي ساگر ڪالوني ۾ نينگر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، شهدادپور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت ناصرا پروين راجپوت حياتي وڃائي ويٺي

 ٺل جَي هندو پاڙي ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب عورت دم ڏنو، ڪرمپور ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو راڻو شيخ اجل جو شڪار، صالح پٽ ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگر اسد ملاح سڙي فوت ٿي ويو

 جوهي ڀرسان نينگر فهيم سولنگي ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهاري جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، هڪ ٻيو نينگر شهزاد گوپانگ برساتي پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب دم ڏنو

لکي غلام شاھ لڳ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگر لطيف جوڳي دٻجي فوت، مختلف شهرن ۾ ٻيهر وسڪارو، اڳواٽ پريشانين ۾ ورتل متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا

ھي به پڙھندا

برسات متاثرن جا مظاهرا ۽ ڌرڻا، انتظاميا کي پاراتا

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل