برسات متاثرن جا مظاهرا ۽ ڌرڻا، انتظاميا کي پاراتا

0
238

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات متاثرن امداد ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن

سجاول ۾ دولهه درياهه پُل وٽ برسات متاثرن عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڌرڻو هنيو، جنهن دوران راشن، مڇر دانيون ۽ خيما نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون

مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي برسات متاثرن ۽ ڳوٺاڻن ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته متاثر وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ کان بچائڻ ۽ سار لهڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي امدادي ڪارروائيون شروع نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، انتظاميا تي لاپرواهي ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ جا الزام پڻ هنيا ويا آهن

هڱورجا ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، فيض گنج ۾ امداد نه ملڻ خلاف برسات متاثرن اي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو، جڏهن ته متاثر اي سي آفيس جا تالا ٽوڙي امدادي سامان کڻي ويا

ميرپور ٻرڙو ۾ امداد نه ملڻ خلاف متاثرن احتجاج ڪيو، جنهن دوران پاڻي نيڪال ڪري برسات متاثرن کي ترت امداد ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ميرپور خاص ڀرسان گونگن ۽ ٻوڙن جو ڳوٺ ٻڏي ويو

ميرپور خاص ڀرسان گونگن ۽ ٻوڙن جي وڏي ڳوٺ گلشير گورچاڻي کي به برسات ٻوڙي ڇڏيو، متاثر مدد جا منتظر آهن

مقامي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به متاثر ڳوٺاڻن جي سار نه لڌي، جنهن سبب سندن حالت خراب آهي

گونگن ۽ ٻوڙن جي ڳوٺ ۾ 15 هزار کان وڌيڪ آبادي رهي ٿي، متاثر ڳوٺاڻن طرفان اشارن سان سرڪار ۽ سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل