سنڌ ۾ برسات جون تباھيون: سم نالن کي گھارا، ھزارين گھر پٽ پئجي ويا، شھرن جو ڳوٺن سان رابطو ڪٽجي ويو

0
385

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برسات جون تباھڪاريون جاري آھن، مختلف شھرن ۾ رات کان وقفي وقفي سان ڪٿي تيز تھ ڪٿي ھلڪي برسات جاري آھي، متاثرن جا اھنج ٻيڻا ٿي ويا

پنو عاقل ڀرسان ڪارو نارو سِم نالي کي لڳل گهارو 300 فُٽ کان وڌي ويو، پاڻي ڀرپاسي قائم ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، سوين ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو

متاثرن کي محفوظ هنڌن تي متقل ٿيڻ ۾ ڏُکيائيون ٿي رھيون آھن، ڪريم بخش کوسو ڀرسان ڳڙهي حسن ڊسٽري کي لڳل گهارو 150 فُٽ ٿي ويو، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي

 300 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، کپرو ويجهو شاهه بخش شاخ کي 10 فُٽ گهارو، پاڻي شهر ڏانهن وڌڻ لڳو، علائقي واسين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ڄامشورو، ڪوٽڙي، کاڻوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جا راڱا،  علي آباد ۾ نئين جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو،  يوسي اويس شاهه ۽ لاکا جو ٻين ڳوٺن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويا

 ٺل، هڱورجا، قاضي احمد ۽ باڊهه ۾ طوفاني وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، راڻيپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهرن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل آھي

 متاثر خاندان رستن ۽ بندن تي کُليل آسمان هيٺ ويٺل، ڪُنب ۾ ڳوٺ حاجي محمد لائق مڪمل طور ٻڏي ويو، چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڳوٺاڻن کي لڏپلاڻ ۾ ڏُکيائيون پيش اچن پيون

 

تنگواڻي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ جي مراد واهہ کي لڳل گهارو بند نہ ٿيو، ڳوٺ بجار آباد،شريف بجاراڻي،صحبت کوسو،درگاهہ پير هيبت شهيد،ملوڪ ڏاهاڻي،مريد نندواڻي سميت سوين ڳوٺ گهاري جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، مين روڊ ٽوڙي پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو آھي

ميان صاحب شهر ۾ تيز برسات جاري، برسات روڪڻ لاءِ هڪ نوجوان طرفان مين بس اسٽاپ تي بيهي آذان ڏني وئي، بارش سبب گهر ڊٿل متاثرين جي مشڪلات ۾ اضافو اچي ويو

تيز برسات جي وسڪاري سبب ڪيترن ئي گهرن کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو انديشو، 6 ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثرين جي سار سنڀال لاءِ سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جو ڪو بندوبست نه ڪيو نه راشن ڏنو ويو نه ٽينٽ ڏنا ويا، غريب ماروئڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن

نئون ڪوٽ ۾ پراڻ ندي کي ڳوٺ سائينداد علياڻي وٽان لڳل هڪ سئو فٽ گهارو پنج ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿيو پاڪ فوج ۽ پاڪ نيوي جا جوان ٻئي ڏينهن به ريسڪيو آپريشن ۾ رڌل آھن

ايل بي او ڊي سم نالي ۾ پاڻي جو چاڙھ برقرار نئون ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کي ميرپورخاص سان ملائيندڙ  ايل بي او ڊي جي پل ٻن ڏينهن کان ٽرئفڪ لا بند پل تان پاڻي جو وهڪرو چار فٽ تائين پهچي ويو.

نئون ڪوٽ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو هلندڙ علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل آھي

تنگواڻي جي ڳوٺ مريد نندواڻي ۾  برسات سبب گهرڊهڻ جي ڪري لڏپلاڻ ڪري حيدرآباد ويندڙ ڳوٺاڻن جي لوڊر رڪشا پيروسڻ وٽ ڪلٽي ٿي پئي

 تنگواڻي واسي  28 سالن جو نوجوان تارو مل ۽ 10سالن جي نينگري ڌاني ماڙوائي فوت ٿي ويا 2زخمي زخمين ۾ فوتي تارو مل جي گهرواري شامل اطلاع تي وارث لاش کڻڻ لا روانا ٿي ويا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جا اھنج ٻيڻا، سوين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ماڻھن ۾ خوف

سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ وسڪارا وقفي وقفي سان جاري، مختلف واقعن ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار