سنڌ ۾ جاري تيز وسڪارن ۽ وڌيڪ برساتن جِي اڳڪٿي سبب 24 ۽ 25 آگسٽ تي تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

0
305

سنڌ ۾ جاري تيز وسڪارن ۽ وڌيڪ برساتن جِي اڳڪٿي سبب اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته برساتن سبب سڄي سنڌ ۾ اربع ۽ خميس تي سمورا نجي توڙي اسڪول ۽ ڪاليجز بند رهندا

 

صوبائي وزير اسماعيل راهو اعلان ڪيو آهي ته اربع ۽ خميس تي سموريون نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽيز ۽ بورڊز بند رهندا، مٽياري ضلعي ۾ اڄ کان 27 آگسٽ ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ اڄ کان 26 آگسٽ تائين نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند رهندا، ٻنهي ضلعن جَي ڊي سيز نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي تعليمي بورڊ 24 ۽ 25 آگسٽ تي رٿيل سمورا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا، ڪراچي يونيورسٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ 24 ۽ 25 آگسٽ تي رٿيل امتحان ملتوي

ڪراچي تعليمي بورڊ 24 ۽ 25 آگسٽ تي رٿيل سمورا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا، ترجمان جو چوڻ آهي ته ملتوي ڪيل پيپرن جي نين تاريخ جون اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ اڄ سڀئي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ ۾ جاري برساتن جو سلسلو 26 آگسٽ تائين جاري رهندو