سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ اڄ سڀئي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
425
ٽي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجڻ جو اعتراف: ليڪچرن نه پر تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو: مقبول باقر
ٽي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجڻ جو اعتراف: ليڪچرن نه پر تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو: مقبول باقر

سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ اڄ سڀئي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تعليم واري وزير سيد سردار شاھھ موجب موسم جي صورتحال ۽ تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي اڄ تعليمي ادارا بند رھندا

سيد سردار شاھھ جو چوڻ آھي تھ فيصلو سڀني نجي ۽ سرڪاري اسڪولن تي لاڳو ھوندو

يونيورسٽي بابت وزير اسماعيل راھو جو بھ چوڻ آھي تھ  موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون بند رھنديون

انھي کان اڳ آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪالجز ايسوسيئيشن غيريقيني موسم جي صورتحال سبب پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج اجه بند رکڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي.

آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪالجز ايسوسيئيشن غيريقيني موسم جي صورتحال سبب جمعي تي پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪالج بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ۽ ڪاليجز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حيدر علي جو چوڻ آھي تھ برساتن سبب متاثر ضلعن ۾ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

حيدر علي جو چوڻ ھو تھ حڪومت اڃان تائين سرڪاري بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبھ فيصلو ناھي ڪيو ويو

ياد رھي تھ وچ بحيرھ عرب ۾ ٽراپيڪل سامونڊي طوفان ٺھي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقي ۾ تيز ھوائن سان گڏ طوفاني برساتن جو امڪان آھي

موسميات کاتي موجب سائيڪلون ڪراچي کان 300 ڪلوميٽر پري آھي جيڪو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ مڪران جي سامونشي علائقن ۾ تيز برساتن ۽ تيز ھوائن جو سبب بڻجي سگھي ٿو