عوام حيران پريشان: وفاقي سرڪار پيٽرول مھانگو ڪري ڇڏيو

0
377

تبديلي سرڪار جِي تبديلي عوام جون دانهون ڪڍي ڇڏيون، وفاقي حڪومت پيٽرول قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت پيٽرول قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قميت ۾ 4 روپيا اضافو ڪيو آهي ،جنهن بعد في ليٽر پيٽرول جي نئين قميت 127 روپيا 30 پيسا ٿي وئي.

نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل 2 رپيا مهانگي ڪئي وئي جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 122 روپيا 4 پيسا مقرر ڪئي وئي، گاسليٽ جَي في لٽر اگهن ۾ 8 رپيا 82 پيسا واڌ سان نئون اگهه 99 رپيا 51پيسا في لٽر مقرر ڪيو ويو.

جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل 7 رپيا 5 پيسا مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد لائيٽ ڊيزل في ليٽر جو نئون اگهه 99 روپيا 31 پيسا مقرر ڪيو ويو.

ناڻي واري وزارت موجب، تيل جا نوان اگهه اڄ رات 12وڳي کان لاڳو  ٿي ويا.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت 15 سيپٽمبر تي به پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيا ۽ پيٽرول شين جي في ليٽر ۾ 5 روپين کان وڌيڪ  جو اضافو ڪيو هو.