سنڌ ۾ اٽي جي بحران خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

0
261
اٽي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا
حيدرآباد، سکر، دادو، هالا، خيرپور ۽ نبي سر روڊ ۾ به اٽي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي بحران خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي

نوابشاهه ۾ اٽي جي اسٽالن تي عورتن ۽ ٻارن جي رش رهي، جڏهن ته عورتون ٽرڪ جي هيٺان گذري اٽو وٺندي نظر آيون
حيدرآباد، سکر، دادو، هالا، خيرپور ۽ نبي سر روڊ ۾ به اٽي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

سيهڙ، نندو، سٺ ميل، نئون آباد ۽ ٻين شهرن ۾ اٽي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا آهن
ڪنري ۾ اٽي جي کوٽ خلاف ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو، نيو سعيد آباد ۾ اٽو وٺڻ لاءِ پهتل ماڻهن جي پيهه نظر آئي، جڏهن ته هڪ ٻئي کي ڌڪا پڻ ڏنا ويا

دادو ۾ ماڻهن جي رش ڏسي اٽي واري گاڏي واپس موٽائي وئي، شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۾ اٽي جي بدترين بحران خلاف ماڻهو سراپا احتجاج، گاهه کائي مظاهرا

سنڌ واحد صوبو آهي جتي سرڪاري اگهه تي سستو اٽو ملي رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

وڏي وزير مراد علي شاهه هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس ورتو