سنڌ جي ساڃاهه وندن ڊجيٽل آدمشماري تي سوال اٿاري ڇڏيا

0
389
ڊجيٽل آدمشماري تي سوال اٿاري ڇڏيا
سنڌ جي ساڃاهه وندن ڊجيٽل آدمشماري تي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ جي ساڃاهه وندن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهرشماري تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا

https://www.pbs.gov.pk/
اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو آهي ته سنڌ سرڪار اڃا تائين صوبي جو سينسس ڪمشنر ڇو مقرر نه ڪيو آهي، سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سينسس ڪمشنر جي مقرري ضروري آهي
ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي فضل الله قريشي چيو ته گذريل آدمشماري جيان هيل به سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي آدمشماري واري عمل ۾ ڀرپور نمائندگي ملڻ گهرجي
ناليواري آئيني ماهر شهاب اوستو چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، غير قانوني پرڏيهين کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ سان سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي
هن چيو ته سنڌ ۾ اهڙي ڊيموگرافڪ تبديلي آئي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي صوبي اندر حڪمراني وارو حق به وڃائي ويهندا

هن کي به پڙهندا

ايم ڪيو ايم جي ٻيهر ڌمڪي، اسان چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته ڪير به بيهي نه سگهندو

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو: ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط ختم

ڪراچي ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري تي ڳڻتيءَ ظاهر