ايم ڪيو ايم جي ٻيهر ڌمڪي، اسان چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته ڪير به بيهي نه سگهندو

0
527
ايم ڪيو ايم جي ٻيهر ڌمڪي
ايم ڪيو ايم جي ٻيهر ڌمڪي، اسان چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته ڪير به بيهي نه سگهندو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سر زمين پارٽي جي گڏيل سڏ تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو آهي ته نئين تڪبندين کانسواءِ مڪاني چونڊون منظور نه آهن، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم چونڊون نه وڙهيون ته پوءِ ڪير به چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو
ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ جعلي ووٽر لسٽون ٺاهي اسان جو تعداد گهٽايو ويو آهي، مڪاني چونڊون لساني ۽ تعصباڻيون لڳن ٿيون
هن چيو ته اسان وڙهڻ نه ٿا چاهيون پر توهان کي خبر آهي ته اسان وڙهي سگهون ٿا، وزيراعظم کي چئون ٿا ته هي بليڪ ميلنگ ناهي پر نيون تڪبنديون نه ڪرايون ويون ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين
اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران متحده جي احتجاج ۾ فاروق ستار ۽ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به شرڪت ڪئي
مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي تي منصوبابندي تحت قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ وڏي وزير جي ذميواري آهي

هن کي به پڙهندا

فوج ۽ رينجرز سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو: ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط ختم

ڪراچي ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري تي ڳڻتيءَ ظاهر