سنڌ ۾ اٽي جي بدترين بحران خلاف ماڻهو سراپا احتجاج، گاهه کائي مظاهرا

0
193
سنڌ ۾ اٽي جي بدترين بحران
سنڌ ۾ اٽي جي بدترين بحران خلاف ماڻهو سراپا احتجاج، گاهه کائي مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جي بدترين بحران خلاف ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، مختلف شهرن ۾ ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا
حيدرآباد، مٺي، ڪنڊيارو، ڏيپلو، مٽياري، لاڙڪاڻو، جاتي، پنگريو ۽ فيض گنج ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
شهدادڪوٽ، نئون آباد، ڪي اين شاهه، ڀٽ شاهه، سٺ ميل، اڏيرو لال، دولتپور ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
حيدرآباد ۾ خواجا سرائن سڪل مانيون کڻي احتجاج ڪيو، خيرپور ۾ اٽي جي بحران خلاف احتجاج ۾ عورتن به شرڪت ڪئي
قمبر ۾ اٽي جي کوٽ خلاف شهرين پاران گاهه کائي انوکو احتجاج ڪيو ويو، سانگهڙ ۾ سستي اٽي جي اسٽال تي خلق اٿلي پئي، ماڻهن هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا
شهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسٽالن تي ٿورو اٽو آڻي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو پيو وڃي، سرڪاري اسٽالن تان وڪرو ٿيندڙ اٽي جو اسٽاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي