سنڌ واحد صوبو آهي جتي سرڪاري اگهه تي سستو اٽو ملي رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

0
249

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي سرڪاري اگهه تي سستو اٽو ملي رهيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته ميرپور خاص ۾ اٽي جي اسٽال تي هڪ ماڻهو فوت ٿيڻ واري واقعي تي افسوس ٿيو، سستي اٽي جي اسٽالز جو انگ وڌائي رهيا آهيون

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار جيڪا ڪڻڪ خريد ڪئي هئي ان مان سستو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، پرائيويٽ ماڻهن پاران خريد ڪيل ڪڻڪ جو اٽو اسٽورز تان مهانگن اگهن تي ملي ٿو

هن چيو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ پئسا هوندا اهو اسٽور تان اٽو 9وٺندو، جنهن ماڻهوءَ وٽ پئسا نه هوندا اهو سرڪار اسٽال تان اٽو خريد ڪندو